ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

جڏهن لوڪ لڻندو . . . . .!

منجهيل من، جذبن جي اُٿ پٿل، چؤطرف ڀڄ ڊڪ، گپا گيهه، هڪ ٻئي تي ڏنڊا اُڀا. سڀ ڪنهن کي اها ئي وائي وات ۾ “ آءٌ ته هڪڙو چڱو” ڌرتي جي درد جي خبر ئي مون کي آهي.فلاڻو ههڙو، مٽيرو ههڙو، صحيح ڪير آ، حق جي واٽ ڪنهن ورتي آ؟ ان جو فيصلو وقت، عوام ۽ تاريخ ڪندي. هڪ ٻي تي الزام تراشي هن وقت اسان کي نه ٿي سونهي. اسان سنڌ واسين پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيو آهي. هڪ ٻئي لاءِ بغض ۽ ڪينو رکيو ويٺا آهيون. هڪ ٻئي کي هيٺاهون ڪري پيا خوش ٿيون. پر اهو نه ٿا سمجھون ته ان ۾ اسان جي ئي بربادي آهي. اسان ۾ اوڻايون آهن. اسان ڪيتريون ڪوتاهيون ڪيون آهن. هاڻ اسان متحد ٿي هڪ واٽ نه ٺاهينداسين، جيستائين اسان ڪو واضح مقصد وٺي اڳتي نه وڌنداسين اوستائين اسان پنهنجي منزل ۽ ماڳ کان پري ئي هونداسين.
سجاڳي آڻڻ وارو وقت گذري ويو. هاڻ سنڌي ڪافي سجاڳ آهن. هاڻ هي ئي وقت آهي، جنهن ۾ اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. پوک جيڪا پوکڻي آهي، ان جو ٻج هاڻ ئي ڇٽڻ گهرجي. نه ته جنهن وقت سارو لوڪ لڻندو، اسان هڪ سنگ ڪاڻ پيا سڪنداسين. نعرا هڻڻ مان ڪو به فائدو نه آهي. جيئي سنڌ چوڻ سان سنڌ ڪو نه جيئندي. سنڌ جي مٽي اکين ۾ پائڻ ۽ سينڌ سنوارڻ کان اڳ اسان پاڻ کي هن ڌرتيءَ جي قابل ته ڪيون. چوٿين مارچ کان ويندي هنن هنگامن تائين ڏسو ته سهي، سنڌين جو ڇا حال ٿيو آهي.سبب ته گهڻا ئي آهن. پر بنيادي مقصد هي آهن ته اسان کي محنت ڪرڻ کپي، جدوجهد ڪرڻ کپي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن کي بند ڪوٽن مان ٻاهر ڪڍڻو آهي. انهن کي عملي طرح ميدان ۾ آڻڻو آهي.
منهنجو تعلق ادب سان گڏوگڏ تعليم سان به آهي. مان ڪراچيءَ جي هڪ نامياري ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهيان. ٽنڊي آدم جهڙي شهر مان ڦرهي ۽ سليٽ تي پنج درجا پاس ڪيم. مٿين ڪلاس ۾ ڇهين درجي ۾ اسان کي انگريزي پڙهائي ويئي. اها به معمولي درجي جي. اهو اسڪول جت يونيفارم به ڪو نه هوندو هو. صبح جو منهن ڌوئي انهن ئي ڪپڙن ۾ اسڪول روانا ٿي ويندا هئاسين. شام جو ڪلاڪ کن ماستر ٽيوشن پڙهائڻ ايندو هو. خبر نه آهي ڇا پڙهائيندو هو. ابي امان کي ته اها به خبر نه هوندي هئي ته فلاڻو ڇوڪر يا فلاڻي ڇوڪري ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهن پيا. نو ڀائر ڀينر خير سان لائن ۾ ويهندا هئاسين. وٽڙين ۾ ٻوڙ ۽ ڇٻيءَ ۾ ماني ملندي هئي. کائي اٿي کڙا ٿيندا هئاسين. شام ٿي بابا سائين جيپ تي ٻنيءَ تي وٺي ويندو هو. اتي واٽر ڪورس ۽ ٽيوب ويلن جي پاڻيءَ سان کيڏڻ ۽ زمين تي ڊڪون پائڻ ڪيڏي نه لاپرواهه زندگي هئي.
ان دؤران ئي مون کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ٿيو. اخبارون ۽ اُهي رسالا جيڪي گهر ۾ ايندا هئا پڙهڻ شروع ڪيم. مئٽرڪ پاس ڪري زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهڻ آيس. ايتريون گهڻيو ڇوڪريون ڏسي ڊپ وٺندو هوم. آهستي آهستي ان ماحول ۾ پاڻ کي سموئي ويس. آخر اهو وقت به آيو جو ٻه چار ڄڻا مون کي ادب جي حوالي سان سڃاڻڻ لڳا. ايم اي پاس ڪيم ته منهنجو مانُ مٿاهون ٿي ويو. ڪجهه لکڻ جي حوالي سان ۽ ڪجهه تعليم جي ڪري خاندان وار ا منهنجو مثال ڏيندا هئا. هاڻ مليم نوڪري ڪراچيءَ ۾ . هت ڪراچيءَ ۾ اچي مان پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر ويهي رهيس. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مفاصلو ته آهي ڏيڍ سؤ ڪلوميٽرن جو، پر ڪاليجن ۽ اسڪولن جي پڙهائي ۽ اُتان جي ماحول ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو. اهو فرق منهنجي لاءِ پريشان ڪندڙ هو. لڳندو هوم ته مان ڪجهه به نه ٿي ڄاڻان. صفا ڀوڪ بصر آهيان. هيڏي زندگي ته اجائي گذاري اٿم. هي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، اهو مون سان نه پر هر سنڌيءَ سان ٿيو هوندو، جيڪي ڳوٺن مان پڙهي شهرن ۾ نوڪريون ڪن ٿا. ڪراچيءَ جا تعليمي ادارا ۽ اتان جو ماحول اهڙو آهي جو ڳوٺاڻا ان جو تصور به نه ٿا ڪري سگهن. مان جنهن ڪاليج ۾ نوڪري ڪئي، اُت استادن کان وٺي ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ چوڪيدار سڀ انگريزي ڳالهائيندا هئا. استادن کي انگريزي ادب،رسالن ۽ ڪتابن جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هو ڳالهه ڳالهه ۾ انهن ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪتابن جا حوالا ڏينديون هيون. ڪاليج ۾ پڙهندڙ وڏ گهراڻن جون ڇوڪريون، جيڪي سردين گرمين جون موڪلون سوئٽزرليند ۽ پئرس ۾ گذارينديون هيون، انهن جي ڄاڻ ۽ مشاهدا، ٻيون اهي وچولي طبقي جيڪي ڪتابن پڙهڻ ۽ انهن ڪتابن تي بحث ڪرڻ ۾ هوشيار هونديون هيون. اهي سڀ ڇوڪريون توڙي استاد منهنجي لاءِ هڪ وڏي مسئلي کان گهٽ ڪو نه هونديون هيون. ان ماحول کي پنهنجو ڪرڻ ۾ مون کي سال لڳا. ڏاڍو احساس ٿيندو هيم ته مون کي انگريزيءَ تي ايترو عبور ڇو نه آهي. اصل ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن ۾ وڌيڪ مزو آهي. بنسبت ترجمي ٿيل ڪتابن جي. هت ڪراچيءَ ۾ جيڪي ناميارا تعليمي ادارا آهن، اهي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا آهن. ڪجهه نالا ته هي آهن: ماما پارسي ۽ بي وي ايس اسڪول، سينٽ پيٽرڪ ۽ سينٽ جوزف اسڪول ۽ ڪاليج، گرامر اسڪول، ڊي جي سائنس ڪاليج، ايس ايم ڪاليج، NEDانجنيئرنگ ڪاليج، DOWميڊيڪل ڪاليج وغيره. هي تعليمي ادارا اڄ به تعليم جي معيار ۾ ايترا ته اعليٰ آهن جو اڄ به مائٽ اُت ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اٺ ڏهه سال پهرين مان ڏٺو هو ته هنن تعليمي ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جا ٻار گهٽ هوندا هئا. سڀ ڪنهن جو رجحان اين جي وي اسڪول ۽ ٻين سنڌي ميڊيم اسڪولن ڏانهن گهڻو هو. ان جو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته سنڌي ڪامورا جيڪي اندرون سنڌ مان نوڪريءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ ايندا هئا، ڇو ته انهن جا ٻار سنڌي ميڊيم اسڪول جا پڙهيل هوندا هئا، ان ڪري هو هت اچي انهن ئي اسڪولن ۾ ٻارن کي داخل ڪرائيندا هئا. ڪن سنڌي گهراڻن جا ٻار اگر پڙهندا به هئا انهن تعليمي ادارن ۾ ته اُنهن جو تعداد تمام گهٽ هوندو هو. هي اُهي ٻار هوندا هئا، جن جا والدين گهرن فيشن طور اردو ڳالهائيندا هئا. يا وري اُهي گهراڻا جن گهرن ۾ غير قومن جون عورتون شادي ڪري آيون هيون. اُهي ٻار اسڪولن مان پڙهي ڪاليجن ۾ آيا، اهي ايترا هوشيار ۽ بولڊ هوندا هئا جو انهن کي ڏسي دل خوش ٿيندي هئي. پر گڏوگڏ ڏک به ٿيندو هيم، ڇو ته انهن ٻارن ۾ سنڌيت يا سنڌي هجڻ جو جذبو نه هوندو هو. هو پاڻ کي پيا لڪائيندا هئا. ڪوشش اها هوندي هُين ته ڪنهن کي به خبر نه پوي ته هو ڪو سنڌي آهن. آهستي آهستي ماحول مَٽيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻ سنڌي مائٽ به ٻارن کي ننڍي کان وٺي انهن سُٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرائين پيا، پر هي بنيادي مسئلو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. هي ٻار اڳتي هلي مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هو سنڌي ٻوليءَ کي ٽئين ڪلاس کان وٺي نائين ڪلاس تائين هڪ سبجيڪٽ جي حيثيت ۾ پڙهن ٿا. انهن کي پنهنجي ٻوليءَ تي ايترو عبور حاصل نه ٿو ٿئي جو هو ڪجهه لکي پڙهي سگهن. جيڪڏهن ڪنهن ۾ لکڻ جي خوبي آهي ته هو اردو يا انگريزيءَ ۾ لکن ٿا. ....
هيءَ دنيا تمام محدود ٿي ويئي آهي. سائنس ۽ ڪمپيوٽر جو زمانو آهي. مقابلي جو وقت آهي. اسان کي پنهنجي ٻارن کي سٺي کان سٺي تعليم ڏيارڻ گهرجي. خاص ڪري انهن کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪرائڻ ضروري آهي. هاڻ مسئلو هي آهي ته اسان کي پنهنجي ٻولي به ناهي ڇڏڻي. اسان کي سڄي سنڌ ۾ تعليم جو معيار بلند ڪرڻو آهي. توهان يقين ڪريو ته جيڪڏهن هي ڪوٽا سسٽم نه هجي ها ته هوند اسان جي هڪ سنڌيءَ کي به نوڪري ملي نه سگهي ها ڇو ته تعليم ۽ ڄاڻ جو تضاد تمام گهڻو آهي. ۽ اسان جا سنڌي ان جو مقابلو ڪري نه سگهندا. ڀلا اسان ڪوٽا سسٽم جا محتاج ڇو هجون؟ اسان کي پاڻ ۾ ايتريون خوبيون ۽ تعميري عمل پيدا ڪرڻ گهرجي جو نه صرف اسان پنهنجي وطن ۾ پر ٻاهر جي دنيا سان به مقابلو ڪري سگهون. هاڻ اسان کي هن پراڻي تعليمي نظام کي بدلائڻ گهرجي. سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ پهرين درجي کان وٺي انگريزي پڙهائڻ گهرجي. گڏوگڏ سنڌي لازمي سبجيڪٽ هجي. تعليم جو معيار اوچو رکجي. نصاب ۾ بهترين ناليج وارا ڪتاب هجن. سائنس ۽ حساب ته خاص طور انگريزيءَ ۾ هجن. اهڙي تعليم ڏيڻ سان فائدو اهو ٿيندو جو اسان جو ايندڙ نسل مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ گڏوگڏ پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب سان به جڙيل رهندو. اسڪول درحقيقت تعليم سان گڏوگڏ هڪ منافع بخش ڪاروبار به آهي. ڪراچيءَ ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي پرائيويٽ اسڪول کُلي ويا آهن. جتي مهيني جي في ۽ ٻيو خرچ ملائي هزار روپيا ماهوار آهي. اسان جي وڏيرن، زميندارن ۽ پئسي وارن ماڻهن کي کپي ته هو به پنهنجي قوم جي بهتري ۽ سٺي مستقبل لاءِ اهڙا تعليمي ادار کولين. يا وري اهڙن نجي ادارن جي مدد ڪن جيڪي اهڙا اسڪول هلائڻ چاهين ٿا. سرڪاري سطح تي به ڪوششون ٿيڻ کپن ۽ مليل پئسو چڱيءَ طرح تعليم جي مٿان خرچ ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ادارو مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن پنهنجي مدد پاڻ تحت ان خير جي ڪم ۾ مشغول آهي. اسان کي ان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اسان کي اجتمائي توڙي انفرادي طور صرف تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. دنيا الائي ڪٿان جو ڪٿان وڃي پهتي آهي. هر اُڀرندڙ سج هڪ نئون پيغام آڻي ٿو. ۽ هر رات هڪ نئون انقلاب .. . . پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي آئنده نسلن جي بهتري لاءِ اسان کي تعليم ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي ...... صرف ۽ صرف تعليم ڏانهن ڏيان ڏيڻ گهرجي.

آچر 16 سيپٽمبر 1990ع