ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سلطانه جا ڪالم : درد جي ڪهاڻي

ڊاڪٽر فهميده حسين

سلطانه جا ڪالم : درد جي ڪهاڻي

سلطانا وقاصيءَ سان منهنجا ڪيترائي سڱ آهن . ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي نئين سجاڳيءَ ۾ سنڌي عورت کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهن جي ڏس ۾ هلايل تحريڪ ۾ جن سنڌي ليکڪائن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو انهن ۾ سلطانه به هڪ هئي. هن سان منهنجو پهريون ڀيرو تعارف سندس لکڻين ذريعي ٿيو جيڪي ملير ڊائجسٽ ۽ سهڻي رسالي کان سواءِ هلال پاڪستان اخبار جي “سگهڙين سٿ” نالي صفحي ۾ ڇپجنديون هيون جن ۾ هوءَ سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي اٽوٽ رشتي جو اظهار جذبي جي انتهائي حد تائين ڪندي هئي. انهن رسالن ۽ صفحن ۾ سندس لکيل ڪيترائي خط ۽ تاثر اڄ تاريخ جو حصو آهن جيڪي سندس جذبي جي سچائيءَ جي ساک ڏين ٿا. سندس ٻي سڃاڻپ سندس نثري نظم هئا، جن جو پنهنجو انداز ۽ ڊڪشن هو، جن ۾ پڻ هوءَ جذباتي حد تائين سچائيءَ جو پرتوو پسائيندي هئي. منهنجي لاءِ سندس ٽين سڃاڻپ هئي منهنجي ننڍي ڀيڻ انيس جي ساڻس دوستي – سلطانه سان منهنجي پهرين باقاعدي ملاقات به هڪ تاريخي حوالو رکي ٿي. سگهڙين سٿ ۽ پوءِ سوجهرو رسالي ۾ مون هڪڙو انٽرويوئن جو سلسلو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ ۾ جنهن به شعبي ۾ ڪنهن عورت ڪو به وڏو ڪم ڪيو هو، ان سان رهاڻ ڪري سندس زندگيءَ جي حالتن تجربن ۽ کيس پيش ايندڙ مسئلن ۽ معاملن کي منهن ڏيڻ واري حوصلي جي پڌرائيءَ ڪرڻ ضروري هو جنهن سان ٻين عورتن کي اتساهڻ جو مقصد رکيل هوندو هو. سنڌي ادب جي خاتون اول، اسان جي پنهنجي ثميره زرين جو ڏس مون کي سلطانه ذريعي مليو. جيڪا حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ سلطانه جي پاڙي ۾ سندن گهر جي ويجهو ئي رهندي هئي. سلطانه مون کي ۽ انيس کي پنهنجي گهر دعوت ڏئي گهرايو ۽ اتان پوءِ اسين گڏجي ثميره زرين جي گهر سندس انٽرويو وٺڻ ويون سين. ثميره زرين جو اهو پهريون انٽرويو هو جنهن ۾ هن پاڻ کي پڌرو ڪيو هو ۽ پنهنجي ذات ۽ خاندان بابت انڪشاف ڪيا هئا ته ڪيئن هوءَ شڪارپور جي هڪ پرديدار روايتي خاندان جي ڇوڪري سڪينه اعواڻ مان ثميره زرين بڻي – سلطانه سان ملڻ کان پوءِ اها خبر پئي ته سندس اصل نالو اڪرم سلطانه آهي ۽ سندس تعلق به ٽنڊي آدم جي هڪ روايتي پرديدار خاندان سان هو، پر جيئن ته سندس ناناڻي پاسي سندس ناني مرحوم علي خان ابڙي جهڙي عالم ۽ ان جي فرزند ۽ سلطانه جي مامي جمال ابڙي جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي يڪتا ڪهاڻيڪار جون شخصيتون، سندس سڃاڻپ ۽ علمي ادبي ورثي طور موجود هيون، ان ڪري مشڪلاتون هوندي به هن کي ادبي قافلي ۾ شريڪ ٿيڻ جو اتساهه مليو هو. علامه علي خان ابڙو منهنجي بابا جو استاد هو ۽ جمال ابڙو ادا سراج جو دوست ۽ سلطانه وري انيس جي دوست ۽ همڪلاسي – سلسلو ڳنڍجي پيو پر اڃا دوستيءَ جو رشتو ڪو نه ڳنڍيو هو. پوءِ جڏهن شاديءَ کان پوءِ سلطانه ڪراچيءَ شفٽ ٿي تڏهن هڪ طرف اسان جون ملاقاتون ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ علمي ادبي گڏجاڻين ۾ ٿيڻ لڳيون ته ٻئي طرف ٻارن جي اسڪول ۾ ملندا هئاسين جتي سلطانه جي ڌيءَ روماسا ۽ منهنجي ڌيءَ ارونا همڪلاسي ۽ دوست هيون. سلطانه پاڻ به سينٽ جوزف ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار هئي ۽ آءُ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾. ڪراچيءَ جا فاصلا وڏا آهن تنهن ڪري اسين گهڻو ڪري ملڻ کان وڌيڪ فون تي روزانو ڪچهري ڪنديون هيون سين ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پڪي دوستي ۽ ڀيڻپي جو ناتو ڳنڍجي ويو. ايتري قدر جو اسان جي ٻارن کي اسڪول ۾ “ڪزن” سمجهيو ويندو هو ۽ آهي.
نوي جي ڏهاڪي ۾ “جاڳو” اخبار شروع ٿي ته مون ان ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ساڳئي دور ۾ سلطانه “عوامي آواز” ۾ عورتن جو صفحو سنڀالڻ شروع ڪيو. جڏهن مرحوم ف.م لاشاريءَ جي هڪ حادثي ۾ دکدائڪ نموني وفات ٿي ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ جاڳو به بند ٿي وئي، ان دور ۾ مون به “عوامي آواز” ۾ هفتيوار ڪالم “منهنجون سوچون” جي نالي سان شروع ڪيا. اهڙيءَ ريت صحافتي دنيا ۾ ڪراچيءَ ۾ اسان جو هڪڙو ٻيو سڱ شروع ٿيو. انهيءَ ساڳئي دور ۾ مون ڪراچيءَ جي ڊفينس علائقي ۾ ۽ سلطانه به ڪلفٽن ۾ رهائش اختيار ڪئي ته پوءِ ويجهو رهڻ سبب هر ادبي، علمي ۽ سماجي تقريب ۾ اسين گڏجي وڃڻ لڳيون سين. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مرحومه ارشاد قمر جي عورتن جي تنظيم “مارئي فورم”، مرحومه ڊاڪٽر در شهوار سيد جي تنظيم “اسوا” مرحومه رشيده عبدالله شاهه جي تنظيم “سرتين سٿ” ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سِگا) وغيره جي مختلف گڏجاڻين ۾ به وڃبو هو، جن سڀني جون گهڻو ڪري ميمبر خواتين ساڳيون هيون ته مقصد به ساڳيا هئا، انهن تنظيمن ۾ سلطانه تمام گهڻي فعال هوندي هئي ۽ ڪن ۾ عهديدار به هئي، جڏهن ته آءُ صرف ميمبر طور شرڪت ڪندي هئس. پوءِ ائين ٿيو جو محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ مرحوم مظهر ميمڻ جي صلاح ۽ مشوري سان انهن سڀني کي گڏ ڪري هڪ تنظيم طور سگا خواتين شاخ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن جي پهرين صدر مرحومه رشيده عبدالله شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري آءٌ ٿيس، جڏهن ته انفارميشن سيڪريٽري سلطانه وقاصي بڻي – اهڙي ريت اسان جو هڪڙو نئون تعلق به جڙيو – مطلب ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم طرفان ٿيندڙ امدادي، سهڪاري تقريب يا علمي ادبي گڏجاڻيءَ، سيمينار ڪانفرنس ۾ اسان جي موجودگي لازمي هئي ۽ ڪا به سرگرمي اهڙي ڪا نه هئي جتي اسين ٻئي گڏ نه هجون. بعد واري دور ۾ اسان جي دوستي ڀيڻ انيس گهانگهرو سان ٿي جيڪا پڻ اسان سان گڏ هوندي هئي. اسان گڏجي انهن تنظيمن جي پلئٽفارم تان گهڻو ئي ڪم ڪيو ۽ سنڌي عورت جي ڀلائيءَ ۽ سجاڳيءَ لاءِ علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو.
سلطانه جي قلمي پورهيي جو ذڪر نڪتو آهي ته ان ۾ سڀ کان اول سندس نثري نظمن جو ڪتاب دونهاٽيل درشن ڇپيو ۽ هاڻي سندس ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪالمن جو ڪتاب ٻن جلدن ۾ ڇپجي رهيو آهي. چوندا آهن ته اخباري ڪالم يا مضمون ۽ فيچر وغيره جي حياتي صرف هڪ ڏينهن جي هوندي آهي، ان کي جيڪڏهن اخبار ۾ ئي ڇڏي ڏجي ته پڙهندڙ جلد وساري ڇڏيندا آهن. اخبار ۾ ڇپيل سموري ادب لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو. مون 1972ع کان 1979ع تائين ستن سالن ۾ هلال پاڪستان اخبار جي سگهڙين سٿ جي انچارج طور هفتيوار ڪالم کان سواءِ سوين ليک لکي ڇاپيا هوندا جن ۾ انٽرويو، فيچر، تاثر، شاعري، ڪهاڻيون گڏ ڪجن ته هزارين صفحن تي مشتمل هوندا، پر اڄ خود مون وٽ انهن جو ڪو رڪارڊ ڪونهي، ساڳيءَ طرح جاڳو ۽ عوامي آواز جا ڪالم پڻ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن جن جو ڪو حساب ڪونهي. اڄ جي نسل کي ته شايد ڪيترين ڳالهين جي خبر به ڪانهي – اها ئي ساڳي ڳالهه محسوس ڪندي سلطانه اهو چڱو فيصلو ڪندي پنهنجا ڪئين سالن جا ڪالم سهيڙي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس چواڻي هوءَ پاڻ به اهو ڏسي حيران رهجي وئي ته انهن جو تعداد ايترو هو جو هڪ جو هڪ نه پر ڪيترائي ڪتاب سهيڙي تيار ڪري سگهجن ٿا.
سلطانه وقاصي سنڌي ڪالم نگارن ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي. هن جا دل جي خلوص ۽ جذبن جي سچائيءَ سان لکيل ڪالم پڙهندڙن ۾ تمام گهڻا مقبول رهيا آهن. انهن ڪالمن جي وڏي خوبي انهن ۾ موجود سنڌ امڙ جي لاءِ دل جو درد آهي جيڪو هوءَ ڪڏهن ڪاوڙ جي صورت ۾ ڪڏهن طنز (satire) جي صورت ۾ ته ڪڏهن سڌو سنئون سچ جي صورت ۾ تکي تلوار وانگر وهائي ٿي ڪڍي، هوءَ هڪ اهڙيءَ پل صراط تي بيٺل ٿي ڀائنجي جنهن تي ثابت قدم رهڻ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ڪالمه جو نالو هجي “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” جيڪي جڏهن وڌي وڻ ٿيون ٿين ته پوءِ اهي پَر ۽ پِر، پروان ۽ پنهنجن اڳيان کولي رکڻيون ٿيون پون ته جيئن سنڌ جي سورن جو ڪو تدارڪ ٿئي ۽ ان مان جيڪي پنهنجا هجن اهي گڏجي پون ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهي ته ڪا موٽ ڏين، اهي ته ڪا جنگ جوٽين!
سلطانه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي، ڪراچي سنڌ سينگار، سنڌ جي مارئي، ڪراچي مورڙي جو ماڳ اجڙيل آهن، محبتن جو خون ٿيل آهي ۽ صحبتون هڙتالن ۽ هنگامن جي ور چڙهيل آهن. اهو درد هڪ حساس دل لاءِ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ آهي. سلطانه جا ڪراچيءَ جي ماحول، حالتن ۽ مسئلن جي پس منظر ۾ سنڌين جي صورتحال ۽ بيوسيءَ بابت لکيل ڪالم هڪ طرح سان سنڌس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي ۾ آيل وارداتون آهن جن کي آزاد ڪرائيندي جيڪو هر وقت “آدم بو آدم بو” ڪندو وتي. سنڌ جي هن سينگار ۽ ڪنوار ڪراچيءَ جي سهاڳ کي اجڙيندڙ مافيائن ڪنهن راڪاس وانگر ان جو گلو گهٽيندي ان کي رت ۾ وهنجارڻ جي جيڪا روايت وڌي آهي سلطانه پنهنجي ڪالمن ۾، ان جو نوحو پڙهندي ٿي ڏسجي. سندس مخاطب سنڌي اديب به آهن، نوجوان شاگرد به آهن ته عام ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪندڙ، معمولي نوڪريون ڪندڙ ملازم به آهن. اهي ئي ته اصل سنڌ جا وارث آهن جن جي زندگين تي ڪراچيءَ جي حالتن جو اثر پوي ٿو. وڏيرا، مير ۽ پير ۽ امير حالتن خراب ٿيڻ تي ڳوٺ ڀڄندا يا وري دبئي، امريڪا، لنڊن – انهن جو ڪهڙو ڪراچيءَ سان جذباتي رشتو هوندو. هو ڪهڙو هتان جا مستقل رهندڙ آهن جو مهل اچڻ تي بيهي مار کائيندا يا مقابلو ڪندا. ڪراچيءَ ۾ غريب ۽ وچولو طبقو نڌڻڪو آهي ان جا احساس اصل ماري ٿو وجهي. سلطانه انهن لاءِ به سوچي ۽ لوچي ٿي.
سلطانه جي ڪالمن کي آءُ ته ان درد جي دانهن چوندس جيڪو سندس دل کي گهايل ڪري ٿي ڇڏي ۽ هوءَ بي اختيار قلم کڻي ڪاغذ تي اها دانهن تحرير ڪري ٿي ڇڏي.
منهنجي دعا آهي ته سلطانه جي قلم کي الله سائين ايتري سگهه ڏي جو هوءَ پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيندڙ ڳالهين کي پنهنجي حوصلي ۽ همت سان ائين ئي ڪندي رهي. سندس درد جي دانهن من ڪڏهن قبول پئجي وڃي.