اڄ چون ٿا ھولي آھي
ماٺي ڇو ٿي لولي آھي
رات سُتا ھئا بُک ۾ ڀاتي
ننڍڙي گڏڙي ٿڃ لئه آتي
جيجل تنھنجي ڇڻيل ڇاتي
ڏسندي ڏنجھه ۾ ڏُسڪي ڏُسڪي
پنڪي ساري رات رُني پي
رات ته ڇا،پرڀات رُني پي
لنوندي ڪويل لات رُني پي
ڪنھن نه ٻڌيون دانھون آنھون
ڪنهن نه ڄاتو ڏانءَ ڏُکن جو
ڪنھن نه ڄاتو ڀيد بکن جو
ڪئين ٿي وٽ وجھي ھُو ڏائڻ
جيڪا ھڪ پرولي آھي
ھُو چون ٿا ھولي آھي
ڪاش! اھو ڪو ڄاڻي ھا جي
ڏُک ۾ ھرڪا بات مري ٿي
بُک ۾ ڪئين مرجات مري ٿي
هر ڪا ذات صفات مري ٿي
ساڌو کي ڀي چور ڪري ٿي
آنڊن ۾ جا شور ڪري ٿي
ان لئه ڪھڙيون عيدون ھوليون
جنھن لئه جيون لولو آھي
اھڙي پاپڻ ويرڻ بُک جي
ڪنھن نه ڄاتي ٻولي آھي
اڄ چون ٿا ھولي آھي
ڪھڙا طعام تري ھُو ناري
جنھن وٽ ھڪڙو ويلو ناھي
ڪھڙا زيور پائي پدما
جنھن وٽ ڪوئي جھيلو ناھي
ھُو ڪئين وِڌوا سينڌ سنواري
جنھن جو ڳڀرو گھوٽ ڪُساڻون
ھُو ڪئين جيجل جھُڻڪي ڳائي
جنھن جو پُٽ اڻموٽ ڪُساڻون
ڪنھن تان گھوري ھارولا ھُو
ڀيڻ ڏُکاري، ڀاءُ ڪُساڻون
مٺڙو مٺڙو ساءُ ڪُساڻون
ھُو ڪئين ڪاجل پائي ڪومل
جنھن کان ڍولو يار رُساڻون
ڌوڙيلي ڪئين ديس ملھائي
گوڙاڻون آ ڳوٺ وڪاڻون
ڪئين ھُو مچ مچائي مرچو؟
جنھن جي مومل تپ ۾ تڙپي
گوري گھرندي ڪالھه مري وئي
غربت جي اُن گھاوَ وڏي ۾
ھُن جي ھر ڪا ڳالھه مري وئي
ھاڻي ھولي ڪئين ملھائي؟
ھُن وٽ ڪجھه بچيو ئي ناھي
ويس وڳا ھُو ڪھڙا پائي
جنھن وٽ ڦاٽل چولي آھي
اڄ چون ٿا ھولي آھي
ڄام به هلندا طعام به هلندا
رنگ وطن ۾ گيرون ٿيندا
مايا تنهنجي ڇايا ۾ ڪي
لُڏندي ڪُڏندي لهرون ٿيندا
پر سي ڪهڙي ھولي ڪندا
ڳچ ڏينهن کان ڳاراڻي ۾
کاڌي جن هڪ ماني ناهي
تن لئه هولي درد وڏو آ
تهوارن کان فرد وڏو آ
ڪنھن تي رنگ هڻي ھُوءَ ريکا
هن جي قسمت هن سان ناهي
مان ڀي ڪھڙا سانگ سجايان
منهنجي قسمت مونسان ناهي
مون سان ڇا پر توسان ناهي
ڏيھه ڏُکن ۾ گهايل آھي
ماٺي هر ڪا پايل آھي
جيجل هاڻي تون ٻُڌاءَ
ڪهڙو ديس وسايون آخر....؟
هڪڙي عيد ملهايون آخر....؟