ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سنڌڙي تنهنجي سورن جي ڪٿا

اڄ اُهي سڀ ڳالهيون سچ ٿي پيون آهن يا وري سچ جا اُهڃاڻ ڏين پيون جن لاءِ هميشه ذهن ۾ کٽڪو رهيو هو. هر ڪنهن جو ذهن سوچيندو هو. متان ائين هجي؟ متان ائين نه ٿي پوي......... سو سائين ان هجي ۽ ٿي پوي جي وچ وارو سنڌو آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي ۽ هر ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي نروار ٿي بيٺي آهي.
سچ کي کڻي ڪيترو به لڪائجي. حقيقتن تي پردا وجهجن پر اُهو وقت ضرور ايندو آهي جڏهن هر ڳالهه ظاهر ٿي پوندي آهي. اچ ڪلهه ڪيترن ئي ماڻهن جي منهن تان نقاب لٿا آهن ۽ لهن پيا. ڪيترن جا اڇا ڪارا پڌرا پيا ٿين. سياست اُها به خاص ڪري سنڌ جي سياست اهڙي ته بُڇڙي آهي جو ڪجهه چوڻ آکڻ جي ڪا گنجائش ئي نه آهي. سنڌ جو سياستدان صرف ڪُرسي ۽ وزارت لاءِ حيران ۽ پريشان هوندو آهي. هو اُن ڪُرسي پٺيان نه صرف پنهنجي ضمير جو سودو ٿو ڪري پر سڄي قوم جي مستقبل جو سودو ڪري آئينده جون سڀ واٽون بند ڪري اونداهي ڦهلائي ٿو ڇڏي.
سنڌ جو سياستدان جيڪو گهڻو ڪري پئسي وارو آهي هو اليڪشن ۾ بيهندو ئي اُن ڪري آهي ته ڪيل خرچ جا ڏهوڻا ڪمائي سگهي. سنڌ جي هن سجاڳي واري دور ۾ جت پڙهيل اڻ پڙهيل، شهري توڙي ڳوٺاڻو هر ڳالهه سمجهي ٿو محسوس ڪري ٿو اُهو باغي ٿي ويو آهي هن سنڌي سياست جي ڪردار کان ان جي هٿ ته ڪجهه آهي ئي ڪونه جو هو ان ماڻهوءَ جي وٺ ڪري جيڪو سندس علائقي مان چونڊجي ويو آهي. بس سائين بي وس آهي ووٽ ڏيڻ وارو ۽ باهمت ڏاڍو آهي هو ووٽ وٺڻ وارو. مارشل لا جي يارهن سالن جي آمريت ڏاڍ، ظلم ۽ جبر کان پوءِ هي جيڪي ٽن سالن ۾ ٻه الڪيشنون ٿيون آهن ۽ اُن اليڪشن کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ اُن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ جيڪو سياستدانن جو رول ۽ ڪردار رهيو آهي سو قابل نفرت ڀيانڪ ۽ قابل مذمت آهي.
مسئلا ۽ ڳالهيون ته گهڻيون آهن. بيان ڪرڻ ويهجن ته دفتر لکجي وڃن. مان اڄ صرف هڪ پر اهم مسئلي کي کڻندس اُهو آهي سنڌ ۾ ڌاڙيلن جون ڏاڍايون ۽ اسان جي سياستدانن جو اُن ۾ ڪردار. سائين منهنجا ان چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس ڪانه ٿيندي ته ڌاڙيل سنڌي ماڻهن جو جيئڻ وه ڪري ڇڏيو آهي. ننڊون، آرام، کائڻ پيئڻ سڀ حرام ٿي ويو آهي. چئني طرف وات ڦاٽا پيا آهن. ڌاڙيل، ڌاڙيل ۽ صرف ڌاڙيل.......هاڻ ته حالتون ان حد تائين وڃي پهتيون آهن جو پريس ميڊيا ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو هن ڳالهه تي اچي متفق ٿيا آهن ته سائين سنڌي سڀ ڌاڙيل آهن، غدار آهن. را جا ايجنٽ آهن. هڪ اخبار ته ائين به لکيو ته هتي ڌاڙيلن جي ابتدا جي تاريخ ايتري پراڻي آهي جيتري سنڌ جي تاريخ، جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو هو تڏهن به ته اهي ڌاڙيل ئي ته هئا جن شريف عورتن کي اغوا ڪيو هو. مال اسباب لٽيو هو اُنهن ئي رڙين واڪن تي محمد بن قاسم سنڌ ۾ آيو هو راجا ڏاهر سان مقابلو ڪرڻ. اُن لکندڙ جو مقصد صرف اهو هو ته سنڌي شروع کان وٺي ڌاڙيل، ظالم ۽ رهزن آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ انهن کي شريف ۽ باحيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر اها ڪوشش هاڻ ناڪام ٿي چڪي آهي. هاڻ حڪومت ۽ باشعور ماڻهن جو پهريون فرض هي آهي ته هنن سڀني سنڌين کي تهس نهس ڪري ڇڏجي تباهه ۽ برباد ڪجي، اسلامي قانون توڙي ملڪي قانون جي لحاظ سان هي سڀ ڪجهه صحيح آهي........
هيءَ ته ٿي اردو پريس ميڊيا جي پروپيگنڊا، جنهن ۾ اُنهن سڄي سنڌ جي تاريخ تي ڪارنهن ملي ڇڏي آهي. اسان سنڌي چوندا آهيون ته هيءَ سنڌ ڌرتي صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي. هيءَ ڌرتي پاڪ پوتر آهي. هتان جا ماڻهو محبت ڪرڻ وارا ۽ امن پسند رهيا آهن. هن ڌرتيءَ تي نه ڪڏهن فرقن جي پاڻ ۾ جنگ هلي، نه هندو مسلمان ڪڏهن پاڻ ۾ اٽڪيا ۽ نه وري ڪنهن تي حملو ڪرڻ ويئي هيءَ سنڌي قوم.........
پوءِ هي سڀ ڇا آهي؟ اڄ سنڌ جون حالتون تباهيءَ جي ڪناري تي ڇو وڃي پڳيون آهن؟ ڌاڙا به لڳن پيا، دهشتگردي به وڌيل آهي. سنڌ جون زمينون ويران ٿي ويون آهن، عزت وارا ماڻهو پنهنجون لڄون لڪائيندا پيا وتن. شام جو پنجين وڳي کان پوءِ شهر ڳوٺ ويران ٿيو وڃن. ضروري ڪم کان سواءِ ماڻهو سفر ڪندي ڪيٻائين ٿا آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو پيو ٿئي؟ ڪير پيو ڪري؟
ڇو پيو ٿئي؟ ان سوال جو جواب ته سمجهه ۾ پيو اچي ته پئسن لاءِ پيو ٿئي. ها باقي ڪير پيو ڪري؟ هي سوال ڪجهه منجهيل آهي. هن سوال کي سلجهائڻ ۽ ان تي گهري نظر وجهڻ جي ضرورت آهي.
هت مان اها وضاحت ڪرڻ چاهيندس ته اديب اهو ڪجهه لکندو آهي. جيڪو اُن جي مشاهدي ۾ ايندو آهي ۽ حالتون جيڪي رخ مٽينديون آهن انهن مان نڪتل نتيجن ۾ ئي هڪ لکندڙ عڪس ڪڍندو آهي. سچ لکڻ مهل اديب جو قلم ٿورو تلخ ۽ واضح ٿي ويندو آهي. اديب جو لکيل اهو سچ برداشت جوڳو نه هوندو آهي. ڇو ته ان سچ پٺيان گهڻن اشرافن جا پردا چاڪ ٿيندا آهن. پر جيئن ته هاڻ سنڌ جون حالتون اُن حد تائين خراب ٿي چڪيون آهن جو پنهنجن ۽ پراون جون ڪيل ڪوتاهيون درگذر ڪري ئي نه ٿيون سگهجن. اگر سنڌ کي بچائڻو آهي ته پوءِ سچ کي ٻڌڻو ۽ برداشت ڪرڻو پوندو.....
پري نه ٿا وڃون ون يونٽ جو دور وٺو جنهن ۾ سنڌ جي سجاڳيءَ جو دور اُڀريو. تاريخي ڪردار ادا ڪيو اُن وقت شاگردن، اديبن ۽ سياسي ليڊرن، ان زماني ۾ ئي سياست اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخل ٿي. سياسي پارٽين تعليمي ادارن ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪيا ۽ شاگردن کي استعمال ڪيو. اُن وقت سنڌين ۾ پنهنجي وجود جو احساس پيدا ٿيو هو. عام سنڌي ڳوٺاڻي کان وٺي پڙهيل لکيل ماڻهو تائين هر سنڌيءَ ۾ بيداري جو جذبو پيدا ٿيو. شاگردن ۽ اديبن ان دور جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. پنهنجي رت ست ڏيئي، جيل ڪاٽي اُنهن ون يونٽ ٽوڙايو. اُن سجاڳيءَ جي دور واري پيدا ٿيل جذبي کي استعمال ڪيو هتان جي سياسي ليڊرن ٿيڻ ته ائين کپي ها ته هو سياسي ليڊر سجاڳيءَ جي جذبي جا رهبر ٿي سنڌي قوم لاءِ ان جي بقا لاءِ وڙهن ها، ڪجهه حاصل ڪن ها، پر انهن ائين نه ڪيو. ون يونٽ جي آخري دور ۾ سنڌ جا شاگرد، اديب ۽ سياسي ليڊر تقريباً متفق هئا هڪ ڳالهه تي ته سائين سنڌ کي بچائڻو آهي. ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سياسي ليڊرن ۽ شاگردن جا گروهه پيدا ٿي پيا. هر ڪنهن پاڻ کي ڏاڍو پئي سمجهيو. تعليمي ادارن ۾ علم حاصل ڪرڻ ته معنيٰ ئي نه رکندو هو. ها باقي غنڊه گردي ۽ بدمعاشي جي سياست عروج تي چڙهي ويئي. سياسي پارٽين سان لاڳاپيل شاگردن جا ليڊر ته اهو سمجهندا هئا ته هوءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ نه پر پنهنجي غنڊه گرديءَ جي ڌاڪ ڄمائڻ آيا آهن. سنڌ جا وڏا سياسي ۽ قوم پرست ليڊر جن جو مان نالو نه وٺندس تن ٻهراڙيءَ مان ايندڙ نوجوانن کي جيڪي پڙهائي لاءِ تعليمي ادارن ۾ ايندا هئا اُنهن کي پئسو ڏني هٿيار مهيا ڪري شاگرد ليڊر گهٽ پر غندن جو ليڊر وڌيڪ بڻائي ڇڏيو.
سنڌ جا هي سياسي ليڊر جيڪي زميندار ۽ جاگيردار به آهن پنهنجي تحفظ لاءِ پنهنجي وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ لاءِ هو ڌاڙيل پاليندا هئا. پر اُنهن ڌاڙيلن جو به هڪ شان هو. هو ڌاڙيل پاليل ته وڏن ماڻهن جا هئا پر هو هروڀرو ڪُڌا ڪم ڪونه ڪندا هئا ۽ نه وري واٽ ويندن اٻوجهه اشرافن کي تنگ ڪندا هئا. نه ڪنهن جي لڄن ۾ هٿ وجهندا هئا ۽ نه هروڀرو ڪنهن ننڍيءَ وڏي تي بدنظر رکندا هئا. هو حڪم جا غلام هئا. سندن مالڪ پنهنجيون ذاتي دشمنيون ڪڍڻ لاءِ اُنهن کي استعمال ڪندا هئا. پنهنجن مالڪن جي حڪم پٺيان هو خراب کان خراب ڪم به ڪندا هئا. نه چاهيندي به هو پنهنجن زندگين جو ٻليدان ڏيندا هئا. پر اُنهن ڌاڙيلن جو پنهنجو ذاتي ڪردار هروڀرو ايترو خراب نه هوندو هو........ اهو به ضروري نه آهي ته ڪو هر وڏو پئسي وارو ماڻهو ڌاڙيل پاليندو هو. اُن ڪري ئي سنڌ ۾ ڌاڙيل هروڀرو امن امان جو مسئلو نه بڻيا......
هاڻ سائين اُهي وڏا ماڻهو جيڪي ڌاڙيل پاليندا هئا سي اچي ويا سياست ۾ پهرين ته اُنهن شاگردن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪيو. جيترو وڏو سياسي ليڊر اُن جي شاگردن جي تنظيم به اوتري ئي مضبوط، تعليمي ادارا بند رهڻ لڳا. پڙهائي نالي ماتر وڃي رهي. شاگرد ايترا ته طاقتور ٿي ويا جو انهن جي حڪم سان ئي تعليمي ادارا کلندا ۽ بند ٿيندا هئا ۽ آهن. هو چاهيندا هئا ته امتحان ٿيندا هئا ۽ هو چاهيندا هئا ته بغير امتحان جي پاس ٿي مٿين ڪلاس ۾ وڃي پهچندا هئا. تعليم جيڪا قومن جي ترقيءَ جو پهريون ڏاڪو آهي تنهن کي وساريو ويو.
جيتريون سياسي پارٽيون اوتريون اُنهن جون شاگردن تنظيمون، مزي جي ڳالهه ته وري اها آهي ته سڀ ٿوري گهڻي ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهن. هر تعليمي اداري ۾ هر سياسي پارٽيءَ جو هڪ ئي نعرو “جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ” هڪ ٻئي کي ڏنڊا هڻن ته به جيئي سنڌ جي نعري ۾، تعليمي ادارن ۾ غنڊه گردي ڪن ته به جيئي سنڌ جي نعري ۾، اُنهن کي ڪو به ڊپ ڪونه لڳندو هو. ڇو ته اُنهن کي پالڻ ۽ پهچائڻ وارا سياسي ليڊر اسيمبلين جا ميمبر ۽ وزير ٿيو ويٺا هئا اُن ڪري اُنهن لاءِ تعليمي ادارا ۽ جيل ڪا اهميت ئي نه پيا رکن منهنجو هي ڪالم پڙهڻ وارا منهنجا پيارا سنڌيو سوچيو ته سهي، ڏسو ته سهي ته اُهو پاڪ پوتر جذبو جيڪو ون يونٽ جي تحريڪ دوران پيدا ٿيو. بجاءِ اُن جي جو اُن جذبي جي رهبري ڪري هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي ها. سنڌ جي تعليمي ادارن مان، ڊاڪٽر، انجنيئر، سي ايس پي آفيسر پيدا ڪيا وڃن ها. تعليم جو معيار بلند ڪري هر قوم سان مقابلي ۾ اچي بيهجي ها. نه ڪوٽا سسٽم جو محتاج ٿجي ها نه وري سفارشن جو، ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو سڄي سنڌ جي معاشري، ماحول جو هنن سياسي ليڊرن ۽ اُن سان وابستيل شاگردن جي پارٽين......
توهان مان ڪير اهو سوچيندو هوندو ته ڀلا ٻين صوبن جو حال وري ڪهڙو چڱو رهيو آهي. اُتان جا تعليمي ادارا وري ڪهڙا صاف سٿرا رهيا آهن. سائين منهنجا اهي سڀ ڪجهه به صحيح. پر اسان ته ٻڌل پنهنجن ماڻهن ۽ اُنهن جي ڪوتاهين سان آهيون. ٻيا ڇا پيا ڪن اهو اسان جو مسئلو نه آهي اسان کي ڇا ڪرڻ يا نه ڪرڻ گهرجي اهوئي اسان جو مسئلو آهي. ٻين قومن پٺيان اسان پنهنجون ڪوتاهيون درگذر نه ٿا ڪري سگهون.
هاڻ انتها ته وڃي اها بيٺي ته اُنهن سياسي ليڊرن. اُنهن شاگردن جي تنظيمين کان مختلف قسمن جا ٻيا ڌنڌا ڪرائڻ لڳا. اُهي سياسي ليڊر جن جا پنهنجا ٻچا ته باقاعدگي سان تعليم حاصل ڪندا رهيا. هتان جون حالتون خراب ٿيون ته سائين ٻاهرين ملڪن ۾ اُنهن کي موڪليو ويو. پر اُنهن اٻوجهه غريب گهر جي شاگردن کي منظم نموني سان استعمال ڪيو ويو. پنهنجي ضرورتن لاءِ اُنهن کان ڌاڙا هڻايا ويا ۽ چوريون ڪرايون ويون. وڏا وڏا قوم پرست ۽ سياسي ليڊر باقاعدگيءَ سان اهو ڌنڌو ڪرڻ لڳا. آهستي آهستي ملڪ ۾ ڌاڙن جو زور وڌندو ويو.
پاليل، ناتجربيڪار ۽ اڻ پڙهيل ڌاڙيلن جي بجاءِ سياسي ليڊرن کي پڙهيل لکيل هوشيار شاگرد ملي ويا اُن ڌنڌي لاءِ. انسانن کي اغوا ڪرڻ جو ڪڌو ڪم انهن پڙهيل لکيل ڌاڙيلن کان ئي هنن سياسي ليڊرن ڪرايو. سائين هڪ ماڻهو کڻو لکين رپيا ٻاهر اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مفيد ڪاروبار ٿي سگهي ٿو. هاڻ اسان جو اهو واپار ڌاڙيلن به استعمال ڪيو ۽ ڪن پيا. مارشل لاءِ جي آمريت واري زماني ۾ سنڌين کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو. سياسي وابستگين جي حوالي سان ظلمن ۽ قهرن جي انتها ڪئي ويئي. بيروزگاري، نوجوانن کي باغي ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح سان باغي ٽولا ٺهندا ويا جن ظالم فوجي حڪمرانن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا. اُنهن کي به ڌاڙيلن جو نالو ڏيئي فوجي حڪمران گرفتار ڪندا رهيا ۽ انهن مٿان ظلم ڪندا رهيا. نفرت ۽ جدوجهد جو مچ مچندو رهيو. اُن کانپوءِ مٿيون ٻه دفعا الڪيشنون ٿيون، پر نه مٽيو ته سنڌين جو نصيب نه مٽيو.
ڪجهه ڌاڙيلن جا ظلم، مٿان وري روپوش جوان جن جون وابستگيون سياسي پارٽين سان هيون اُهي سڀ هڪ مسئلو بنجي پيا. ٿڌي دل سان اُن مسئلي جو حل ڳولڻ بجاءِ ڏاڍايون ڪيو ويون. جنهن پارٽي کي اکيون بند ڪري ووٽ ڏنو ويو ان به ڪو تدارڪ نه ڪيو. شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي وڌندي ويئي. اُنهن ڏٺو ته سنڌين تي جڏهن پنهنجا سنڌي ئي هٿ رکڻ وارا ڪين آهن سو هو اگر ڪجهه ڪندا ته ڇا ٿي پوندو. پريس ميڊيا هنن دهشتگردن جي قبضي ۾. هنگاما به هو ڪن، شهر ۾ قتل ڪيس به هو ڪن. ڳوٺن واهڻن ۾ لاش به هو موڪلين ته به سائين پناهگير مظلوم ۽ سنڌ ظالم، هڪ منظم نموني سان ٻاهرين جي مدد سان سنڌ جون حالتون اُن حد تائين پهچايون ويون جو تباهه حال سنڌين جو داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪوبه ڪونه هو ۽ وري انهن قوم پرست ليڊرن پاڻ گڏجي ڪو قدم کنيو ۽ نه وري وفاق پرست ليڊرن جن کي اکيون بند ڪري ووٽ ڏنو ويو تن ئي ڪجهه ڪيو. هاڻ ته سائين سڀني جو مڪو مچي ويو. سنڌ جو حوالو خبرن ۾ ريڊيو ٽي وي ۾ سواءِ ڌاڙن لُٽ مار جي اچي ئي ڪونه ٿو.......... هر شعور رکندڙ ماڻهو پريشان آهي، ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر موجود نه هو يا نه آهي. پر هڪ قسم جي جيڪا حالت چئني طرف اڀري ويئي آهي. هندن ويچارن کي ته اصل ڳولهي اغوا ڪيو ويو. وڏا وڏا ماڻهو، ڪامورا سڀ ڌاڙيلن جي هٿان اغوا ٿيڻ لڳا، ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آخر هي ڪهڙا ڌاڙيلن پيدا ٿيا آهن. شهرن مان به سرمائيدارن اسڪولن جي ٻارن کي اغوا ڪيو ويو. لکين رپيا ڀنگ ڏئي ا ُنهن آزادي ورتي. سنڌي ويچارا شهرن ۾ ڪنڌ کڻڻ جي قابل نه رهيا. سائين منهنجا جيئن مان مٿي لکي چڪي آهيا ته سچ ته ڪيترا به پردا وجهجن پر سچ وري به ظاهر ٿي پوندو آهي. هاڻ جيڪو سچ ظاهر پيو ٿئي تنهن مان جيڪا خبر پوي پئي سان حيران ڪندڙ آهي. چوندا آهن بد کان بدنام بڇڙو هوندو آهي. سو سنڌي ته هو نئين ڌاڙيلن جي ڪري بدنام هوندا هئا. سو ٻين قومن ۽ صوبن جي ماڻهن سوچيو ته ڇو نه ان ڳالهه جو فائدو وٺجي. شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ڌاڙا هڻڻ لڳا ماڻهن کي اغوا ڪرڻ لڳا. انهن هڪ ادارو بيت المال جي نالي سان قائم ڪيو آهي. هت گاڏيون ماڻهن کان کسي پوءِ پئسا وٺي ڏنيون وينديون آهن. ان جو واضح مثال تازو ٻن ٽن مهينن کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گرفتار ٿيل ٽولن مان ملي ٿو، جن مان ڪو به سنڌي نه آهي. لاهور شهر مان هڪ وڏو ٽولو ڌاڙيلن جو گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي سنڌ ۾ اچي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ لکين رپيا ڀنگ وٺي لاهور ۾ وڃي ويهندا هئا. بلوچستان کان ايندڙ ڌاڙيل به ڪنهن کان گهٽ ڪونه آهي اُنهن لاءِ به سنڌ سٺو حلوو آهي. کائو ڪمايو ڌاڙا هڻو ۽ ڀڄي وڃو. پٺيان رڙ واڪا پيان پون پريس ميڊيا پئي لکي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل سڀ سنڌي آهن. هي ڪالم لکندي اڄوڪي اخبار ۾ خبر آئي آهي ته ڏهه ڌاڙيل ڪراچيءَ مان پڪڙيا ويا آهن. جن ڪيترن سرمائيدارن ۽ ٻارن کي اغوا ڪري ڀنگ جا ٻاونجاهه لک ورتا آهن. اهي سڀ سنڌي نه آهن پر ايم ڪيو ايم جا سرگرم ڪارڪن آهن. گذريل سال جڏهن شهرن ۾ دهشتگردي چوٽ چڙهيل هئي. روزانو پيا ڪرفيو لڳندا هئا. اُن وقت جي حڪومت ٿورو گهڻو ايڪشن کڻڻ پئي چاهيو ته انهيءَ ساڳي پريس ميڊيا ان جي مخالفت ڪئي. سياسي ليڊرن وٺي گوڙ مچايو ته فوج کي نه گهرايو. سنڌ حساس صوبو آهي. انهن ماڻهن کي ڪو سنڌ جي ماڻهن سان ڪا همدردي ڪا نه هئي. سبب صرف هي هو ته اُن وقت سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڪ جهڙو ايڪشن يا وري ڪو ٻيو ايڪشن کڄي اُن ڪري اُنهن ڀرپور مخالفت ڪئي. هاڻ اُهي حالتون رهيون آهن جو ڳوٺن توڙي شهرن ۾ دهشتگردي چوٽ چڙهيل آهي پر جيئن ته اُها دهشتگردي ڦهلائڻ وارا خود حڪومت ۾ آهن اُن ڪري ٿورو گهڻو هو ڪنٽرول ڪري ويٺا آهن. ڳوٺن، واهڻن ۽ ٻين شهري علائقن ۾ حالتون خراب کان خراب ٿينديون پيون وڃن. هاڻ سڀ ڪو پيو چري ته فوجي ايڪشن کنيو وڃي. سنڌ ۾ رهندڙ غدارن، ڌاڙيلن جو صفايو ڪيو وڃي. هاڻ ان سوچ ۾ ڪوبه غلط ٿي نه ٿو سگهي ته سنڌ جون حالتون رڳو سنڌ جي ڌاڙيلن خراب نه ڪيون آهن اُن پٺيان وڏا سياسي مقصد آهن. پوليس، سياستدان، دهشتگرد ٻين صوبن جا چور ڌاڙيل سڀ انهن حالتن جا ذميوار آهن.
اڄ ڪلهه الائجي ڇاڇا ٻڌڻ ۾ پيو اچي. منهنجي گذارش آهي هنن سڀني قوم جي مهندارن کي ته سنڌ جا ماڻهو توهان کي دعا ڏيندا. جيڪڏهن توهان هنن ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کان اُنهن جي جان ڇڏائيندا. سنڌي هاڻ سک سان جيئڻ چاهين ٿا. ڪجهه به ڪرڻ کان پهرين اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته سڀ سنڌي ڌاڙيل ڪونه آهن. ڌاڙيلن جي اوٽ وٺي سياسي انتقام وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. پوليس پنهنجو نالو ڪڍڻ لاءِ ڌاڙيلن جي بجاءِ امن پسند سنڌين کي تنگ نه ڪري. گهرن ۾ گهڙي ننگن کي مٿي اگهاڙو ڪري ٻاهر ڪڍي الهه تلهه نه ميڙي. پوليس خود ڌاڙيلن سان ٻڌل آهي نه ته ڪا به طاقت ايتري زوراور ڪانه ٿي سگهي ٿي قانون ۽ پوليس جي اڳيان.
اها ڳالهه به سوچڻ گهرجي ته سنڌي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي طور تباهه برباد ٿي چڪا آهن. اهڙو قدم کڻڻ کان پرهيز ڪجي جيڪو ان قدم ۾ نفرت پيدا ڪري ائين کڻي سمجهجي ته سنڌ مسئلن جو آتش فشان آهي. نه اُن کي دٻائڻ صحيح آهي نه وري اڻ کي ڦاٽائڻ صحيح آهي.

آچر 2 جون 1991ع