اسان لاءِ سڀ کان ويجھو ۽ وڏو ٻيٽ سري لنڪا آھي
ڏٺو وڃي تھ مٿين ٻيٽن کان وڏو، ويجھو ۽ اھم ٻيٽ سريلنڪا آھي جنھن جا مختلف دورن ۾ مختلف نالا پئي رھيا آھن، جھڙوڪ: سيلان، سلون، زيلان، سرانديپ وغيره. ڪنھن دور ۾ سري لنڪا فقط لنڪا بھ سڏيو ويو آھي. شاھھ لطيف بھ ھن کي لنڪا سڏيو آھي. انجڻين وارا جھاز ھاڻ کان ھلڻ شروع ٿيا آھن يعني گذريل صديءَ کان ۽ ڪي سؤ سال کن مس ٿيندا نھ تھ ان کان اڳ تائين ھميشھ ڪاٺ جا جھاز ھئا جيڪي ڪپڙي جي سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ اھي شپنگ ڪمپنيءَ جي آرڊر يا ناکئي (ناخدا، ڪئپٽن) جي مرضيءَ سان نھ پر ھوا جي رخ مطابق ھلندا ھئا. عربي سمنڊ ۾ عرب ملڪن کان (خاص ڪري عدن کان) ھيٺ ڏکڻ ۾ لنڪا (سلون) تائين اھم روٽ ھئي جنھن جو مڊوي سنڌ جا بندرگاھھ ھئا. ان ڪري گذريل وقت ۾ سنڌ جي اھا حالت ھئي جيڪا اڄ ڪلھھ سنگاپور جھڙن ٻيٽن جي آھي. عربستان توڙي لنڪا پاسي جھازي، واپاري، ٽوئرسٽ نھ فقط ٺٽي جي آسپاس پر ملتان تائين نظر آيا ٿي. لاريون موٽرون، ريل گاڏيون يا ھوائي جھاز تھ ھئا ڪونھ. ماڻھن لاءِ سفر جو آسان ذريعو پاڻي رستي ھو. شاھھ لطيف بھ پنھنجن شعرن ۾ لنڪا ۽ عدن جو نالو آندو آھي:
تن ۾ ترار توھ جي، گھڻو لھھ گھوري
ادب ۽ اخلاص جا، سڙھھ ٻڌج سوري
وکر وينتين جو، تنھن ۾ پاءِ توري
تھ عادنئون، اوري، تنھنجو توائي نھ ٿئي.
(سر سريراڳ)
" عادنئون" معنيٰ عدن بندر کان. يعني (منزل) تي پھچڻ کان اڳ تنھنجو ٻيڙو آئوٽ آف ڪنٽرول نھ ٿي وڃي يا غلط راھھ ڏي نھ مڙي وڃي. يعني پنھنجي اصلي روحاني مقصد تي پھچڻ کان اڳ ڪٿي غلط رستي تي نھ ڀٽڪي وڃين.
ھڪ ٻئي شعر ۾ شاھھ لطيف سلون (سري لنڪا) بابت چوي ٿو:
سڻي سون لنڪا جو، سک نھ سامونڊين
پرھھ پڳھھ ڇوڙيا، کاري کيڙائن
وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪھيا ڪارونڀار ڏي
شاھھ جو ھڪ ٻيو شعر ھن خوبصورت ۽ ھيرن موتين جي ٻيٽ بابت آھي:
کاري کيڙائو، مٿي مـِـٺي موٽيا،
سودو ڪن نھ سون جو، وڏا وھائو،
موتي جي مھراڻ جا، تن جا طامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.
(سر سامونڊي)
بھر حال ھتي ھن ٻيٽ (سلون) بابت گھڻو لکڻ نٿو چاھيان جو ھن ٻيٽ بابت پنھنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ لکي چڪو آھيان بلڪ ھڪ ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينھن....“ ۾ تھ فقط ھن ٻيٽ جو احوال ڏنو اٿم. سري لنڪا ۽ سندس بندرگاھھ ڪولمبو جي اڄ بھ وڏي اھميت آھي جو جاگرافيائي طور ھي ٻيٽ اھڙي ھنڌ تي آھي جتان بين الاقوامي روڊن (سامونڊي رستن) تان لنگھندڙ جھازن جو ھتان لنگھھ ٿئي ٿو. تاملن جي فسادن جي باوجود ھي ٻيٽ جھازن ۽ جھازين لاءِ ڪشش آھي. اھي جھاز جيڪي ھتي جي بندرگاھھ ۾ نٿا اچن انھن کي بھ ھن ٻيٽ جي ويجھو اچي Coasting ڪرڻي پوي ٿي يعني ڪنارو ڏئي ھلڻو پوي ٿو ۽ پوءِ منزل مطابق مقرر ھنڌ تان پنھنجي جھاز کي ان منزل (ملائيشيا، انڊونيشيا، انڊيا، بنگلاديش، برما، پاڪستان يا آسٽريليا) ڏي موڙڻو پوي ٿو. انھي ڪري جھاز ھلائڻ وارن ڏينھن ۾ اسان کي بھ ايندي ويندي ھن ٻيٽ تي اچڻو پيو ٿي يا ڪنارو ڪنارو ڏيندي لنگھڻو پيو ٿي. ان ڪري ھن ٻيٽ جو تمام گھڻو احوال مٿئين ڪتاب (سي ئي جو ڀن ڏينھن...) ۾ لکي چڪو آھيان ۽ اھي نھ فقط ھن ٻيٽ جي جوڀن جا ڏينھن ھئا پر اسان بھ تن ڏينھن ۾ جوان ھئاسين. ھينئر ان سري لنڪا جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت ۾ وڏو فرق اچي چڪو آھي. سري لنڪا آئون ھڪ دفعو وري وڃڻ چاھيان ٿو سمنڊ رستي ئي پر ھڪ مئرين انجنيئر (جھاز ھلائڻ واري) جي حيثيت ۾ نھ پر ھڪ مسافر جي حيثيت ۾.