هُوءَ جا ڪوٺي تي حياتي ڪٽي ٿي پيئي
تنهن کي طوائف جو ڪوجهو لقب ڪئين ڏجي؟
هُوءَ جا خيمي ۾ کٿوري جيان ٿي کلي
هُوءَ جا گلن کي اکين ۾ سمايو هلي
ھُوءَ جا هٿن ۾ محبت جا پوپٽ جهلي
هُوءَ سڏي ٿي سڏي ٿي ڪنچن ڪلي
تنهن جي پوڄا ڪجي دل جي ديول اندر
هُوءَ جا خوابن ۾ چونئري جا ڦيرا ڦري
هُوءَ جا نئين سج سپنن ۾ نڪاح ڪري
پوءَ به ڪنواري ازل کان هُو سارا جيان
هُوءَ جا امرتا پريتم جو ناول لڳي
هُوءَ جا ساحر جي اکين ۾ سرمي جيان
هوُءَ آ دلين جا ديبل لُٽيندڙ پري
هُوءَ آ اکين جي تيرن سان ڦٽيندڙ پري
هُوءَ آ دينن ۽ ڌرمن کان مٿاهين صفا
هُوءَ بندرا ۾ ڪنعيي جي گوپي جيان
هُوءَ مٺي جي گهٽين ۾ ٻرندڙ ڏيئو
هُوءَ ڪڪر مان چنڊ جو پاتل ليئو
هن جي جوڀن ۾ بهارن جي وڻڦوٽ اٿئي
هن جي ٻوليءَ ۾ تترن جي لولي اٿئي
هن جي ساهن جي رم جهم ۾ سانوڻ وسن
هن جي ٻانهن جي ٽارين ۾ ٻاڄُو لُڏن
هن جي هلڻ ۾ ڪجلي جا گينور لُڇن
هن جي ڪنن ۾ اڪن جا ڦُليا ڪُڏن
هن جي وارن ۾ مُگرا ۽ موتيا گهمن
ھُن جي نيڻن مان اسُو جا موتي ٽمن
هن جي پيرن ۾ پاتل ڇيرن جو قسم
هن جي ڇاتيءَ ۾ دجلا جون لهرون اُٿن
هن جي چهري جي رنگت ۾ ستارا لڀن
هن جي ساهُن جي سفاري آ جنهن به پيتي
تنهن کان اسڪاچ ۽ شيمپئن به وسري ويون
هن جي چپن جي امرت آ جنهن به چکي
تنهن کي انگورن جو رس ڀي ٻاڙو لڳو
هن جي ڇتن جي ڇانوَ ۾ جيڪو سُتو
تنهن کي ڪانڪهي جي ڇانوَ ۾ ڪاڙھو لڳو
هن جي ٻانهن جي هندوري ۾ جيڪو لُڏيو
تنهن کان سرامڻ جون لوڏون به وسري ويون
هن جي وارن کي جنهن به وهاڻا ڪيا
تنهن کي تڪيا ۽ طول به پٿر لڳا
هن جي رقص ۾ جنهن جو به روح ٻُڏو
تنهن کي سمنڊ به چوڏھين جو شانت لڳو
اُن پري کي ڀلا ڪئين وئشيا چوان؟
جيڪا غُربت جي گهاون ۾ پاپڻ بڻي
جيڪا بکن جي ڪاون ۾ ڦٽيل سڄي
جيڪا نصيبن جي ماري ۽ لُٽيل سڄي
تنهن کي دنيا جون نظرون ٿيون دوشي چون
جنهن جي روح کي پويتر چوي ٿي هوا
جنهن جي چپن تي تبسم تري ٿي سدا
جنهن جي پويتر نيڻن کي پوپٽ چمن
جنهن جي جسم ۾ ڪيئي پيا جُگنو گهمن
تنهن کي طوائف چوڻ وڏو دوش آ
ھُوءَ نردوش آ هُوءَ نردوش آ