ڌرتيءَ تي ويڳاڻو- ويچارو انسان
انسان جڏهن هن ڌرتيءَ تي سڀ کان پهرين لٿو ته دنيا ائين نه هئي جيئن اڄ آهي. ننگ ڌڙنگ انسان جنهن کي پيٽ قوت، نفس ۽ شيطاني وصفن سان ڀري هڪ عقل جهڙي ڏات ڏيئي چيو ويو “هاڻ ابا هل گذار پنهنجي زندگي!!” اهو انسان ان وقت ڇا پئي ڪري سگهيو سواءِ ان جي ته هو پاڻ کان طاقتور شين کان ڊڄي. ان ڪري ئي ان دور ۾ انسان هر شيءِ کي مجبور ٿي پوڄيو. مٿي آسمان ۾ بجلي جي چمڪاٽن، برساتن جي اوهيڙن ان جو ويهڻ وهه پئي ڪيو، ته هيٺ ڌرتيءَ تي چرندڙ پُرندڙ جانورن سندس رت ماس پئي کاڌو. الائجي ڪيترن دورن مان گذري الائي ڪيترن طاقتن کي پنهنجو خدا سڏائي اڄ انسان هن ائٽمي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ اچي پهتو آهي. هر ڳالهه ۾ سائنس آهي هر ڳالهه ۾ علم ۽ عقل جون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن.
سوال هن وقت اهو ٿو اڀري ته انسان جي ان سڄي جاکوڙ ۾ انسانيت لاءِ انسان جي وجود لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ اڄ جي دور ۾ انسان جي وجود جي نفي ڪري مشيني قوت کي طاقتور بڻايو ويو آهي. اڄ اهڙي قسم جا هٿيار، اوزار ۽ گيسون ٺاهيون ويون آهن جيڪي هڪ منٽ ۾ سڄي ڪائنات جي ماڻهن کي ختم ڪري سگهن ٿيون. انسان جو وجود ثانوي حيثيت بڻجي ويو آهي. اصل ۾ حيثيت هنن گهرن گهاٽن ۽ مال ملڪيتن جي آهي. بس گيس کي کولي ڇڏيو ته پوءِ هر چرندڙ پرندڙ جيو اتي ختم! هٿيارن جو زور ته ايترو آهي ۽ هٿيارن کي ايترو ته وسيع ڪيو ويو آهي جو هڪ ڌڪ سان سوين ماڻهو ماري سگهجن ٿا. اڄ پنهنجن ملڪن ۾ ويهي صرف بٽڻ کي دٻائي هزارين ميل پري ٻين ملڪن ۾ ميزائيل اُڇلي تباهي بربادي ڦهلائي سگهجي ٿي. اڄ ڪلهه دنيا جي گهڻي ۾ گهڻي بجيٽ صرف ان تي خرچ ڪئي ٿي وڃي ته انسانن جي وجود کي فنا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نوان طريقا ايجاد ڪجن . . .
اڄ جي زماني ۾ انسان ۽ انسانيت کي وساري شيطاني قوتن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي جنهن ملڪ ۾ شيطاني قوتن جي ڀرمار آهي اهي ئي سڀني جو ابو آهن. هن سائنس جي ترقي نه صرف انسان کي تباه پئي ڪري پري پر هن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کي به بدبودار پئي بڻائي. زمين جي پاتال کان وٺي آسمانن جي خلائن ۾ عجيب قسم جون شيون محلول ٿي ويون آهن. هوا ۾ ملاوٽ، کاڌن ۾ ملاوٽ، پيار محبت ۾ ملاوٽ، انسان جي وجود ۾ ملاوٽ، جانورن جي پيٽ مان انسانن جهڙا ۽ انسانن جي پيٽ مان جانورن جهڙا ٻار پيا پيدا ٿين. ڏينهن، گهٽجندا پيا وڃن. هفتا ائين ٿا گذرن جيئن ڏينهن، مهينا ائين ٿا گذرن ڄڻ هفتا. سال ته ائين ٿو گذري ڄڻ ڪلهه جي ڳالهه آهي. انسانن جا قد گهٽجي ويا آهن. مشڪل سان ڪو جوان قدآور ۽ سهڻو نظر ايندو نه ته گهڻو ڪري مردن جا قد زنانا ۽ عورتن جا قد ٻاراڻا ٿي ويا آهن. عمريون گهٽجنديون پيون وڃن. چاليهه پنجيتاليهه سالن تائين به ڪو پڳو ته خير ٿيو. قسمين قسمين بيماريون جن جو نالو نه پتو بس چيو ڇڏين ڊاڪٽر ته اها وائرس آهي. هر بيماري وائرس آهي! اِها وائرس هن وايو منڊل ۾ انسان کي گهيريو ويٺي آهي. اڳ لوڙهي ڏنل گهرن ۾ به لٺ رکي انسان سک آرام سان زندگي گذاريندو هو ۽ رات جو سک سان ننڊ ڪندو هو. هاڻ انسان پنهنجي ٺاهيل هٿيارن سان ئي پنهنجي حفاظت ٿو ڪري. گهرن جون ديواريون اوچيون ٿينديون ٿيون وڃن. انهن لوهي پڃرن جي بند گهرن ۾ انسان ڄامڙو ٿي پيو آهي ۽ جانورن جهڙي زندگي پيو گذاري.
انسان جيڪو هن ڪائنات ۾ هاڻ سڀ کان طاقتور بڻجي چڪو آهي. ان جي سڀ طاقت ان ڳالهه ۾ صرف ٿي رهي آهي ته انسانن جي وجود کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو، ماري سگهجي ٿو، اها ڳالهه به آهي ته ان جاءِ تي ان ڳالهه لاءِ به وقت صرف پيو ٿئي ته انسان جي بيمارين لاءِ ڪهڙا اُپاءِ ورتا وڃن. نيون نيون ريسرچون پيون ٿين. انسانيت جي پرچار پئي ٿئي. ايبنارمل ٻارن ۽ وڏن لاءِ ادارا پيا قائم ٿين. انسان سان وابسته اخلاقي ۽ سماجي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا. ها پر ان ڳالهه تي ڪو به سوچ ويچار نه ٿو ٿئي ته هي فضائي آلودگي، هي ايٽمي درندگي ان جي ڪري ئي هي سڀ دنيا جون بيماريون ۽ ذهني بي سڪوني پيدا ٿي آهي. اصل مسئلي ڏانهن توجهه ڪنهن جي به نه آهي. باهه ٻاري پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا ٿا وڃن. اصل ۾ باهه وسائڻ جو تدارڪ ڪنهن به نه ڪيو آهي.
گذريل ويهن پنجويهن سالن دوران هن ايٽمي ۽ ڪمپيوٽر دور ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي. پنهنجن نانن ڏاڏن ۽ ٻين وڏن نالي ٻڌندا هئاسين ته هو ايترا ته طاقتور هوندا هئا جو سپيون ۽ ڪوڏيون هٿ جي تريءَ ۾ زور ڏيئي ڀور ڀور ڪري ڇڏيندا هئا. قدآور، وڏا، ڳالهائڻ ۾ گجگوڙ هڪ ڳوٺ ۾ ڳالهائين ته ٻئي ڳوٺ ۾ آواز پهچي، همدرد، دلين جا وسيع، پنهنجو گهر ٻاري ڏياري ملهائيندا، گهر ۾ ڪڻا نه هوندن ۽ ڏيهن کي پيا دعوتون ڏيندا پرايو ڏک به پنهنجو ڪري سمجهندا هر ڪنهن جي رڙ واڪي تي سڀڪو گهر کان ٻاهر نڪري ايندو هو، مدد لاءِ پڄي ويندو هو. محبت ۽ پنهنجائپ جي گهڻائي جي ڪري محبتون به ٿينديون هيون ته مبارڪون به ڏنيون وينديون هيون.
هي سڄي ڪائنات جيڪا انسانن لاءِ خلقي ويئي هئي اُها اڄ انسان تي حاوي ٿي ويئي آهي. هڪ پاسي ايٽمي پلانٽ نصب پيا ٿين ته ٻئي پاسي ڪينسر جون اسپتالون پيون قائم ٿين. هڪ پاسي وڏا وڏا ڪارخانا هٿيار ٺاهڻ جا قائم پيا ٿين ته ٻئي پاسي ايڊز جي بچاءُ لاءِ تدبيرون ڪيون پيون وڃن. مطلب ته هر ايڪشن جو ري ايڪشن موجود آهي. انسان ان ۾ هڪ ڪٺ پتلي ٿي پيو آهي. ڪٺ پتليءَ جي ڏور به الائجي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ ذهني طور سست جسماني طور بيمار اڄ جو انسان جيڪو ٻار مان پوڙهو ٿي ٿو وڃي. جوانيءَ جو انگ، رنگ ۽ ڍنگ جيڪو ڏسي ئي نه ٿو. ٻاراڻي وهيءَ مان مس نڪري ٿو ته سماجي اقدار ۽ طور طريقا، آس پاس جون حالتون ان کي ائين وڪوڙي ٿيون وڃن جو هو جوانيءَ جا جذبا ۽ جولان ڏسڻ بنائي پوڙها ٿيو وڃن. حيرت جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته اهي سڀ پوڙها عمر جي حساب سان ٽيهن چاليهن سالن جا مس هوندا آهن. جوابداريون، بيماريون، حالتون وقت کان اڳ ۾ انهن کي مفلوج ڪيو ڇڏين. هي سونهن ڀريو سنسار جيڪو انسان لاءِ تخليق ڪيو ويو، جت انسان پاڻ کي ٺاهيو، خوش رکيو، شابس آهي ان ننگ ڌڙنگ انسان کي جنهن انسانيت جو سبق ڏنو. گڏ رهڻ جو سبق ڏنو. ان جي سوچ عمل سان ئي هي ڪائنات سونهن ڀري ٿي ويئي. هاڻ اڄ جو ستر پوش، عقل علم وارو انسان وري هن ڪائنات کي بربادي ۽ تباهي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. ڇا هن مسئلي تي سوچي نه ٿو سگهجي ته ائين ڇو پيو ٿئي؟
7 اپريل 1991ع