سنڌ جي ڏاهن جي قول ۽ عمل جو تضاد
اهڙي ماحول ۾ غير ٻولي ڳالهائيندڙ ٻارن ۾ ڪٿان ٿي ڌرتيءَ سان محبت پيدا ٿئي. گذريل اليڪشن ۾ ۽ هنن لساني فسادن ۾ اسان سڀني اهو ڏٺو ۽ ٻڌو ته جن ڌارين مان شاديون ڪري پنهنجي بچاءُ جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا هئا انهن کي به ماريو ۽ لٽيو ويو. هڪ اهڙي ئي گهر واسين کي مان سڃاڻان انهن جو الهه تلهه هنن هنگامن ۾ کڄي ويو. گهرجي وڏي کي ماري ڇڏيو ۽ ٻين کي اپاهج ڪيو ويو. مان انهن کي چيو ته سائين اوهان انهن دهشتگردن کي ٻڌايو ها ته اسان توهان جي ٻولي ڳالهائيندا آهيون ۽ اسان جي گهر ۾ اوهان جي خاندان واريون آهن ممڪن آهي ته ان ڪري توهان جو بچاءُ ٿي پوي ها.........
اليڪشن جي دوران ڇا توهان سڀني کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد خاص ڪري قاسم آباد جي علائقي جي سڀني رهندڙن پنهنجي سنڌي نمائندن کي ووٽ ڏنا هوندا؟
اسان جي اڌ کان وڌيڪ سنڌين وٽ جيڪي قاسم آباد ۾ رهن ٿا، انهن جون زالون غير قومن جو آهي. مون اهوبه ٻڌو هو ته ڪن گهرن ۾ مڙس پيو جيئي ڀٽو جي ڪيسٽ هلائي ته انهيءَ جي ٻئي ڪمري زال ويٺي ايم ڪيو ايم جي ڪيسٽ ٻڌي.....وري منهن جي پڪائي اهڙي ڪن جو ڪير ٽوڪين ته چون ته سائين اڄ ڪلهه جمهوريت جو زمانو آهي......!! اهڙا ڌرتيءَ کان ڪٽيل فرد ۽ پوءِ هجن ڪامورا ته پوءِ انهن مان توهان ڪهڙي چڱائيءَ جي اميد رکي سگهو ٿا...... اسان جا سنڌي ڪامورا، وڏن عهدن تي ويٺل آفيسر ۽ هي سڀ اسيمبلين جاميمبر، انهن جي گهرن ۾ گهڻو ڪري غير قومن جون زالون اڪثريت ۾ آهن. انهن جو اولاد پنهنجي ٻوليءَ کان پنهنجي تهذيب کان اڻ واقف آهي.هي ماڻهو توهان جا مالڪ آهن. پئسو انهن جي هٿ ۾،نوڪريون هنن جي هٿ ۾، وسيلا به انهن وٽ ته پوءِ توهان اهڙن ماڻهن مان پنهنجي قوم جي ماڻهن لاءِ ڪهڙي چڱائيءَ جي اميد رکي سگهو ٿا......؟
ٿيندو به ائين رهيو آهي ته اهڙن ماڻهن وٽ نوڪرين سانگي ڪمين ڪارين ويندڙ غريب اٻوجهه سنڌي سواءِ دڙڪن جي ٻيو ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندا آهن. اڃا وڌيڪ ڏک ان ويل ٿيندو آهي جڏهن وڏا وڏا قوم پرست به دل هٿان مجبور ٿي جهري پوندا آهن. عشق جو ڀوت ايترو ته سوار هوندو اٿن جو هي ڌرتيءَ واسي وسري ويندا اٿن. پڪل ۽ ڦٿل گدري وانگر وڃي پرائي جهول ۾ ڪرندا آهن.........
اهڙي حالت ۾ اندر ۾ مايوسي ڦهلجي ويندي آهي ۽ سنڌ جو مستقبل اڃان به وڌيڪ تاريڪ نظر ايندو آهي. اڃان به وڌيڪ ان وقت دل کي نراسائي ٿيندي آهي. جڏهن اسان جا مهان دانشور، اديب ۽ شاعر پنهنجي قول ۽ عمل ۾ تضاد پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙو ئي هڪ واقعو ياد ٿو اچيم ته هڪ وڏي دانشور سان شام ملهائجي رهي هئي. اسٽيج تي ناميارا اديب دانشور ويٺا هئا. اُن اسٽيج جي هڪ ڪرسي تي مان جيتا مڙي به ويٺي هيس. سوال جوابن جي دوران اڃا وڌيڪ ڄاڻ ملي ان شخصيت جي باري ۾، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي ته اهو مهان دانشور هڪ تاريخ آهي سنڌ جي، سنڌ ڌرتيءَ سان سندس پيار ۽ وابستگي مثالي آهي. پنهنجي عمل سان هن هميشه سنڌ واسين کي نوازيو آهي. انتهائي ڪوشش ڪندو آهي ته سندس پاران ڪنهن کي به ڪو ڏک نه رسي..........
ها پر مون کي ان مهان شخص جي هڪ ڳالهه جي خبر هئي ۽ مان ڏاڍي احترام سان ان کان ان باري ۾ پڇيو. اها ڳالهه هئي ته ان جي گهر ۾اردو ڳالهائي ويندي آهي. هن محفل ۾ اها ڄاڻ به پئي ته سندس گهر واري سندس سوٽ آهي. مطلب ته اهڙو ڪو مسئلو ئي نه هو جنهن جي ڪري پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ڇڏڻو پوي پوءِ ان مهان شخص ائين ڇو ڪيو آهي. جواب ۾ ان ٻڌايو ته سندس نوڪري گهڻو ڪري سنڌ کان ٻاهر هوندي هئي. انهن سببن جي ڪري ٻار سنڌي نه سکي سگهيا. هي جواب اطمينان بخش نه هو. ڇو ته گهڻائي خاندان سنڌ کان ٻاهر ته ڇا پر پاڪستان کان ٻاهر به ويا آهن. نوڪرين سانگي پر انهن پنهنجي ٻوليءَ کي نه وساريو ۽ نه ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ ته جيئن ته ڪيترن سنڌين وڏن شهرن ۾ اچي پنهنجي ٻارن سان اردو ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ فيشن طور پاڻ کي معتبر ۽ شهري سمجهڻ لڳا هئا. اڄ به انهن کان اهو پڇبو آهي ته توهان ايئن ڇوڪيو ته ڏاڍي نماڻائيءَ سان پنهنجون مجبوريون ٻڌائيندا آهن ته اسان جي ٻارن کي شهرن ۾ رهڻو ۽ پڙهڻو آهي. سنڌي ڳالهائڻ جي ڪري داخلائون نه ٿيون ملن وغيره وغيره. حالانڪ هي وضاحتون ۽ مجبوريون ڪافي نه آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي گهرن ۾ پنهنجي ٻولي ٻارن سان نه ڳالهائينداسين ته پوءِ هو ڪڏهن به پنهنجي ٻولي سکي نه سگهندا. اسان جا ٻار به ته آخر هنن شهرن ۾ ئي پڙهن ٿا ۽ پنهنجي ٻوليءَ کان علاوه ٻيون ٻوليون به ڳالهائيندا آهن.....دراصل اها احساس ڪمتري اسان جي پنهنجي وجود ۾ آهي. اهي ڪوتاهيون اسان جون پنهنجون آهن........
اتي ان مهان شخص جي ڌيءَ هيٺ پنڊال مان اُٿي بيٺي ۽ منهنجي اُن سوال ڪرڻ تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪري گهڻو ڪجهه ڳالهايو. اُن جيڪو ڪجهه چيو اُن جو تفصيل لکڻ جي ضرورت نه آهي پر مون کي صرف اُن ڳالهه جو ڏک ٿيو ته آخر هن جهڙي انسان جي اولاد جون اهڙيون سوچون ڇو آهن. اهڙي ڪوتاهي ان مهان شخص کان ڇو ٿي..... مان اُن ڳالهين جو ڪوبه جواب نه ڏنو، ڇو ته اُن ڇوڪريءَ جو اهڙي طرح ڳالهائڻ ئي ڄڻ ته منهنجي سوال جو جواب هو. اهو جواب جيڪو اهو شخص نه ڏئي سگهيو هو. گهر اچي مان سوچيو ته مان سنڌي ادب جي اڃان شاگردياڻي آهيان. ٿوري گهڻي سنڌ جي ادبي تاريخ به پڙهي اٿم، سنڌي نثر جي تاريخ ۾ قاضي قاضن جو ذڪر ايندو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ قاضي قاضن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي..... پر ان سان گڏوگڏ جڏهن مخدوم بلاول جي شهادت جي سلسلي ۾ قاضي قاضن جو ڪردار سامهون اچي ٿو ته پوءِ ان شخص سان همدردي ختم ٿي وڃي ٿي. قاضي قاضن جو ادبي پورهيو پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو. پر سندس قول ۽ عمل سندس ڪردار کي هيٺاهون ٿو ڪري ڇڏي.
ڪن ماڻهن جي شخصيت ٻين لاءِ رهبريءَ جو درجو رکندي آهي پوءِ انهن جي قول ۽ عمل جو تضاد دلين کي ڏکوئي ٿو. ڳالهين مان ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ ٻيو ذڪر به ڪندي هلان، ان سلسلي ۾ اسان جو هڪ تمام وڏو شاعر آهي. ان جي شاعري اسان جي ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ واري آهي. اها شخصيت منهنجي لاءِ ايتري ته معتبر ۽ قابل احترام آهي جو مان ڪڏهن به ان ڀرسان ويهڻ جي جرئت نه ڪندي آهيان. ڪجهه عرصو اڳ ان جي گهر ويس. ڳالهيون ڪندي ان جي ننهن ۽ پوٽي آيون. سندس ننهن غير قوم جي هئي جيڪا پنهنجي ڌيءَ کي پئي چوي دادا جان ڪو سلام ڪرو، “دادا جان ڪو پيار ڪرو”.... اهو عظيم شاعر ڏاڏو ٿيڻ بجاءِ دادا جان هو. مان جيڪا چري ۽ جذباتي آهيان. اصل جهري پيس. هڪدم اتان اٿڻ جي ڪيم، اهي ڳوڙها جيڪي مان روڪي ويٺي هيس ان جي گهر مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي ڳڙي پيا. منهنجي هڪ ساهيڙي مون سان گڏ هئي. ان حيران ٿي پڇيو ڇا ٿيو سلطانه تون ڇو پئي روئين. جواب ۾ مان چيو ته راڻي سنڌ جي حقن جون ڳالهيون ڪرڻ وارا...... سنڌ جي ڏکن جون ڳالهيون ڪرڻ وارا سڄي سنڌ کي ڪيئن بچائجي اهڙو فلسفو پيش ڪرڻ وارا پنهنجو گهر، پنهنجي پيڙهي نه بچائي سگهيا آهن....؟!! سڄي سنڌ کي مٿي تي کڻي بيهڻ وارا جذباتي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ وارا پاڻ کي نه بچائي سگهيا. ائين ڇو ٿيندو آهي ته اسان جا آئيڊيل شخص اسان جا رهبر خود ئي اسان جون واٽون روڪڻ وارا، دل کي ڏکائڻ وارا ٿي پوندا آهن.
هي سڀ ڪجهه لکندي مان سوچيان ٿي ته ادب جي حوالي سان هي شخص ۽ انهن جهڙا ٻيا سڀ عزت مان وارا آهن. ادب ۾ ڪيل خدمتون ۽ انهن جون لکيل تصنيفون انهن جو نالو روز محشر تائين قائم رکنديون. پر ڇا سندن هي قول ۽ عمل جو تضاد بخش ڪرڻ جهڙو آهي.......؟؟؟
آچر 21 فيبروري 1993ع