ترڪيءَ جي حرمن کان ميرن ٽالپرن جي حويلين لاءِ غلام ۽ کدڙا زئنزيبار کان آيا ٿي
انھن اوائلي آيل عماني عربن لاءِ رھائش لاءِ سڀ کان بھترين جاءِ زئنزيبار ٻيٽ ھو جيڪو ٻيٽ جي صورت ۾ الڳ ٿلڳ بھ ھو تھ ساڳي وقت آفريڪا کنڊ جي سرزمين کان پري بھ نھ ھو. سن 975ع ڌاري تھ حسن بن علي پنھنجن ڇھن پٽن سان شيراز (ايران) کان لڏي زئنزيبار ۽ اوڀر واري ننڍڙي ٻيٽ پيمبا (Pemba) تي اچي رھيو. زئنزيبار ٻيٽ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ اڄ بھ ان وقت جي مسجد قائم آھي. ٻيٽ جو اھو علائقو قضم قاضي سڏجي ٿو ۽ ان مسجد تي 1107 جو سن اڪريل آھي. 1499ع ۾ پورچوگال جو مشھور جھازي واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊھوپ لتاڙي ھن ٻيٽ تي پھتو ۽ پوءِ سورھين صدي جي شروعات وارن سالن تائين ٻيا ايندڙ پورچوگالي ھن ٻيٽ (زئنزيبار) ۽ موزمبق تي پنھنجو ديرو ڄمائيندا ويا ۽ ڪيترين ڳالھين ۾ مڪاني سردارن سلطانن جي انتظامي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳا.
1698ع ۽ 1699ع جي وچ واري عرصي ۾ عمان جي عربن ۽ مڪاني شيدي سھالين گڏجي پورچوگالين کي گھٽ ۾ گھٽ ھن ٻيٽ (Zanzibar) تان تڙي ڪڍيو.1744ع ۾ ممباسا جي حاڪم جنھن جو تعلق ماضوري خاندان سان ھو، عمان جي خلاف انقلاب آندو پر زئنزيبار جي ماڻھن عماني سلطان سان وفادار ٿي رھڻ جو اعلان ڪيو. ماضوريءَ وارن جي زئنزيبار خلاف جدوجھد سڄي صدي ھلندي رھي تانجو عمان جو ابو سعيدي حاڪم سلطان سيد بن سلطان 1837ع ۾ ماضوري وارن کي نتيجي خيز شڪست ڏني. ان بعد 1840ع ۾ سلطان سيد پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ مسقط (عمان) مان ڦيرائي زئنزيبار ٻيٽ تي قائم ڪيو. ھن لاءِ بھ عمان جي گرم سرد موسم کان زئنزيبار جي موسم بھتر ھئي. ھر وقت جھڙ ڦڙ ۽ پاڻي موجود ھو. عمان ۾ ڌنڌو بھ جھڙو تھڙو ھو زئنزيبار ۾ لونگن ۽ ڦوٽن جھڙن مسالن سان گڏ عاج ۽ شيدي غلامن جھڙين شين جو وڪرو وڌيڪ اپت وارو ھو. عمان جي گاديءَ جو ھنڌ زئنزيبار ٿيڻ تي ھن ٻيٽ کي اڃان بھ وڌيڪ مشھوري ملي ۽ ڏينھون ڏينھن ھڪ وڏو تجارتي مرڪز ٿيندو ويو- خاص ڪري عاج ۽ حبشين جي وڪري کان. آفريڪا جي جنگلن ۾ آزاد ڦرندڙ ھاٿين جي ڌڻن کي ماري انھن جو عاج ھن ٻيٽ تي آندو ويو ٿي جتان اھو يورپ ۽ چين جي مارڪيٽن ڏي روانو ٿيو ٿي. ترڪي جي حرمن لاءِ غلام ۽ کدڙا، بلخ ۽ بخارا کان سنڌ جي ميرن ٽالپرن ۽ ھند جي راجائن لاءِ شيدي غلام زئنزيبار کان موڪليا ويا ٿي جيڪي آفريڪا کنڊ جي اندرن حصن ۽ گھاٽن جنگلن مان ڦاسائي واڪ ۽ وڪري لاءِ زئنزيبار پھچايا ويا ٿي.