1946ع ۾ آغا خان دارالسلام ۾ ھيرن ۾ توريو ويو
1913ع کانپوءِ برطانيا طرفان ھن ٻيٽ زئنزيبار تي انگريز ريزيڊنٽ رھڻ لڳو ۽ 1926ع ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ٺاھي وئي جنھن جا ميمبر جيتوڻيڪ برٽش ريزيڊنٽ جي چونڊ سان مقرر ٿيا ٿي پر سياست ۽ تجارت تي اڃان بھ عربن ۽ انڊين جو ھٿ رھيو. آفريڪا کنڊ جي مڪاني زبان سواحليءَ کان وڌيڪ عربي ھلي ٿي. انڊين واپارين ۾ گجراتي، سنڌي ھندو، پارسي ۽ آغاخاني گھڻا ھئا. اڄ بھ انھن قومن جا ڪافي ماڻھو ھن ٻيٽ تي رھن ٿا. 1936ع ۾ عماني سلطان، سيد خليفا بن ھاروب جي سلور جوبلي ملھائي وئي ھئي. ان موقعي جو شھر جي مين روڊ (پوسٽ آفيس جي ڀر واري) جو فوٽو ڪٿان مليو اٿم جنھن ۾ مختلف قومن جا ماڻھو قطار ۾ بيٺل آھن. سلطان ان وقت جي اعليٰ ڪار ۾ لنگھي رھيو آھي. ھن گھٽيءَ ۾ ان وقت گوا (انڊيا) جي رھاڪن جا گھڻا دڪان ھئا جو گوا پورچوگال جي ھٿ ۾ ھو ۽ پورچوگال گوانين کي جن جن ملڪن ۾ پاڻ رھيا ٿي، اتي ھنن کي سھولتون ڏنيون ٿي. بھرحال انھن گواني دڪانن: ڊي سـِـلوا، المينڊا، وغيره وغيره جي وچ ۾ ھڪ وڏو بورڊ سنڌي واپاري چوئٿ رام (B. Choitram) جو پڻ نظر اچي رھيو آھي. بعد ۾ ٻيا دڪان بند ٿي ويا يا ملڪ بدلجي ويا پر چوئٿ رام جو دڪان اتي ئي رھيو. اڄ بھ ان سنڌي ھندوءَ جا دڪان آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پکڙيل آھن.
اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر مٿي بيان ڪيل تصوير ڇاڀي تھ ان ۾ دڪانن ۾ مٿي گھرن جو انڊين نمونو پڻ ڏسي سگھو ٿا جيڪو آفريڪا جي عمارتسازيءَ کان بلڪل مختلف ڪراچي جي ايلفي، سنگاپور جي ھاءِ اسٽريٽ، ڪوالالمپور جي باتو روڊ جي دڪانن جھڙو آھي. جيڪي دڪان پڻ انگريزن جي دور حڪومت ۾ ننڍي کنڊ جي واپارين لاءِ ٺھيا.
ھن پاسي آغا خاني (اسماعيلي) بھ تمام گھڻا رھيا ٿي. خاص ڪري ھن ٻيٽ زئنزيبار تي، ڪمپالا (يوگنڊا) ۾، دارالسلام (ٽانگانيڪا جي گادي واري شھر ۽ بندرگاھھ) ۾، ممباسا ۽ نئروبي ۾، جن اڳتي ھلي 10 آگسٽ 1946ع تي آغا خان کي دارالسلام ۾ ھيرن ۾ توريو ھو. ڪنھن زماني ۾ دارالسلام جو ميئر عبدالڪريم ڪريمجي بھ زئنزيبار جو آغاخاني رھاڪو ھو. ھن جا وڏا يمن کان لڏي زئنزيبار آيا ھئا.