نورالدين سرڪي صاحب جي ٺاهيل “مهراڻ سنگت”
ها پر جت نالي ڪڍائڻ جا ڪوڏيا آهن ات اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن جو مقصد قوم جي خدمت ۽ ڪم ۽ صرف ڪم هوندو آهي. اهڙن ماڻهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس وارن جو مثال پيش ڪري سگهجي ٿو. مان انهن کي ڪم ڪندي ڏٺو آهي. انهن سان گڏ ڪم ڪيو به اٿم. اهو چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿيندي ته هي سڀ گريجوئيٽ جي سگا جا عهديدار آهن يا ورڪر انهن جو مقصد هڪ ئي آهي. عهدن جي حوالي سان به مون انهن ۾ گهٽ وڌائي نه ڏٺي آهي. هي سڀ گڏجي بغير ڪنهن لالچ جي ملي ڪم ڪندا آهن. هو ايترا منظم آهن جو وڏا وڏا پروگرام کڻي هلندا آهن ۽ خوبي سان انهن پروگرامن کي پورو ڪري اٿندا آهن. سگا بهرحال هڪ وڏو ادارو آهي جي ان جي گهڻي تعريف ڪيم ته متان منهنجي نظر لڳي وڃي يا وري هوءَ دشمن جي نظرن تي چڙهي وڃي. جيئن مان مٿي لکي چڪي آهيان ته اسان وٽ جام تنظيمون آهن. ظاهر ڳالهه ته ٿورو ڪي گهڻو اهي سڀ ڪجهه نه ڪجهه ڪن پيون. ڪي وڏا نالا ته ڪي ننڍا نالا وجود بهرحال سڀني جو موجود آهي. اهڙين تنظيمن ۾ هڪ تنظيم مهراڻ سنگت نالي به آهي.
مهراڻ سنگت به هڪ سماجي تنظيم آهي. هن جو بنياد نور الدين سرڪي صاحب جن اڄ کان ٻه سال کن اڳ وڌو. ان وقت ڪراچي شهر جون حالتون تمام خراب ٿي ويون هيون. وکريل ۽ ڇڙوڇڙ سنڌي لاوارثن وانگر مرندا رهيا. پنهنجا گهر ڇڏي لڏيندا رهيا. ان وقت ڪافي سنڌين هڪ ٻئي جي تعاون سان پنهنجو بچاءُ پئي ڪيو. پر ڏٺو اهو ويو ته سنڌين جو هڪ ٻئي سان رابطو تعاون ۽ سڃاڻپ گهٽ هئڻ جي ڪري هڪ ٻئي جي خبر پئجي نه پئي سگهي. ڪراچي شهر ۾ جتي پاڙيسرين جي به خبر نه ٿي پوي ته اُهي ڪير آهن؟ ڇا ٿا ڪن ته پوءِ ماڻهو ڪنهن کي پنهنجو سمجھي. مائٽ مٽ ۽ دوستيءَ وارا ضروري ٿورو ئي آهي ته ويجھو رهندا هجن. وچولي طبقي جا سنڌي جيڪي نوڪرين سانگي هتي رهن ٿا، نه انهن ويچارن وٽ آهن موٽر گاڏيون ۽ نه ئي وري ٽيليفون. انهن جا گهر به انهن علائقن ۾ آهن جتي دهشتگردن جي گهڻائي آهي. اُهي دهشتگرد وري اهڙا جو ماريندي به دير ڪو نه ڪن. ان ڪري ڏٺو اهو ويو آهي ته نوڪري ڪندڙ سنڌين جي خبر نه ٿي پئي سگهجي ته ڪير ڪٿي ٿو رهي ۽ ڇا پيو ڪري. لاوارثن وانگر اهي ئي سنڌي مرندا رهيا جيڪي پنهنجو بچاءُ نه ڪري سگهيا ۽ اهڙن خطرناڪ علائقن ۾ ڪير انهن وٽ پهچي به ڪو نه سگهيو. ڪراچيءَ جي ڪيترين ئي تنظيمن اهڙين حالتن ۾ ڪافي سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌين کي ڏڍ ڏنو ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. پر ان جي باوجود به ڏٺو ويو ته دشمنن ۽ دهشتگردن ڳولي ڳولي انهن سنڌين کي قتل پئي ڪيو، جيڪي هت ڪراچيءَ ۾ مختلف جاين تي نوڪريون ڪندا هئا. ڪراچيءَ جا سنڌي آفيسر، جن ۾ گهڻن جو تعداد اهڙن جو آهي جيڪي ڪنهن به سماجي ۽ سوشل تنظيمن جا ميمبر نه آهن، جيڪڏهن ميمبر آهن ته تمام ٿورا.
انهن حالتن ۾ جناب نور الدين سرڪي صاحب اهو سوچيو ته هڪ اهڙي تنظيم ٺاهي وڃي جنهن ۾ سنڌي نوڪري ڪندڙن جو تعداد گهڻو هجي. سڀ کان پهرين سرڪي صاحب هڪ ميٽنگ گهرائي جنهن ۾ ڪافي سنڌي وڏن ننڍن آفيسرن کي ڪوٺ ڏني وئي. ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي ته انهن کي تمام سٺي موٽ ملي. ان گڏجاڻي ۾ سرڪي صاحب پنهنجو مقصد ٻڌائيندي تعاون جي گهر ڪئي. ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي ته انهن کي تمام سٺو سهڪار مليو ۽ ڪافي سنڌي آفيسر هن تنظيم جا ميمبر ٿيا. هاڻ ته هن تنظيم ۾ هر شعبي جا سنڌي شامل آهن جن ۾ صحافي ۽ اديب به آهن. هن تنظيم جو بنيادي مقصد هي آهي ته سنڌي آفيسرن جو هڪ ٻئي سان تعلق ۽ تعاون موجود هجي. انهن آفيسرن ۾ اهو احساس پيدا ڪجي ته هو سنڌي قوم جي خدمت ڪن ۽ انهن سنڌين جا مسئلا چڱي طرح حل ڪن جيڪي ٻهراڙي مان ڪمن سانگي هت شهرن ۾ اچن ٿا.
جڏهن سنڌي پاڻ ۾ گڏجندا رهندا. ڪڏهن به ڪنهن ۾ ڪم پئجي سگهي ٿو. جڏهن ڄاڻ سڃاڻ هوندي ته ڪم جو اُڪلاءُ به جلدي ٿيندو. هن تنظيم هڪ ڊائري به ٺاهي آهي. جنهن ۾ سڀني ماڻهن جا نالا، نوڪرين جي حوالي سان ۽ ٽيليفون نمبر ڏنل آهن. ان جو مقصد اهو آهي ته ڪم يا ڏکيائي جي وقت هڪ ٻئي سان رابطو رکي سگهجي. هن تنظيم جي مهيني ۾ هڪ دفعو گڏجاڻي ٿيندي آهي. ڪافي گڏجاڻيون هوٽلن ۾ ۽ سچل سرمست هال ۾ ٿي چڪيون آهن. هر مهيني وقت ڪڍي ڪافي ميمبر ات جمع ٿيندا آهن. هر دفعي هڪ ليڪچر يا وري بحث مباحثي جا پروگرام ٿيندا آهن. نون ميمبرن جو تعارف به ڪرايو ويندو آهي.
ڪجهه اهم ليڪچر جيڪي ڏنا ويا انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سراج ميمڻ لسانيات تي ليڪچر ڏنو. انهن لسانيات بابت نين تحقيقن جي بنياد تي ٿيندڙ ڪافي معلومات ڏني. ڊاڪٽر مير محمد شاهه جيڪو پهريون پاڪستاني سنڌي آهي. جنهن ڪمپيوٽر ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان صاحب ڪمپيوٽر جي باري ۾ ٻڌايو ته هن فيلڊ ۾ هن وقت نوڪرين جا وسيلا تمام گهڻا آهن. ان ڪري هاڻ سنڌين کي ڪمپيوٽر ۾ مهارت حاصل ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ان پنهنجو مڪمل تعاون ڪرڻ جو واعدو ڪيو. ڊاڪٽر سليمان شيخ سنڌ گريجوئيٽس جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ته اها ڪيئن ٺاهي ويئي ان جي ٺاهڻ جا سبب ڪهڙا هئا ۽ ان تنظيم هن مهل تائين ڇا ڇا ڪيو آهي. اياز قادري جن شاهه لطيف جي شاعري تي ليڪچر ڏنو. الطاف شيخ پنهنجي سفر جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ پاڻ سان گڏ سڀني کي دنيا جو سير ڪرايو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ڊاڪٽر منور هاليپوٽو کي به مدعو ڪيو ويو. ڊاڪٽر هاليپوٽي صاحب ورلڊ سنڌي ڪانگريس بابت تفصيل سان ٻڌايو. ان جيڪا خاص ڳالهه ٻڌائي ته اهو ان ڪوشش ۾ آهن ته هن تنظيم کي اقوام متحده ۾ مبصر طور داخل ڪرائي هڪ وڏي حيثيت ڏني وڃي. ان لاءِ هو ان ڪوشش ۾ رڌل آهن. تازو ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان گهرايل سنڌ بچايو ڪانفرنس کي منعقد ڪيو اهي سڀ ڳالهيون انهن تفصيل سان ٻڌايو. ان گڏجاڻي ۾ هن ڪانفرنس ۾ جيڪي غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٿيون ۽ جهڙي طريقي سان هيءَ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي ان متعلق ڪافي بحث مباحثا ٿيا.
غلام حيدر صديقي جيڪي ٻارهين جنوري جي گڏجاڻي جا مهمان هئا. انهن پنهنجي ذاتي زندگي، فلم ۽ ٽي وي ميڊيا جي باري ۾ گهڻي معلومات ڏني. جڏهن هيءَ تنظيم جوڙي ويئي ته نور الدين سرڪي جن چيئرمين ۽ شهاب بچاڻي سيڪريٽري هئا. هن تنظيم ۾ حال في الحال ٽي ڊائريڪٽر چونڊيا ويا اهي هئا. اشفاق قاضي، محمد اسماعيل ميمڻ ۽ سلطانه وقاصي. پريس سيڪريٽري ڪرم الاهي چنا ۽ خزانچي عمر ميمڻ جن هئا. هڪ سال پوري ٿيڻ کان پوءِ هڪ شاندار موسيقي جو پروگرام مهراڻ سنگت جي طرفان آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو ويو. ان پروگرام ۾ ڪراچيءَ جي سنڌي خاندانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان پروگرام جي ٻئي ڏينهن تي هن تنظيم جون باقائدي چونڊون ٿيون. اُن چونڊن ۾ سرڪي صاحب کي ٻيهر چيئرمين چونڊيو ويو. سيڪريٽريءَ جو عهدو سليم ميمڻ کي مليو. عزيز الله ميمڻ به عهديدار چونڊجي آيو. عورتن جي نمائندگيءَ لاءِ ظهره انصاري ۽ شبنم موتيءَ جا نالا تجويز ڪيا ويا. پريس سيڪريٽري ۽ خزانچيءَ لاءِ وري ساڳيا نمائندا ڪرم الاهي چنا ۽ عمر ميمڻ چونڊجي آيا. اهڙيءَ طرح سان هيءَ تنظيم پنهنجو مقصد کڻي پنهنجي وت آهر آهستي آهستي قدم کڻي رهي آهي.
10 مارچ 1991ع