اڪيليون ۽ فنا ٿيندڙ پيڙهيون
هڪ ٻار جڏهن جنم وٺي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڄمي ٿو، ماءُ پيءُ کي جيڪو سڪون ملي ٿو، خوشي ملي ٿي پنهنجي پيڙهي پيدا ٿيڻ جي ڪري، ان جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي، ٻار جي ڄمڻ کان وٺي ان جي جوان ٿيڻ تائين، هڪ وڏو ڊگهو، خوشي ڏيندڙ عمل آهي جنهن مان والدين کي گذرڻو پوندو آهي . . . هر ماءُ پيءُ اهو چاهي امير هجي چاهي غريب، پنهنجي وسعت کان وڌيڪ پنهنجي اولاد کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندا آهن. هڪ ٻار جي وڌڻ ويجهڻ سان گڏوگڏ ماءُ پيءُ جون آسون اميدون به وڌنديون رهنديون آهن. پيءُ سوچيندو آهي ته اولاد ته سيڙايل موڙي آهي. جنهن جي جوان ٿيڻ سان اسان جي ٻڍاپي جا سور لهي ويندا . . . جوان صالح پٽ، ڪمائيندڙ پٽ ماءُ پيءُ کي سک ڏيئي ٻڍاپي جو سهارو ٿيندا آهن. آخري وقت ۾ ڪلهي ڪانڌي ٿي وڃي قبر ۾ پوري لَٽي ايندا آهن . . . اهڙين اميدن ۽ دعائن جي ڇت هيٺيان پلندڙ جوان جڏهن اوچتو ئي اوچتو گولين جو کاڄ ٿي وڃن. جڏهن پوڙهو پيءُ جوان پٽ جو ڪانڌي ٿئي ۽ اها ماءُ جنهن جو اندر جيڪو جواب پٽ کي ڏسي ٺرندو هو ان کي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل ڏسي ان ماءُ جو اندر ٻري آڱر ٿي وڃي. اهو ڏک اڃا به ان ويل وڌي ٿو ته اهو ظلم ۽ قهر پنهنجن جو ڪيل هجي. هلندڙ گوليون، ماريندڙ گوليون پنهنجون هجن ته اسان توهان سڀ ڇا سوچيون؟ ڇا ڪيون ڪاڏي وڃون . . . ڪجهه ڏينهن اڳ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ مارجي ويل ٻه جوان ٻه سنڌي جوان گولين جو کاڄ ٿي ويا آهن. ماءُ پيءُ جون آسون اميدون وڃي پٽ پيون، زمين تي وهندڙ رت ۽ اڃا به وري ٻن جوانن جو خون وهي شامل ٿي ويو. جڏهن اهڙا ظلم اهڙا قهر ٿين ته پوءِ ڇو نه ڀلا هيءَ ڌرتي تپي ٽامڻي ٿيندي؟ . . . پنهنجن هٿان معمولي ڳالهين تان مارجي ويل ڪهڙا به جوان هجن ڪهڙا به گهر هجن اهو ڏک صرف انهن جو نه آهي. اهو وهندڙ رت صرف انهن ٻن جوانن جو نه آهي. ان رت جي هر ڦڙي ۾ اسان سڀني سنڌين جو حصو پتي آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هر جوان جو انت ائين ئي ٿيندو. ماريندڙ پرايا هجن يا پنهنجا بهرحال سنڌي جوان کي مرڻو آهي. بيدرديءَ سان مارجي وڃڻ ڪُسجي وڃڻ ان جي نصيب ۾ لکيل آهي. انهن کي اها يادگيري ڏيارجي ته بابا هاڻ وارو آهي توهان جي گهر جو، توهان جي نوجوانن جو، انهن مائرن ۽ ڀينرن کي ذهني طور تيار رهڻ گهرجي جن جا ٻار ننڍڙا آهن، وڏا ٿي اهي به ويندا هليا. هر سنڌيءَ جي نصيب ۾ اهو ڪجهه لکيل آهي.
هر گهر جا در هاڻ بند ٿي ويندا، نسل ۽ پيڙهيون فنا ٿي وينديون، ڪجهه به نه رهندو، ڪجهه نه بچندو. ڪڏهن پنهنجن هٿان ڪڏهن پراين هٿان اهو رت وهندو رهندو ۽ وهندو رهندو . . .
امداد حسينيءَ جي هڪ شعر جي سٽ آهي:
ڌرتيءَ کان آڪاش تائين ڪهڙا گهاءُ ڳڻيندين سائين،
رستي رستي توکي ملندا، بيمار سوين، مجبور سوين،
ناسورن سان چُورِ سوين، تون درد لڪايو وتين،
سو ڪيئن چوين، سو ڪيئن چوين؟
ڇا چئجي ڇا نه چئجي ڇا چوڻ لاءِ ڪجهه بچيو آهي؟ ڇا اسان سڀ ايترا بي حس ٿي ويا آهيون جو ٻرندڙ جبل جي اوٽ ۾ هوندي به باهه جي اُلن ۽ تپش کي درگذر ڪندا ٿا رهون.. .... هيڏا ظلم سهي ويهڻ ۽ پوءِ پنهنجن تي هلان ڪرڻ اسان تي ٺهي ٿو. اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته وچ مان ڪنهن دشمن اهو ڪم ڪيو هجي جيڪو نه چاهيندو هجي ته ڪو سنڌي پاڻ گڏ ٿي هڪ ٿين. هت اهو به سوال اڀري ٿو ته ڇا اهو دشمن ڪو ٻار آهي جو ٻاراڻيون حرڪتون پيو ڪري؟ حيرت جهڙي ڳالهه آهي عجب ته هن ڳالهه جو آهي ته سنڌين کي ڪا بددعا آهي ته هو هڪ هنڌ متفق ٿي نه ٿا سگهن باقي اهڙن جوانن کي ماري رت وهائڻ مان فائدو ؟ اڳ رت دانگيءَ تي ورندو هو، هاڻ ته خون لڙهيو وڃي، پر گند ۾ لڙهيو وڃي. سنڌ سان پيار ڪرڻ وارا وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ وارا. هرڪو ٿو وڏي واڪ چوي ته مان ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو همدرد آهيان. پر هو سڀ سنڌ جي نالي تي پاڻ ۾ گڏ ٿي هڪ هنڌ ويهي نه ٿا سگهن. پنهنجن جا لاش کڻندي انهن جا ڪلها ئي ڪونه ٿا ٿڪجن. دشمن کي به اها خبر آهي ته اسان ماريون يا هو پنهنجو پاڻ کي مارين، ڳالهه مڙيوئي ساڳي ..
اڄ هي ڪالم لکندي طبيعت ۾ ڪجهه عجيب قسم جي بيچيني آهي. صبح سان اخبار پڙهي دل تي ٻوجهه وڌيل آهي. مان هڪ دفعو اڳ به لکيو هو ته عام سنڌي ماڻهو نه بي همت آهي نه ڊڄڻو آ. هر وقت هو تيار آهي جان ۽ مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ. اٻوجهه سنڌي لبيڪ چئي هر وقت تيار ويٺا آهن قربانيءَ لاءِ پر اخبارن ۾ ڏنل اسان جي وڏن ليڊرن جا بيان اصل اندر ڪوري، ڦٽ ڪري ٿا وجهن.
اسان جي عوام جي هلايل ڪنهن به ڀرپور جدوجهد جنهن مان ڪي سٺا نتيجا نڪري سگهن ٿا ان جدوجهد کي سڀ ليڊر، انهن جي حقن جي ڳالهيون ڪرڻ وارا، رهبريءَ جي دعويٰ ڪرڻ وارا، هي سڀ قومپرست ۽ وفاق پرست غلط قسم جا بيان ڏئي پنهنجن ماڻهن کي جيڪي انهن جي رهبري قبول ڪن ٿا يا وري اکيون ٻوٽي ووٽ ڏين ٿا، انهن سڀني کي اڪيلو ڇڏي، انهن جي هلايل جدوجهد، ڏنل قربانين کي مليا ميٽ ڪري وڃي ٿا ڪنڊ وٺن. اسان جي ليڊرن جي مٿي ۾ اهو اُٺ ويٺل آهي ته سنڌي ماڻهو انسان ته آهن ئي ڪو نه، ڍور ڍڳا آهن. ٿڪ بُجي ۾ خوش آهن. اليڪشن جي ڏينهن ۾ اسان انهن وٽ وينداسين ته اسان جي پٺيان هوندا. هي سنڌي ويندا ڪاڏي. اسان کان سواءِ ووٽ ڪنهن کي ڏيندا. پوءِ ڀلا جي سنڌي مرن يا جهرن وڃي ڌوڙ پائين.
اڄ ٻيو ڏينهن آهي جدوجهد جو . الائجي ڇا ٿئي؟ جيڪو ڪجهه به ٿئي ان کي منهن ڏئي ۽ هن دوران ڏنل بيان ۽ ليڊرن جي عمل کي سامهون رکي سنڌي قوم کي وڏا فيصلا ۽ قدم کڻڻا پوندا. اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻو ۽ سمجھائڻو پوندو ته عام سنڌي ماڻهو شعور رکي ٿو. ڍور ڍڳو نه آهي. هاڻ سنڌي قوم جي واڳ سنڌين کي پاڻ سنڀالڻي پوندي. قوم جي بي حس ٺيڪيدارن جي هر عمل ۽ قول جو حساب وٺڻو پوندو ...... نه صرف وٺڻو پوندو ... پر ضرور وٺڻو آهي.
آچر 03 نومبر 1991ع