ڀريي تُريي ميلي ۾ تون
اهڙو ڪهڙو پور پيو جو؟
مونکي ڳوڙھن منجھه گڏي وئين
کلندي کلندي منهنجي پياري
پنهنجي ڀومي سنڌ ڇڏي وئين
تون جي مهڪ مٽي جي پرکين
ڪجھه پل ترسي ٿوهر هيٺان
ٿڪ ڀڃين ها ساھ پٽين ها
سنڌ ڏسين ها منهنجي سانئڻ!
توسان سارو ڏيھه گهمان ها
ڪينجهر ۾ ڀي ڪنول بڻجي
تنهنجي چوٽي گل ٿيان ها
ڪارونجهر تي مور ٿيان ها
توکي سانوڻ ميگھه وڻي ها
گجندي مينهن جي گوڙ ٿيان ها
سنڌو ۾ تون پير ڌرين ها
ڇولي بڻجي ڏولي ٿيان ها
گورک تي جي ٿڌ لڳي ها
ٻارڻ بڻجي يار ٻران ها
تو ۾ تارون تار تران ها
سيوهڻ ۾ جي رقص ڪرين ها
هڪڙي ڌُن ڌمال ٿيان ها
تولئه يار ڪمال ٿيان ها
موهن جي تون ماڳ هلين ها
سمبارا ڀي ساھ ڇڏي ها
روپا ماڙي ديس اچين ها
دودو تولئه ڀاءُ ٿئي ها
هالا ۾ جي پاڻ ھلون ها
هوُ به هندورو ٿي پوي ها
ڀٽ تي رات ڪٽون ها هڪڙي
لوري شاھ لطيف چوي ها
لاڙ ته تولا لاڏا ڳائي
گوري تنهنجا گهاوَ ڀري ها
تڪڙا تڪڙا تاوَ ڀري ها
پلو تولئه طعام تري ها
وونئڻ ته تنهنجو ويس اُڻي ها
کٿوري ڀي کيس اُڻي ها
هُرٻو تو ۾ حرس ڪري ها
سورج مُکي سينڌ ڪڍي ها
ڪمند مصري روز ورهائي
ميندي تنهنجا موڙ سجائي
ساريون تولئه سهرا ڳائين
ھيڪر تون جي لاڙ وڃين ها
پپر تولئه پينگھه ٻڌي ها
سج لٿي جو موتيو مرڪي
تنهنجي گلي هار ٿئي ها
منهنجو ٻيڙو پار ٿئي ها
ٿر به توتي هٿ ڌري ها
روهيڙو ڀي لوڏ ڪري ها
ڪنڊي ڪيئي ڪوڏ ڪري ها
ٿوهر لاڏا چرميون ڳائي
اڪ ته نيرا جهومڪ پائي
واريءَ تنهنجا پير پکاري
ڏونگر توکي ڏاج ڏي ها
ڀٽون توکي ڀاڪر پائين
ڪونڀٽ ٿي ڪا ڇير پوي ها
تنهنجو ٽڪي پير پوي ها
پر تو سانئڻ ڪون سُڃاتي
پنهنجي ڀومي ڀاڳ ڀٽن جو
هسندي ڪڏندي حُور ڇڏي وئين
صدين جيڏو سُور ڇڏي وئين
وياهي جهڙو پُور ڇڏي وئين
سارا چارا ڳوليندي مان
روح کي رڻ ۾ روليندي مان
ڪيڏو وياڪل ٿي پيو آھيان
تو بن ڪنهن کي هاڻي چاهيان
ڪيڏانهن ڏور هلي وئي آھين
مون مان آھ پلي وئي آھين
منهنجون اکيون ترسن تولئه
راتو ڏينهن ٿيون برسن تو لئه
ڳوڙھا ڪوئي ڪون اُگهي ٿو
مونکي هاڻي موت سُجهي ٿو
تُنهنجي ڇانوَ ڇتن جي ساري
ائين پيو تڙپان ولکان هيڪل
جئين ڪو ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي
بر ۾ پياسو پنڇي ڦٿڪي
ميگها رُت لئه مور پڪاري
جئين ڪا ڊيل ڊڪي ٿي بن ۾
ائين مان توکي ڳوليان من ۾
منهنجي ڪويل ڪاڪ ڌڃاڻي
ڪهڙي ديس اُڏي وئي آھين
جهوري جند ڇڏي وئي آھين
هاڻي ڏس پڇان مان ڪنهن کان
گگن گونگو پاڻ سڏائي
ڌرتي توکان رُٺل آھي
چنڊ ته تُنهنجا پار نه ڏي ٿو
سج به توکان دوُر رهي ٿو
وڻ چون ٿا ويجهي ناهي
سمنڊ کي ڪا سُجھي ئي نٿي
ندي نسورا ڪوڙ ڪري ٿي
هاڻ هوا کان ڪئين پڇان مان
ڏونگر ڪوئي ڏڍ نه ڏي ٿو
پکين کي ڪو پتو به ناهي
درياءَ ڪهڙي دانهن ڏيان مان
مونکي ڪوئي متو به ناهي
هاڻي ڪهڙو شڪ ڪيان مان
دل چوي ٿي پڪ ڪيان مان
تو آ ديس وساري ڇڏيو....!!!!
مونکي جيئري ماري ڇڏيو....!!