عشق تنهنجا روپ هزار ......
ها اهو عشق ئي آهي جيڪو گهرن کي آباد به ڪندو آهي ۽ گهرن کي ويران به ڪندو آهي عشق جا ڪيترائي رنگ روپ آهن. هڪ روپ هيو ليکڪا ثميره زرين جو، جنهن پنهنجي ڀاءُ سان عشق ڪيو. ڏاڍي دل هوندي هئس ڀاءُ سان. پاڻ شادي نه ڪئي هيائين. ڀاءُ ئي سهارو ۽ اميد هئس. جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائين ته مون کيس ڏاڍو پُر سڪون ڏٺو. هوءَ منهنجي پاڙي ۾ رهندي هئي. اسان جي عمرين جو تفاوت ادب جي حوالي سان گهٽجي ويو. مان اڃان مئٽرڪ مس پاس ڪري ڪاليج ۾ آئي هيس ۽ هوءَ هڪ مئچوئر عورت هئي. مان ان سان ڏاڍيون ڪچهريون ڪيون. مون ۾ هڪ عادت آهي، پاڻ وڏن وٽ يا وري ڪنهن محفل ۾ وڏن جي موجودگيءَ ۾ مان چاهيندي آهيان ته هو گهڻي ۾ گهڻو ڳالهيائين ۽ مان ٻڌندي رهان. ثميره زرين سان گهاريل وقت ڏاڍو سهڻو وقت هو. مان اڪثر کانئس هڪ سوال پڇندي هئي ”توهان شادي ڇو نه ڪئي؟“ هوءَ ان سوال جو جواب لنوائي ويندي هئي. ڪچهري دوران ان جي هر ڳالهه پنهنجي گهر ۽ ڀاءُ تائين محدود ٿي ويندي هئي. ٻه ٽي سال ان جيڪايونيورسٽي ۾ نوڪري ڪئي، ات جيڪي به ان سان مليا هوندا انهن اها ڳالهه ضرور محسوس ڪئي هوندي ته سادي ۽ سٻاجهي ثميره زرين ۾ هڪ نئين زندگي ايندي رهي هئي هوءَ پاڻ کي سينگاريندي هئي، کلندي هئي، ٽهڪ ڏيندي هئي. پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪيئن نه ثميره زرين جي ڀاءُ وفات ڪئي ۽ هوءَ ڪومائجي ويئي، ڀاءُ کان پوءِ هوءَ زنده نه رهي سگهي، مون ان کي ڏاڍو اداس ڏٺو. مسڪرائيندڙ چهري تي مون ڏکن جون ريکائون ۽ وهندڙ ڳوڙها ڏٺا. ڀاءُ جي عشق ثميره زرين کي ماري ڇڏيو، نه ته ان جي عمر مرڻ جي نه هئي...
عشق جي هن روپ کانپوءِ هي به عشق جو روپ آهي ته شادي شدهه مردن سان عشق ڪجي. اهڙا عشق به ڏٺم، پنهنجين هڪ جيڏين کي ڪندي. هڪ واقعو ته اهڙو هو جو سالن تائين ذهن تي سوار رهيو. منهنجي هڪ جيڏل عشق ڪيو. اهو عشق نه هو ايٽم بم جو ڌماڪو هو. حيدرآباد جي ادبي دنيا کي ان عشق ڌونڌاڙي ڇڏيو. مان به هڪ طويل نظم لکيو ان عشق تي، ان نظم جو آخري حصو هو ته . . . “منهنجي راڻي، پريم ڀڳوان آ، ڀڳوان سان ملاپ مهان پاپ، پاپ ۾ نه پاس، گنهگار نه ٿي، هٽي وڃ هن چوواٽي تان، پنهنجي روح جي پاڪائي، جذبن جي سچائي، کڻي هٽي وڃ، ڇو جو مان نه ٿي چاهيان ته تون مري وڃين،“ ها منهنجي ان جيڏل پاڻ کي ماري ڇڏيو، پنهنجي محبوب سان شادي ڪري. مون کي سندس عشق ڪرڻ تي اعتراض ڪو نه هو. ڇو ته عشق ائين حمله آوار ٿيندو آهي جو خبر ئي نه پوندي آهي. اعتراض هو مون کي ۽ ٻين ڪيترن کي ته انهن ٻنهي کي شادي ڪرڻ نه کپي ها.
ان وقت مان اڪرم سلطانه جي نالي سان لکندي هيس. ان شاديءَ کان پوءِ ڪنهن چيو ته ”سنڌي ڇوڪرين کي گهوٽ ته ملن ئي ڪو نه ٿا. هو ادب جي دنيا ۾ ان ڪري ٿيون اچن ته وَرَ هٿ ڪري سگهن، هاڻ ڏسون ته ٻيون اديبائون ڪهڙا ٿيون ڦاڙها مارين . . . منهنجي هڪ ٻي جيڏل ڏک مان اها ڳالهه ٻڌائي ته ڏس ته سهي ماڻهو ڇا پيا چون. . . اندر اصل جهري پيو. ساندهه ٻارنهن مهينا ڪجهه به لکي نه سگهيس. آخر جڏهن وري لکڻ شروع ڪيم ته نالو مٽائي سلطانه وقاصيءَ جي روپ ۾ ظاهر ٿيس. شڪ ته سڀني کي پوندو هو ته اها مان ئي آهيان پر مان ڪنهن سان به ڪو نه سليندي هيس. دل چاهيندي هئي ته اصل ڪنهن کي به خبر نه پوي ته ڪو سلطانه وقاصي مان ئي آهيان. خير ڳالهه گهڻي دير تائين لڪل نه رهي . پوءِ سائين ڪيترائي عشق ۽ شاديون ڏٺيونسين. شادي شدهه اديبن ۽ دانشورن جي فرسٽريشن ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وڏن وڏن ليڊرن کي پناهه گيرياڻين ۽ پنجاپياڻين جي پٺيان فدا ٿيندي ڏٺوسين.
ها اڄ هي سڀ پراڻيون ڳالهيون ان ڪري ياد آيون ته هڪ نئين قسم جي عشق جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. اڳ ٻڌوسين ته عشق ڪرڻ جي ڪا عمر ڪو نه هوندي آهي. اڄ اکين پيا ڏسون ته عاشق معشوق انڌ جي گهوڙي تي سوار آهن. هو ٻيئي ته ائين پيا سمجهن ته ڪا کيپ کٽي اٿن، حقيقت ۾ هو جنهن اونداهي غار ۾ لهندا پيا وڃن، خبر ان ويل پوندن جڏهن نه هو زمين جا رهندا نه آسمان جا . ميچوئر، سمجهدار، سلجهيل، پڙهيل لکيل، ٻئي شادي شدهه، ٻارن ٻچن وارا هڪ ٻئي جا عاشق معشوق ٿي پيا آهن. آهي نه انڌيرنگري چرٻٽ راجا وارو قصو . . . هڪ ڳالهه سوچيندي آهيان. ڀل ماءُ پي جي پرواهه نه ڪجي، خاندان وارن کي ڏجي باهه. پر اهو ته سوچجي ته انسان جي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي عزت به ڪا حيثيت رکي ٿي. الائجي ڪيئن هي ماڻهو پنهنجي وجود کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏين ٿا. الائجي ڇو هو پنهنجي عزت جي پرواه به نه ٿا ڪن، عشق کي ڍال بڻائي نفس جا غلام ٿا ٿي وڃن.
ان ڳالهه تي ته اعتراض ڪري ئي نه ٿو سگهجي ته عشق نه ڪجي. ڀل عشق ڪجي. هڪ ڀرپور جاندار عشق ڪنهن جو وڻڻ يا ڪنهن کي وڻائڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي. هي به زندگيءَ جون اُهي راحتون آهن جيڪي چپڙي چپڙي ڪري وجود ۾ گهر ڪري ويهنديون. وس ۾ ئي نه هوندو آهي چاهت کي وجود مان نپوڙي ٻاهر ڪڍڻ، ڪنهن ڪنهن وقت ان چاهت کي لڪائڻ به مشڪل ٿي پوندو آهي. هڪ هنڌ امر جليل لکيو آهي ته “جنگ فقط جهر جهنگ، ميدانن ۽ بيابانن ۾ نه لڳندي آهي، هڪ جنگ دل جي شهر ۾ به هلندي آهي، جڏهن انسان جو اندر جنگ جو ميدان ٿي ويندو آهي” ان وقت ڪنهن کي چاهڻ ۽ چاهت لڪائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. ها بيڪس کي به ته ساڌ ٻيلي جي مورڙيون ڪري ٻڌايو هو ته “هر انسان ساجن جو روپ نه هوندو آهي”. ها سائين اهي ساجنن جا روپ ۽ سروپ مٽجندا رهندا آهن. ماحول ۽ معاشري جي حد بندين ۾ اهي عشق سولا به آهن ته ڏکيا به آهن، ڀلا جي کڻي عشق ٿي به ويو ته ان عشق کي ڪيئن نڀائجي؟ ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم جڏهن ان عشق پٺيان نه صرف پنهنجي وجود جي بازي لڳائي ويندي آهي، خاندان جو ٻيڙو ٻوڙيو ويندو آهي پر پنهنجن ٻچن کي به رولي ڇڏبو آهي. انهن عاشقن کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي جو هو پنهنجي نفس پٺيان ٻين جون زندگيون برباد ڪري، پنهنجو تماشو ٺاهي وڃي ڪورٽن تائين پهچن .
ڪافي سال اڳ هڪ ڪهاڻي پڙهي هيم ته هڪ عورت ۽ مرد ٻئي شادي شده هئا. عورت ويچاريءَ جو مڙس ڏاڍو ظالم هو، ان تي ڏاڍيون سختيون ڪندو هو. هڪ دفعو فون تي انهن جو نمبر ملي وڃڻ ڪري ان مرد ۽ عورت جي دوستي ٿي ويئي. انهن هڪ ٻئي کي ڏٺو ئي ڪو نه سالن جا سال هو پاڻ ۾ تعلق رکندا آيا. پاڪ پوتر تعلق جنهن ۾ ڪا غرض ڪا نه هئي، هو فون تي پنهنجو پاڻ ۾ ڏکن سکن جون ڳالهيون ڪندا هئا. آخر اهو وقت به آيو جڏهن انهن پنهنجن ٻارن کي رشتن ۾ جوڙي هڪ نئون روپ ڏنو ۽ هڪ ٻئي کي ڏٺو هو، ان تعلق کي انهن جي تعلق ۾ جذبو هو ، سچائي هئي، هو ٻئي ڪوڙي عشق ۽ نفس جا غلام ڪو نه هئا. . .
حقيقتن کي منهن ڏيڻ ئي سڀ کان وڏي سچائي آهي. اها سچائي اها آهي ته ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جن جي قدمن جا نقش ٻين لاءِ راهون کوليندا آهن. چاهي اهي انسان ادب جي حوالي سان هجن، تعليم جي حوالي سان هجن، يا وري سياست جي حوالي سان . انهن کي جڏهن سڀڪو سڃاڻيندو آهي ته انهن کي به پنهنجي عمل ۽ ڪردار کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن سڀني کي ۽ ٻين کي پنهنجي راهن جا نشان اهڙا ڇڏڻ گهرجن جو مثال ٿي پون. ائين نه ٿئي جو مائٽ اهو چون ته “متان پڙهيا آهيو، ڏسو فلاڻا پڙهيا آهن، تعليمي ماهر ۽ اديب آهن ۽ اهي ڪُڌا ڪم پيا ڪن،” متان ائين نه ٿئي جو مائٽ وري پنهنجي نياڻين کي ڪوٽن ۾ بند ڪري چون “متان قلم هٿ ۾ کڻي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو، اڄوڪي دور جون اديبائون، پڙهيل لکيل عورتون لکن ئي ان ڪري ٿيون، يا ته هو عشق ڪن، ٻين جا گهر برباد ڪن، يا وري پنهنجا گهوٽ ڳولهڻ نڪرن ٿيون.”
10 فيبروري 1991ع