وطن ورڻ جي وائي ڪريو
اڳئين زماني ۾ ائين نھ ھو. ٻيڙيون يا ٻيڙا يا ڪاٺ جا ننڍا جھاز سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ ھوائن جي رحم وڪرم تي ھئا. ھوا لڳي ٿي تھ ھليا ٿي، نٿي لڳي تھ وچ سمنڊ ۾ بيھي رھيا ٿي ۽ ھوا جي رخ مطابق جھاز مقرر بندرگاھن ڏي ويا ٿي. سياري ۾ اتر جون ھوائون لڳنديون ھيون تھ گلف ۽ عربستان کان جھاز ديبل، مانڊوي، ڀاءُنگر، صورت، بمبئي، گوا، ڪاليڪٽ، ٽرائي ويندرم (سنڌ ھند) جي بندرگاھن مان ٿيندا لنڪا(سلون /سري لنڪا) پھچندا ھئا. ھو وچ سمنڊ مان ھلڻ بدران ڪنارو ڏئي ھلندا ھئا ۽ منزل تي پھچڻ بعد موٽڻ ھنن جو ھٿ ۾ نھ ھوندو ھو. ھنن کي ھوائن جي رخ بدلجڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو ھو ۽ پوءِ ھنن کي موسم بدلجڻ جي انتظار ۾ ٻھ ٽي مھنا بھ لڳي ويندا ھئا. اھو وقت ھو پنھنجن ٻيڙن /جھازن جي ٺاھھ جوڙ ۾ لڳائيندا ھئا. ڀڳي ٽٽي صحيح ڪندا ھئا. ڪاٺ جون چپڙيون ھڻي ڪليون ٺوڪي پاڻيءَ جي سيمي کي روڪيندا ھئا. جھاز جي ٻاھرين جسم تي چنبڙيل سپون ۽ سامونڊي ڪينئان صاف ڪري ڪاٺ کي لسو ڪندا ھئا ۽ تيل جا مک ڏئي پنھنجن ٻيڙن کي چلڪائيندا ھئا. پکين (خاص ڪري Sea Gulls ) جون وٺيون لڳل ۽ ڦاٽل سڙھن کي ڌوئندا ھئا ۽ چتيون ھڻي سيبو ڪندا ھئا. ڪيترا تھ اھو عرصو مڪاني زميندارن وٽ ھارپو ڪندا ھئا. يعني ھوائن جو رخ صحيح ٿيڻ تي سامونڊي سفر ڪندا ھئا باقي وقت ٻني ٻارو. موافق ھوائون لڳڻ تي جھاز جي ڪئپٽن (ناکئي) جي رڙ پئي پوندي ھئي تھ بابا پرايو ملڪ ڇڏي، وطن ورڻ جي وائي ڪريو. پوءِ ڪي ڏينھن ڏينھن ڳڻڻ وارا پھرين سڏ تي پھچي ويندا ھئا. ڪي پنھنجي ٻني ٻاري ۽ ھارپي جو زميندار کان حساب چڪائڻ ۾ ڪجھھ ڏينھن لڳائي ڇڏيندا ھئا ۽ ڪي عاشق مزاج پنھنجي وطن جي زالن کي وساري مڪاني عورتن سان شادي ڪري ان بندرگاھھ جا ٿي ويندا ھئا. رستي جي مسافري ۽ ڪم ڪار لاءِ جھاز جي ناکئي کي مجبورن انھن پاران ٻيا وطني ڳولڻا پوندا ھئا يا اتي جا مڪاني مزور ڀاڙي تي کڻي لنگر کڻڻو پوندو ھو.