ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

شيخ اياز وڇڙي وڃڻ کان اڳ

هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو، هيڏو هُل هجوم
پوءِ به مان اڪيلو آهيان، ڪنهن کي ڇا معلوم

سنڌي جي نامياري ۽ مهان شاعرشيخ اياز جو هي شعر دل تي تري آيو آهي. شيخ اياز جيڪو اڄ ڪلهه زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي بيٺو ويڙهه وڙهي. زندگيءَ جي هن چوواٽي تي جت انسان جو ذهن وسيع کان وسيع تر ٿيندو رهي ٿو. جت زندگيءَ جي اوچائين لاهين چاڙهين تان اُڪرندي ذهن پختو ٿيندو رهي ٿو. ها پر هي ڪيڏو نه ظلم آهي ته جڏهن ذهن جو حدون جذبن جون سرحدون اُڪاري وڃن ٿيون اُن ويل انسان جو جُسم آهستي آهستي ڀڄندو ۽ ڀرندو رهي ٿو، پنهنجي هٿن مان هي وجود نڪرندو. سرُندو ۽ باغي ٿيندو نظر ايندو آهي. ڪيڏي نه وڏي بي وسيءَ جو وقت ۽ نظارو آهي. هيءُ.
ڌرتيءَ تي رهندڙ وسندڙ انساني جيون جا هزارين نشان ۽ رنگ روپ آهن. ٻاراڻي وهي ته اصل بادشاهي آهي. جوانيءَ جي رنگ ڍنگ جو ته ڪو ملهه ئي نه آهي. بي پرواهه اڏري جواني مٿان هجي انسان. ڏات ڌڻي به اهڙو ارڏو جنهن پنهنجي وجود جون سڀ ڀوڳنائون ڀوڳيون به ته ڀوڳايون به. ڪير ٿو وساري سگهي ڀؤنر ڀري آڪاس ۽ ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي جهڙي ڪوي ۽ نثرنگار کي. اُها شاعري جنهن ۾ عشق جي بلندي، وجود جي ويڙهه ۽ احساسن جي جنگ جو سبق ڏنل آهي.
جڏهن مون کان ڪونئون لکندڙ يا ليکڪا پڇندي آهي ته سٺي لکڻ لاءِ ڪهڙن ڳالهين جي ضرورت آهي. ته مان کين چوندي آهيان ته جيستائين لکندڙ ادب نه پڙهندو تيستائين سٺو لکي نه سگهندو. ڪتابن پڙهڻ ۽ سٺا ڪتاب پڙهڻ سان ئي سوچن ۾ وسعت ۽ قلم ۾ پختگي ايندي آهي. وري پڇيو ويندو آهي ته ڪهڙا ڪتاب پڙهجن. اُن ويل مان چوندي آهيان ته شاهه لطيف ته هونئين اسان جو رهبر آهي. اهو ڪجهه چوڻ جي ضرورت ئي ناهي ته شاهه لطيف کي پڙهيو وڃي. هي اُهو لازمي پيپر آهي جنهن کي پڙهڻ کانسواءِ پاس ٿي ٻئي ڪلاس ۾ وڃڻ ناممڪن آهي. چاهي توهان ٻين پيپرن ۾ سو فيصد مارڪون ئي ڇو نه کڻو......... ها باقي اهو لکڻ ضروري آهي ته توهان سڀ کان پهرين پنهنجي تاريخ کان واقفيت حاصل ڪريو. جنهن ڌرتيءَ تي توهان رهو ٿا اُن جي ماضيءَ کان واقفيت حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي. ها سائين اهو به سچ آهي ته جنهن ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ڪتاب ڪين پڙهيا آهن ته معنيٰ ڪجهه به نه پڙهيو آهي (هيءُ منهن جي ذاتي راءِ آهي) شيخ اياز جي پوءِ واري شاعري جيڪا انيڪ ڪتابن تي مشتمل آهي. اُن جي به هڪ وڏي جاءِ آهي. هن مهان انسان جي لکيل هڪ سٽ پنهنجي جاءِ تي هڪ جذبو ۽ پيغام رکي ٿي. اُها سوچ ۽ اهُو پيغام پنهنجو لڳي ٿو. پنهنجي اندر جو آواز محسوس ٿيندو آهي. پنهنجون پيڙائون پنهنجون ڀوڳنائون محسوس ٿينديون آهن. لڳندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه مون ئي لکيو آهي يا منهنجي لاءِ ئي لکيو ويو آهي ڇو ته هڪ انساني جيو جي حيثيت سان اهي سڀ وارتائون اسان جي مٿان به گذرن ٿيون. اسان به اهو سڀ ڪجهه ڏسون ۽ محسوس ڪيون ٿا جيڪو هڪ شاعر هڪ ڏات جو ڌڻي محسوس ڪري ٿو ۽ لکي ڪاغذ ڪارا ڪري ڪتابن جا ڪتاب ڀري ٿو ڇڏي ۽ اهي سڀ ڪتاب سڀني جي اندر جو آواز ٿي پون.
وجود جي جنگ سڀ کان وڏي خطرناڪ جنگ هوندي آهي. اها جنگ گهڻو ڪري ڏات جا ڌڻي ئي وڙهندا آهن. اُن ڪري ئي اُنهن جو وجود وقت کان اڳي ئي ڀرندو ۽ ساٿ ڇڏيندو ويندو آهي. مختلف قسم جون بيماريون ۽ آس پاس مان ملندڙ نراسايون وقت کان اڳ ۾ ئي انسان کي ماريو ڇڏين. اڄ خبر نه آهي ڪيئن هجت ڪري هي ٻه چار لفظ شيخ اياز تي لکي رهي آهيان. اهو شيخ اياز جنهن جو وجود اڄ به اسان جي وچ ۾ موجود آهي. شيخ اياز جو وجود اسپتال ۾ پنهنجن احساسن جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ذهن ۽ وجود جي جنگ جنهن ۾ هڪ ڏينهن اهو به ايندو جو وجود اها جنگ کٽي ويندو ۽ ذهن پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو اها وجود جي جنگ هر انسان اڪيلو ئي وڙهندو آهي. اڪيلو ئي محسوس ڪندو آهي. اسان توهان سڀ دعا ڪري سگهون ٿا. محسوس ڪري سگهون ٿا پر ڪري ڪجهه به ڪونه ٿا سگهون.
ياد اٿم اُهو ڏينهن جڏهن مون کي شيخ اياز فون ڪري چيو ته طارق اشرف شيخ اياز نمبر پيو ڪڍي. سلطانه تون به ڪجهه لکي ڏي. مان حيران ٿيندي چيو سائين توهان تي لکان؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي..... چيائين اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي سلطانه مان سمجهان ٿو ته تون ئي مون تي بهتر ۽ سٺو لکي سگهندينءَ......مون کي لڳندو آهي ته تون مون کي تمام چڱي طرح پڙهيو آهي. هيئن ڪر جو تون منهنجي لکيل هنن صنفن مان ڪنهن هڪ تي ڪجهه لک جيئن نظم ۽ گيت آهن.
طارق اشرف مون کي چوي ها ته شايد مان پنهنجي عقل سمجهه آهر ڪا ڪچي پڪي شي، لکي وٺان ها. پر شيخ اياز پاڻ فون ڪري ڄڻ ته مونتي ظلم ڪري ڇڏيو. سندس ڪيل تعريف ڄڻ ته مون کي ڊيل پروموشن ڏئي ڇڏيو هو. وري آيو طارق اشرف جو فون اُن به تاڪيد ڪئي. هاڻ ته مون کي ڪجهه سمجهه نه پئي آيو. گهڻائي دفعا لکڻ لاءِ ويٺس هڪ لفظ به لکي نه سگهيس. رسالو پريس ۾ وڃڻ لاءِ تيار هو طارق اشرف فون ڪري وري مونکي چيو. مان کيس ٻڌايو ته مان ته ڪجهه به لکي نه سگهي آهيان. وري فون آيو شيخ اياز جو مان ته صفا شرمندي ٿي ويس، چيم سائين مان اوهان تي ڪجهه به لکي نه ٿي سگهيان ۽ نه وري لکي سگهندس مون کي ان ڳالهه لاءِ معافي ڏيو. بهرحال اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن لاءِ مهان ماڻهن جا چيل ٻه ئي لفظ فخر کان گهٽ نه آهن.
اڄ اياز تي ڪجهه لکندي مون کي پنهنجي اُن اوڻائي جو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. ڇا چوان شيخ اياز لاءِ؟ ڇا لکان شيخ اياز لاءِ؟ شيخ اياز جنهن اڌ صديءَ کان وڌيڪ ادب جي ملڪ تي حڪمراني ڪئي آهي. اڄ به هو اسپتال جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن ڪمري ۾ سوچيندو هوندو، ڪجهه نه ڪجهه لکندو هوندو. ڪاش شيخ اياز اُهو ڪجهه لکندو هجي جنهن لکڻ جي تمنا اُن ڪئي هجي پر لکي نه سگهيو هجي. ڪاش شيخ اياز اهو سڀ ڪجهه لکي وڃي جنهن جي لکڻ سان زلزلا اچي ويندا آهن تباهيون ڦهلجي وينديون آهن. گهڻو ڪجهه لکڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه سچ ڳالهائڻ کان پوءِ به اندر ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جيڪي زبان تي اچي نه سگهنديون آهن، ڪاش شيخ اياز سڀ ڪجهه لکي ڇڏي. سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي. پنهنجو اندر کولي رکي ڇڏي هن ڌرتي واسين اڳيان جيڪي بيقدرا ۽ مئلن جي پٺيان ماتم ڪرڻ وارا آهن.
شيخ اياز لاءِ دُعا آهي ته الله کيس صحت ڏئي زندگي عطا ڪري، اڃان هن قوم کي شيخ اياز جي ضرورت آهي. اُن جي ذات جي ضرورت آهي. صدين کان پوءِ اهڙا انسان پيدا ٿيندا آهن جن جو نالو هميشه لاءِ زندهه جاويد هوندو آهي. وقت، حالتون ۽ موت هنن جهڙن ماڻهن کي لوڏي به ڪونه ٿو سگهي. اهڙا ارڏا، جبل جهڙا ماڻهو هڪ دفعو پيدا ٿي ڪڏهن به ڪونه مرندا آهن...... هميشه جيئرا هوندا آهن. هميشه پيغام ڏيندا رهندا آهن. اياز اڄ به زندهه آهي ۽ اسان سان گڏ آهي. اياز سڀاڻي به زندهه هوندو ۽ اسان سان گڏ هوندو.

آچر 26 مئي 1991ع