ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هاڻي ماڻهو سُک سان جيئڻ چاهين ٿا

ڌاڙيل، ڌاڙيل، ڏيهه ڏڪاريا ڌاڙيل جن سنڌ جي ماڻهن جو جيئڻ وِهه ڪري ڇڏيو آهي. آڌي هجي، مانڌي هجي، صبح هجي شام هجي، بس پيئڻ بلا وانگر هڻ کڻ لڳا پيا آهن. ڌاڙيل سنڌ لاءِ ناسور ٿي پيا آهن. اهو صحيح آهي ته سنڌ جي سياسي پس منظر جي حوالي سان، بيروزگاريءَ جي حوالي سان، ڏاڍ ۽ جبر جي حوالي سان هت ڌاڙيلن جو تعداد وڌيو آهي. هنن ڌاڙيلن ۾ پيشه ور ڌاڙيلن سان گڏ اُهي ڌڙيل به آهن جيڪي معاشي بدحالي يا سياسي حالتن جي ڪري ڌاڙيل ٿيا آهن. انهن ڌاڙيلن جي به ڪا ڪمي نه آهي جن کي ڄاڻي ٻجهي ڌاڙيل ٺاهيو ويندو آهي. وڏا وڏا زميندار پنهنجي تحفظ لاءِ پنهنجون دشمنيون نڀائڻ لاءِ يا وري پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کي قائم رکڻ لاءِ هنن ڌاڙيلن کي پاليندا آهن. پوليس به ڌاڙيل پاليندي آهي ۽ انهن کي تحفظ ڏيندي آهي. ڌاڙيل وري اُنهن کي باقاعدگيءَ سان حصو پتي ڏيندا آهن. هي سڀ روپ ڌاڙيلن جا هاڻ سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو ٿي پيا آهن. سڀني کي خبر آهي ته پراڻا ۽ خانداني ڌاڙيل اصيل هوندا هئا. هو عورت ذات کي ڇهندا به ڪونه هئا ۽ نه وري انهن کان زيور وغيره لهرائيندا هئا. جت به ڌاڙو هڻڻ ايندا ته چوندا هئا ته نياڻيون سياڻيون الڳ ٿي بيهن. اک به کڻي انهن کي نه ڏسندا هئا. هو مخصوص علائقن ۾ ڌاڙا هڻندا هئا ۽ پنهنجن ماڻهن کي تحفظ ڏيندا هئا. هو غريبن کي ڪڏهن به ڪونه ڏکوئيندا هئا. الٽو انهن جي شادين مرادين ۽ غمين ۾ انهن جا مددگار ٿيندا هئا. هاڻ ڇا پيو ٿئي. شهرن ۾ دهشتگردن ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن سنڌين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي. گهر مان ٻاهر نڪرڻ ۽ بي فڪري جي زندگي هاڻ خواب ٿي ويئي آهي. زميندارن زمينن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان ڪري سنڌ جي زمينن تي وڏو اثر پيو آهي ۽ آبادي گهٽ پئي ٿئي. اُن جو اثر اهو ٿيو آهي ته کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿينديون پيون وڃون. سرمائيدارن سنڌ ۾ سرمايو لڳائڻ ڇڏي ڏنو آهي. لڳل فيڪٽريون بند ٿي ويون آهن يا نالي ماتر وڃي رهيون آهن. اڳ ته هي ڌاڙيل وڏن ماڻهن کي کڻندا هئا. هاڻ ته هي حال آهي ته غريب ڪلارڪ، ماستر، پورهيت، جوان ۽ ٻارن کي به کڻن ٿا، جيڪڏهن ڪير به اُنهن کي ڪجهه نه ٿو ڏيئي سگهي ته هو اُنهن کي ماري ڦٽو ڪيو ڇڏين. مائرن، ڀينرن، زالن ۽ ٻچن جون آهون به اُنهن جي دلين ۾ ڏار نه ٿيون وجهن......
اڳ پراڻي وقتن ۾ چور ڏنڊو يا ڪهاڙي کڻي نڪرندو هو يا ڌاڙيل کاٽ هڻڻ نڪرندو هو ته وڌ ۾ وڌ هڪ بندوق گڏ کڻندو هو. ان بندوق کي استعمال ڪرڻ جو موقعو به گهٽ ايندو هو. چورن ڌاڙيلن جي اچڻ سان گهر جي ڀاتين جي رڙ واڪي تي سڄو ڳوٺ گڏ ٿي ويندو هو. اها ٻڌي ۽ پنهنجائپ چورن ڌاڙيلن جا ترا ڪڍي ڇڏيندي هئي. ڌاڙيل به هٿيارن جو استعمال ڪرڻ کان بغير ئي ٿڏي تان ڀڄي ويندا هئا. هو هروڀرو گوليون هلائي، ماڻهن کي ماري رت جي راند ڪونه کيڏندا هئا. اُنهن ڌاڙيلن جو مقصد صرف دولت حاصل ڪرڻ هوندو هو. دولت حاصل نه ڪري سگهيا ته ڀڄي جان ڇڏائي ويندا هئا. هاڻ ته بي حسي تمام گهڻي وڌي ويئي آهي. دولت جي حوس انهن کي صفا ظالم ڪري ڇڏيو آهي. هي سڀ ڌاڙيل انسانيت جون، اخلاق جون سڀ سرحدون پار ڪري چڪا آهن. نون نون قسم جي هٿيارن هنن کي وڌيڪ ظالم بڻائي ڇڏيو آهي. هٿيار ائين هلندا آهن جو مارڻو هڪ کي هوندو آهي ۽ مري پندرهن ويهه ويندا آهن. اُنهن هٿيارن مان تيزي سان ۽ بي انداز گوليون نڪرنديون آهن ۽ انسان ويچارا انهن جو شڪار ٿي ويندا آهن.
هڪ ڌاڙيلن جو ظلم ٻيو انسانن جي بي حسي ۽ محبت جي ڪمي، هاڻ اڄ جي دور ۾ ڪنهن جي گهر ڪو چور ڌاڙيل آيو ته سائين گهرڀاتين جي رڙ واڪي تي ڪو به نه پهچندو. اٽلو گهرن جا در ۽ دروازا مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويندا آهن ته متان اهي ڌاڙيل اسان جي گهر ۾ نه گهڙي پون. ڌاڙيل ته ظالم آهن، رهزن آهن، خوني آهن، پر انهن جي همت صرف اُن ڪري وڌيل آهي جو اسان پنهنجون روايتون ڇڏي ڏنيون آهن. هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ ۽ قدرڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن ايٽمي ۽ مشيني دور ۾ انسان خود ماديت پرست ۽ مشيني انسان ٿي پَيو آهي. هٿيارن جي زور تي هي ڌاڙيل گولين جي برسات وسائيندا، دهشت ڦهلائيندا حمله آور ٿا ٿين ڪنهن گهر تي، ڪنهن بس تي، ڪنهن گاڏيءَ تي پوءِ لانڍي جي لانڍ ماڻهن جي لاهي عورتن جي بي حرمتي ڪري گاريون گند ڏيئي جانورن وانگر انهن انسانن کي ڌڪيندا ٿيلها ڏيندا، بندوقن ۽ ڪلاشنڪوفن جا بٽ اُنهن کي ماريندا. گولين جي ڌماڪن جي آواز ۾ اُنهن کي ڊيڄاريندا وڃيو انهن کي قيد ڪن. پوءِ واندا ٿي هو ان غريبن کان حساب ڪتاب گهرندا آهن. ڪير ڪيتري حيثيت ٿو رکي. ڪير سرندي وارو آهي ڪير غريب آهي. اهو سڄو حساب ڪتاب هو رکندا آهن. هو سرندي وارن مان ته ٺهيو پر غريبن مان به ڪين مڙندا آهن. سڀني جي مائٽن کان لکن رپين جو ڀنگ گهرندا آهن. هن ڪاروبار کي هنن ڌاڙيلن اڃا به وسعت ڏني آهي. ترقي ڪرائي آهي. کنيل انسان اگر وڏي آسامي آهي ته اهو هڪ ڌاڙيلن کان ٻئي ڌاڙيلن جي ٽولن تائين وڪامندو رهندو آهي. مائٽ ويچارا پيرا کڻندا، ڳوليندا وڏن ماڻهن جو چؤ چواءُ ڪرائيندا اڃا هڪ هنڌ پهچندا مس ته خبر پوندي ته سائين ڪالهه ته اسان وٽ اهو ماڻهو هو. پر هاڻ اسان وٽ اها ٻانهن ڪونهي . اصل ڌاڙيلن وٽ جڏهن ماڻهو ملي ٿو ته هو چوندا آهن ته هيترا لک ڏيئي ٻئي ڌاڙيل کان ماڻهو ورتو آهي. جيڪڏهن توهان اسان کي فائدو نه ٿا ڏيڻ چاهيو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کي نقصان ته نه ڏيو جيتري پيئسن ۾ خريد ڪيو اٿئون اوترا پئسا وٺڻ ته اسان جو حق آهي. هاڻ رهيا آهن غريب جن جو نه ڪو اوهي نه واهي هو اُنهن مان به ڪونه مڙندا آهن. هنن غريبن جا وارث جن مان ڪن وٽ ته اٽو لٽو ۽ اجهو به پورو ڪونه هوندو آهي وري وچولا ماڻهو نوڪريون ڪندڙ، مهيني جي پگهار تي زندگي گذارڻ وارا انهن وٽ ته ڪنهن به مهيني ۾ ٻه چار سو به ڪونه ٿا بچن. الٽو مهيني جي آخر ۾ هو قرضي ٿيو پون. اهي غريب ويچارا ڪٿان ايترو ڀنگ ڀريندا ۽ هنن ظالمن جا مطالبا پورا ڪندا. بي حسي ۽ ظلم جي انتها ته اها آهي ته اها خبر هوندي به ته فلاڻي جا مائٽ غريب آهن ۽ هو ڪجهه به نه ٿا ڏئي سگهن. ڪجهه ڏينهن انتظار ڪري اهو اُنهن غريبن کي قتل ڪيو ڦٽو ڪيو ڇڏين. انهن غريبن کي مارڻ مان اُنهن کي ڇا ٿو حاصل ٿئي؟!!! اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ کان مٿي آهي...........
ڌاڙيلن جو مسئلو سنڌ جو تمام وڏو ۽ حساس مسئلو آهي. هن مسئلي کي وڏي سمجهداري ۽ عقل سان منهن ڏيڻو پوندو. هر باشعور سمجهدار ماڻهو توڙي اڻ پڙهيل جاهل هر ڪو چاهي ٿو ته هاڻ هنن ڌاڙيلن مان جان ڇٽڻ کپي، ڌاڙيلن ۾ هي انسانن جو واپار جيڪو هليو آهي سو قابل مذمت ۽ ناقابل معافي آهي.... ها پر ائين نه ٿئي جهڙي طرح پهرين ٿيندو رهيو آهي. اڳ ضياءُ الحق جي زماني ۾ جڏهن ڌاڙيلن جي خلاف جڏهن به ڪاروائي ٿي ته ان وقت ڌاڙيلن کي ته ڪنهن ڪجهه به نه چيو پر اُن جاءِ تي سياسي انتقام ورتا ويا. ذاتي دشمنيون ڪڍيون ويون. غريب ڳوٺاڻن کي تنگ ڪيو ويو. ڌاڙيلن کي رهائڻ ۽ کارائڻ جي جرم ۾ غريب ۽ عزت وارن جي گهرن ۾ گهڙي انهن جي عورتن ۽ نياڻين جي بي عزتي ڪئي ويئي. خواه مخواه گهر ڀاتين کي پڪڙي پڪڙي جيلن ۾ وڌو ويو. گهرن ۾ پيل اناج، ٻڪريون، ڪڪڙيون ۽ ٻيون شيون گاڏين ۽ ٽرڪن ۾ ڀري ڍوئيون وينديون هيون. هاڻ ان ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو ته اڄ ڪلهه پريس ۽ ماڻهن ۾ جيڪو اهو تصور پيدا ٿي چڪو آهي ته ڌاڙيلن جيڪي به آهن سي سڀ سنڌي آهن. ان تصور کي به رد ڪرڻو پوندو!!! سنڌ اڄ جي حساب ۾ تمام حساس صوبو آهي. محرومين سنڌ جي ماڻهن جي اندر ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن ۽ جذباتي طور انهن ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن. سنڌي اڳ ۾ ئي محرومين، ناڪامين ۽ عدم تحفظ جو شڪار ٿي چڪا آهن. ڌاڙيلن جا به ڪيترا قسم آهن. جيئن ڪن شهرن ۾ وڏن ماڻهن جو اولاد جن جون ضرورتون ۽ بدمعاشيون وڌيل آهن ۽ مائٽ اُنهن جو پورائو نه ٿا ڪن، اُهي به اهي اغوا جون ڪاروايون ڪن ٿا. اهو به سچ آهي ته اهي وڏن ماڻهن جا پٽ سنڌي ڪونه آهن. ڪي ڇوڪرا شوقيه ۽ مذاق خاطر پنهنجن دوستن کي اغوا ڪندا آهن. اغوا جون خبرون ته اخبار ۾ اچي وينديون آهن سرخين سميت پر اندر ئي اندر جيڪو سچ هوندو آهو سو ظاهر نه ٿيندو آهي. سياسي تنظيمون به هڪ ٻئي جا ماڻهو اغوا ڪري دهشت ڦهلائڻ خاطر يا ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ خاطر به اهو ڪڌو ڪم ڪنديون آهن. سياسي پارٽيون جيڪي چندن تي هلنديون آهن. اهي به وڏن وڏن ماڻهن کان چندا حاصل ڪنديون آهن. اگر ڪنهن وڏي ماڻهوءَ چندو نه ڏنو ته پوءِ اُن کي اغوا ڪري ڊرامو رچائي پئسا ڪڍيا ويندا آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به گهڻو ڪري ائين ٿي رهيو آهي. هڪ دهشتگرد تنظيم ته منظم نموني اهو ڪاروبار هلايو آهي ته انهن جا ماڻهن نون ماڊلن جون گاڏيون ۽ اسڪوٽر کسي هليا ويندا آهن. پوءِ انهن جي ئي تنظيم جو ماڻهو گاڏي يا اسڪوٽر جي مالڪ سان رابطو قائم ڪندو. ان سان همدردي ظاهر ڪري پاڻ کي ڪو وڏي هٿ وارو ظاهر ڪري اُن کي گاڏي يا اسڪوٽر موٽائي وٺرائي ڏيندو. ان جي عيوض اُن مالڪ کان هزارين رپيا ورتا ويندا آهن. هيءَ دهشتگرد تنظيم جت اُهي پئسا جمع ڪرائيندي آهي ان جو نالو انهن بيت المال رکيو آهي.........
ايتريون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن کي مد نظر رکي هنن ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. سڀ کان پهرين ته ذهن ۾ اها ڳالهه رکڻي پوندي ته ڌاڙيل رڳو سنڌي ڪونه آهن. رڳو سنڌين مٿان قهر ٿي ناهي ڪرڻو..... پوليس کي ۽ حڪومت کي وڏي دل رکي، تعصب ۽ نفرت کان پاڻ مٿاهون رکي، سياسي ۽ ذاتي دشمنين کي وساري هنن ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. اگر نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ سان هن عمل کي شروع ڪيو ويو ته يقيناً سڄي سنڌ جو تعاون هن حڪومت کي حاصل ٿيندو، هنن ڌاڙيلن خلاف..... ڇو ته هاڻ ماڻهو سک سان نوڪريون ڪرڻ، سک سان ڪاروبار ڪرڻ ۽ سک سان جيئڻ چاهين ٿا.

آچر 16 ڊسمبر 1990ع