ملائي نيڻ نيڻن سان
اُڏائي ٽھڪ فضائن ۾
انڌي اهنڪار جو هڪڙو
چوين ٿي غم ڪهڙو آ؟
روئڻ جو ڪم ڪهڙو آ؟
چوين ٿي چاندني جهڙو
وڳو ڪو نئون ڀلو وٺجي
لڳائي کنڀ محبت جا
عقابن جئين سدا اُڏجي
اُتي هلجي جتي ڪوئي
ڏُکيو ناهي بکيو ناهي
مگر منهنجي سڀاڳي ٻُڌ!
ڪٿي هلجي يڪو لڏجي
سنڌو ۾ ساھ پنهنجي کي
ڪڍان پوءَ جند ڪئين رهندي؟
اڪيلي سنڌ ڪئين رهندي؟
چوين ٿي چاڳلي سانئڻ
هٿن ۾ ھٿ ڏيئي هلجي
غمن کان پاڻ کي پلجي
سمو ڪو سُک جو سلجي
رنگيلي ريٽ تي رمجي
ڪَتي ۾ قرب جي ناهي
چوين ٿي چيٽ ۾ ملجي
مگر منهنجي سڌُوري ٻُڌ!
وطن سڪرات ۾ آهي
وڏي ڪنهن گهات ۾ آهي
وساري ديس دلبر کي
چپن کي ڪئين ڀلا چُمجي؟
ڀُلائي سور سانگين جا
ڳلن جون ڪئين ڪجن ڳالهيون؟
نڪي جهومڪ نڪي واليون
وطن جي وڏ ڀاڳين جا
سڄا سينگار اُجڙي ويا
هجي جي ديس سُکيو پوءَ
سهاڳڻ سونهن تنهنجي جي
سنواري سينڌ سدا چُمجي
وطن جي ڌيءَ چوان ٿو اڄ
ڀڃي تون چوڙيون ٻاگهل
اکين جي اُڀ تان ڪاجل
ھٽائي هوريان ڇڏجانءَ
هٿن تان گل ميندي جا
اُتاري ڇير ڀي ڇڏجانءَ
اُگهاڙي پير تون هلجانءَ
سندوري رنگ سينڌن جا
ڏُکن ۾ ڪئين ڀلا سوُنهندا؟
جنين جا ور ھجن گهاڻي
اُنهن کي ڇا ڇلا سُونهندا؟
وطن لئه ٿي ڏُهاڳڻ تون
ڪندين ڪا دانهن جي سرتي
صدين لئه سي سنڀاريندي
دُلاري ديس جي ڌرتي
اڃا پئي رت اوڳاڇي
ڏسي پيڙا وطن جي پوءَ
اکين ۾ ڪئين وجهان ڪاجل؟
سمورو ڏيھه ڏوٿين جو
سڄو ڏينهن لُڙڪ لاڙي ٿو
اهو ئي درد ماري ٿو
سنواريان سينڌ ڪئين سانئڻ؟
وطن جا وار وکري ويا
ڏُڪارن ۾ بکون ڪاٽي
اسان جا ٻار وکري ويا
سمهان ڪئين سيج تي سانئڻ؟
مٺي هن ديس جا مارو
وڻن سان ويدنان اوري
وڇائي ريت جون رليون
سواءَ اوڇڻ سُتا آھن
چٻاڙيان ڪئين چڪن ٻوٽيون؟
هتي منهنجا مٺا مارو
ڳڀي کي گند مان ڳولي
بکايل وات ۾ وجهندي
اکين سان مون ڏٺا آهن
پيئان ڪئين پيگ ڀري جانان؟
سنڌُو ۾ هڪ سُتي ناهي
اُڃايل ديس منهنجي جي
صدين کان اُڃ اُجهي ناهي
اُگهاڙا پير نياڻين جا
جلن ٿا روز ڪاڙهي ۾
ملي تن کي جُتي ناهي
وڳا ڪنهن نڪ وڏي پايان؟
لنڱن تي لير هڪڙي ۾
غريبن جو گذر آھي
دکن ۾ ڀي نٿا دانهين
وڏو تن ۾ صبر آهي
ترڻ توڪل سندي تُرهي
ڏُکيو ڏاڍو سفر آهي
ڏُکن ۾ ڏيھه ھوندي ڀي
ڪيون جي عيش عشرت ڪا
اسان لئه سو ڪُفر آهي
اسان جي ڌرم اھڙي جي
خدا کي ڀي خبر آهي