هُو ٻالڪ ننڍڙو موچيءَ جو
ميڻ پُسائي آر ارائي
سڳا سوهي سوچي ويٺو
هُو جو تونگر تر سنڌءِ جو
منهنجي ڀر سان روز لنگهي ٿو
منهنجا ووٽ وٺي هو چڙھيو
هاڻي مونکي ڪون کنگهي ٿو
هن جا شاهي سُک ڏسي بس
مالڪ تو کان سوال پڇان ٿو
منهنجو ڪهڙو دوش ديالو
منهنجو لکيو تو ئي لکيو
هاڻي تون ئي نيٺ نياءَ ڪر
مان ڀي ماڻھون هُو ڀي ماڻھون
منهنجا هن جا رنگ به ساڳيا
انگ به ساڳيا ننگ به ساڳيا
پوءَ هي ڇو تقدير نرالي
منهنجو پيءُ مزدور بٺي جو
ٻچن ڪارڻ ساري زندگي
رُکي روٽي مرچ سان کائي
لسي بدران لُڙڪ پيئندي
مٽيءَ ڳوهي نيٺ مري ويو
منهنجا لٽا ليڙون ليڙون
تن تي چتيون چوپا ڏاڍا
هن جا ڪاٽن ڪوٽ ڪرنڊي
هن جا بُوٽ به سونا روپا
هن جا ڪُتا روز ڪڙھايون
کائي ڪيڏا خوش ٿين ٿا
منهنجي هڪڙي ڀيڻ بکايل
تارا تڪي روز سُمهي ٿي
درد نه ان جو ڪوئي ڄاڻي
جيڪا اصلي ديس ڌڃاڻي
ڳڀي لئه ڀٽڪي وڳي لئه ڀٽڪي
بنان جُتي جي برن ۾ ڀوڳي
سليٽ پين ۽ قلم لئه تڙپي
آديواسي علم لئه تڙپي
مون کان ڪيئي سوال ڪري ٿي
هن کي ڪهڙو جواز ٻُڌايان
پنهنجي ديس ۾ ڌاريون آھيان
منو جي جوڙيل منحوس سسٽم
اوچ نيچ ۾ اڇُوت آھيان
ڇو جو سنڌ جو سپوت آھيان
کٿا ٺاهيان شهر سجايان
ٻنيون پوکيان ٻار پڙھايان
امير ديس جو غريب آھيان
مگر مان بي ضمير ناهيان
هُو ٿو وڪڻي ووٽ اسان جا
ٻنيون ٻارا ڳوٺ اسان جا
هن کي پنهنجو انگ مٺو آ
مون کي سڀ کان اول اسان جي
ديس ڀلي جو ننگ مٺو آ
بُکون ڪاٽي ڀيڻ پڙھائي
پنهنجو سپنو پورو ڪندس
اُماس جهڙي تاريڪي ۾
دُرگا نيٺ سُهائي ٿيندي
سڦل تڏهن هي ڪمائي ويندي
ائين هو سوچي پاڻ سنڀالي
جُتيون جوڙي لُڙڪ اُگهي ٿو
ڄڻ هو پنهنجا زخم سُبي ٿو