شاعري

چوئنري مٿان چنڊ

نئون ڪتاب ”چوئنري مٿان چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. فرزانه شاهين لکي ٿي: امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعري تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته هن جي شاعريء ۾ ڀرپوريت آھي ،من ۽ فڪر جو حسين ميلاپ آھي.  سندس شاعريء ۾ هڪ درد آھي، هڪ ڪوڪ آھي ،هڪ ايذاء آھي، هن جي شاعريء ۾ منظرڪشي ايئن هوندي آھي جيئن سهڻي عورت لاء زيور. سونهن فطرت جي هجي يا انسان جي امر ان کي انتهائي موهيندڙ انداز ۾ اظهاريو   آھي، جماليات جي حسناڪين سان سينگاريل سندس تخيل روح ۾ لهي وڃي ٿو .
Title Cover of book چوئنري مٿان چنڊ

هائيڪا / ٽيڙو

اهڙو منهنجو ٿر
کائين بصر ڳنڍ سان
روز روٽي ٻاجهر


اهڙو منهنجو ٿر
مورن ۽ ڍورن جا
وڙڪن جت ولر


اهڙو منهنجو ٿر
تاڙو ٻولي تڙپي
پيئڻ لئه پلر


اهڙو منهنجو ٿر
ڳوٺاڻن جون ڳالهيون
دودا ۽ ڀونگر


ٿوهر بنان ٿر
ويڳاڻو ٿو لڳي
ٻالڪ بنان گهر


ٿوھر مٿان مِينهن
هرڻ بيٺو مُرڪي
سانوڻ سندي ڏينهن


ٿوهر مٿي ويل
مور سڏي مُرڪي
ڍاٽاڻي جي ڊيل


ڳولاڙي جي ول
سُتي آھي ڄار سان
ڳل تي رکي ڳل


ڳولاڙي جي ول
ٻکي آھي ڄار سان
ڪري ڪهڙي ٽل


روهيڙي جو وڻ
بيٺو آھي بر ۾
وينگسن جو ڌڻ


سرامڻ جي ٽيج
ناريءَ پيئي مُرڪي
ڄڻ واڏڙ ۾ ويڄ


مُڪي سان نيٽ
مڙھي ويٺي مُحب لئه
ناريءَ نم هيٺ


ناريءَ تنهنجا چپ
مونکي ائين لڳا
ڄڻ ڪجلاسر جا ڪپ


ناريءَ تنهنجون اکيون
ڳولاڙي جي ول جئين
مونکي آھن ٻکيون


راسُوڙن جي ريت
ٿاريليءَ ٿي نچي
ڳائي لوڪ گيت


راسُوڙن جي ريت
ڪولهڻ تنهنجو ڪنٺ
صدين جي سنگيت


ڪانهوڙي جو ڏڻ
جرڪي ٿي جوانيءَ
ڄڻ ڪاريهر جي مڻ


ناريءَ تنهنجي نٿ
مونکي ائين لڳي
ڄڻ موريئڙي جي پنک


اوٽي مٿان چنڊ
اُڳو آڌي رات جو
اُڏري ويئي ننڊ


اوٽي مٿان چنڊ
ساري رات سُڏڪي
ناريءَ هيڪل جند


اوٽي مٿان چنڊ
ايس ڀڳي اُرھ سان
اهڙي آئي اُڪنڊ


اوٽي مٿان چنڊ
ٻري باھ برھ جي
آڌي رات اکنڊ


اوٽي مٿان چنڊ
ولوڙي وجود کي
عشق جو سمنڊ


اوٽي مٿان چنڊ
وڳو من مندر ۾
ساجن تولئه گهنڊ


اوٽي مٿان چنڊ
ٻار گهرن لولو
ناريءَ جوٽي جنڊ


ڪارڙو ڪونڀارڙو
مينهن لئه ڪري پانپرا
هاريءَ جو ٻارڙو


ڌيمو ٽھُوڪي مور
آئي رُت پياري
کيڏي ٿي ڳڻگور


ڪيڏا ڪوڏ ڪري
ٽاٻر پنهنجي ڏاج لئه
هُرمچ روز ڀري


کيڏي ٿي ڳڻگور
پائي رُت سانوڻ ۾
انڊلٺ جهڙو پور


ريڙھي تي انب
غريبن لئه آھن
ڏينهن ڏٺي جا ڏنڀ


اُڪرڙي تان اَن
مليو اڄ غريب کي
ڄڻ ڌرتي مان ڌن


پاپي ڪيڏو پيٽ
ڳولي ويٺو گند مان
ڀت جي پليٽ


وينا پنهنجي ور لئه
ڪيڏا ڪري سينگار
ڳوٺاڻي ٿي گهر لئه


اُسڙڪي ٿو مال
تسيارو تڙن تي
بُکن ۾ بي حال


ڪاٺيون ٿي ڪري
ڪولهڻ ڪاڙھي بٺ ۾
پاپي پيٽ ڀري


بکن ۾ بي حال
ڏوٿي هن ڏيھه جا
هي لاکيڻا لڄپال


سهاڳڻ جي هنج
ٻالڪ ڌاوڻ ڌائي
کيڏي ساڻ کنج


ميهوڳي جي مند
آئي تنهنجي پگهر مان
بارش جي سُڳند


ميهوڳي جي مند
ناريءَ ڪري نرت
لُڏنٻاجُو ٻند


ڇُلڪي ٿي گاگهر
پاڻياريءَ جي ڪڇ ۾
مُرڪي منهنجو ٿر


تنهنجا هي ڪمڊل
ڪنن ۾ جهومن
روهيڙي جا گُل


اهڙو منهنجو ٿر
جهڙو چنڊ چمڪي
آڌي رات امبر


اهڙو منهنجو ٿر
ڪانڪهي جي ڇانوَ ۾
ٻڪرين جو ولر


اهڙو منهنجو ديس
گج پڙاپولڪا
ٻانهيارين جو ويس


روهيڙي تي گهر
مور ٺاهيو مُرڪي
اهڙو منهنجو ٿر


اهڙو منهنجو ٿر
چارين ٿيون چوڙيليون
ڦوڳن پاسي ڦر


کوهن تي کينچل
ڪري سانجھه ويلا
ٿاريليءَ جل ٿل
