ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

جيئرن جي جهان ۾ ڏکن سان گڏ سُک

زندگي ڪيتري نه خوبصورت، ڪيتري نه پياري، ڪيتري نه ڏکوئيندڙ ۽ سورن واري آهي. زندگي ان ڪري پياري آهي جو اسان کي مليل آهي ۽ اسان جيئڻ چاهيون ٿا. ڏکوئيندڙ ان ڪري آهي جو آس پاس پنهنجا پرايا هر ڪوئي ۽ اهي جيڪي چوائين همدرد ۽ هڏڏوکي پر هت سڀ ڪو هڪ ٻئي کي ائين ٿو وڍي ڄڻ ته انسان نه هجن پر ڪاسائي هجن.
ڪي جيون پنهنجا پَلوَ ڇنڊي آس پاس کان بي نياز ٿي ڪنهن جي ٻن ۾ نه ڪنهن جي چئن ۾ خاموشي سان زندگي گذارڻ چاهين ٿا، انهن جي زندگي اهڙي هوندي آهي جو نه ڪنهن کي ڏين نه ڏکوئين. ان جي باوجود به انهن وٽ سوچن ۽ ڏکن جا انبار هوندا آهن.
هڪ ته پنهنجي وجود جي تنهائي مٿان وري پنهنجن پراين جا ڏک، ڪي اهڙا پيارا وجود به هوندا آهن جن جا ڏک پنهنجا ڏک لڳندا آهن. دل چاهيندي آهي ته شل انهن جي پاڇي تي به ڪنهن جو پڙلاءُ نه پوي.
ان رات اڌ رات مهل پنهنجي هڪ جيڏل فون ڪيو. ننڊ مان اٿي پريشانيءَ وچان وڃي فون کنيم. اسان جهڙن ماڻهن جي دل هر وقت پنهنجن ڏاهن اٽڪيل هوندي آهي. بي وقتو فون جي گهنٽي وڄندي ته امالڪ ڪيترائي اڻ وڻندڙ خيال دل ۾ اچي ويندا آهن. سو ان رات پريشانيءَ وچان فون کنيم ته منهنجي جيڏل فون تي هئي. ان سان منهنجو عجيب قسم جو ناتو رشتو آهي. اسان جي دوستي ڪا گهڻي پراڻي نه آهي. ٽي چار سال اڳ اسان جي دوستي ٿي آهي. مان ٿورو گهڻو ان جي باري ۾ ٻڌو هو پر ملاقات ٿيل نه هئي. هڪ دفعو سنڌي جا ڪجهه نوٽس وٺڻ لاءِ ان مون کي فون ڪيو. پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ مقصد ٻڌايائين. هونئن مان هر ڪنهن سان سٺي نموني ڳالهائيندي آهيان. ڪٿي به مون کي اجنبيت محسوس نه ٿيندي آهي ۽ نه وري مان اوپرائپ محسوس ڪرائيندي آهيان. ها باقي اهڙيون هستيون گهٽ آهن جن سان ٽهڪ ڏيئي کلجي يا وري انهن جي هنج ۾ ڪنڌ لاڙي سڏڪا ڀري روئجي . . . . .
پهريون دفعو ڳالهائڻ سان ئي مون کي ڏاڍي وڻي. مان ڪيتري دير ان سان ڳالهائيندي رهيس. ڳالهه مان ڳالهه ڪڍندي رهيس. هوءَ پنهنجو تعارف گهر ۽ ٻارن جي حوالي سان ڪرڻ لڳي ته مان کيس چيو ته تون مون کي ڇا ٿي ٻڌائين مان تو کي چڱي طرح سڃاڻان، هوءَ حيران ٿي ويئي، مان کيس چيو ته هڪ ناتو آهي توسان منهنجو اهو اهو ته تون به مون جهڙي آهين، ڪهڙو فرق ٿو پوي ڪنهن جي مري وڃڻ سان يا ڇڏي ڀڄي وڃڻ سان . . . . . آهيون ته ٻيئي هڪ جهڙيون، ان هڪ جهڙائي اسان کي ويجهو آندو آهي.
ياد ٿو اچيم ته حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ آپا شمس عباسي جيڪا ان وقت پرنسپال هئي. مون سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي. ڪجهه عرصو ات هاسٽل ۾ به رهي آهيان. ان ڪري آپا شمس عباسي جي ڪافي ويجهو رهيس. جيون جي ڊوڙ ۽ وقت جي ويڙهاند ۾ جڏهن مان پوئتي رهجي ويس. ان دوران آپا شمس عباسي مون کي هڪ هنڌ ملي. مون کي ڏٺائين ته پيار سان سڏ ڪري ڀرسان ويهاريائين. مون کي خبر نه هئي ته منهنجي باري ۾ هوءَ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿي. پنهنجي ڀرسان ويهاري پيار مان مٿي تي هٿ رکي آپا مون کي چيو هو “متان پريشان ٿي آهين. متان تون پاڻ کي اڪيلو سمجهين، تون ته ٻن جگرن واري ڇوڪري آهين، آس پاس نظر ڦيرائيندين ته کوڙ تو جهڙيون. . . .” آپا شمس عباسي جي چيل ڳالهه جي حوالي سان منهنجو ان جيڏل سان اهڙو ئي ناتو آهي.
سو ان رات جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مان پريشان ٿي ويس. هوءَ ڏاڍي پريشان ۽ ڊپريس پئي لڳي. ان اهڙيون ته پريشان ڪندڙ ڳالهيون مون کي ٻڌايون جو منهنجو دماغ ئي ڦري ويو. ڪيتري دير تائين هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ مان کيس آٿت ڏيندي رهيس، سمجهائيندي رهيس. سندس هڪ هڪ لفظ اهڙو هو ڄڻ ته هوءَ هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي. بار بار هي لفظ پئي ورجايائين “جن جي ڪارڻ سڄي دنيا جا سور برداشت ڪياسين، اهي ئي جڏهن ڏکوئين سور ڏين ته انهن جا ڏنل سور ڪاڏي ڪيون، جهري پيئي آهيان، دل جا چار ئي پاسا جهريا پيا آهن. هاڻ ته برداشت جي قوت به نه رهي آهي. هاڻ ته لڳي ٿو دل ئي جهري پوندي.”
هوءَ منهنجي جيڏل جيڪا اڪيلي نه آهي. الائجي ڪيتريون ٻيون به ان جهڙيون آهن. شايد سڀني جون حالتون ۽ وارتائون هڪ جهڙيون ئي هونديون. فرق صرف اهو آهي ته جيڪي پڙهيل لکيل ۽ نوڪرين واريون آهن اهي پنهنجي همت سان ٿورو گهڻو دنيا سان منهن ڏيو ويٺيون آهن.
ڇا ڪمائڻ، گهر هلائڻ، پنهنجا ٻچا پالڻ ۽ خود مختياري سان رهڻ جي باوجود به ڇا هيءَ دنيا اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيئي ٿي؟ هو سڀ پاڻ محتاط ٿي زندگي گذارن ٿيون ته به ڇا انهن کي عيوض ۾ اهو احساس ۽ پنهنجائپ ملي ٿي جنهن جي توقع هو رکن ٿيون . . . . .؟
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا شدت سان محسوس ٿيندي آهي ته اسان جي معاشري ۾ هڪ ٻئي سان پنهنجائپ ۽ پيار جي شدت ۾ ڪمي اچي وئي آهي. احساس ڪرڻ، ڪنهن جي قدر ڪرڻ ۽ ڪنهن کي مان ڏيڻ هاڻ گهٽبو پيو وڃي. هن نفسا نفسي واري ماحول ۾ هر ڪو ئي مفاد پرست ۽ اڳتي وڌڻ جي جنون ۾ آهي. اهڙين حالتن ۾ هنن واٽن جا اهي ارڏا مسافر جيڪي پاسو پاسو وٺي خاموشي سان هلندا رهن ٿا، چيڀاٽڻ جي ڊپ کان، هل هنگامي ۽ شور کان پري هوءَ هڪ ڪنڊ وڃي وسائين ٿا ته به هيءَ دنيا بجاءِ انهن کي ڇپر ڇانو ڏيڻ جي ڏکوئي ٿي. اڃا به وڌيڪ جهوري ٿي.
هيءَ منهنجي جيڏل جيڪا وڏي همت واري آهي. هر وقت کلندي رهندي آهي. هر ڪنهن جي ڏک سور ۾ شامل رهندي آهي. ان جو مسئلو اهو ئي آهي ته هو پنهنجي تنهائي پنهنجي تڪليف مهل ڪنهن کي پنهنجو سمجهي؟
هن جهڙيون مون جهڙيون الائجي ڪيتريون پاڻ ارڏيون جيڪي جيون جي واٽ ۾ جاءِ ٺاهي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. انهن ۾ هڪ جذبو، پاڻ وڻائڻ ۽ جبلن جيڏن غمن کي پوئتي ڦٽي ڪرڻ جي همت نه هجي ها ته شايد اهي به اهڙين حالتن ۾ هجن ها. جن حالتن ۾ ٻيون به ڪيتريون آهن.
هڪ دفعو مان اڳ به لکي چڪي آهيان ته چرين جي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر اهو ٻڌايو هو ته هتي مردن جي مقابلي ۾ عورتن جو تعداد تمام گهڻو آهي. بجاءِ ان جي ته اهو تعداد گهٽجي پاڻ وڌندو ٿو وڃي.
ات چرين جي اسپتال ۾ ته عورتن جو وڌندڙ تعداد آهي ئي آهي پر اهڙيون هستيون جيڪي تنهاين ۾ اکين مٿان هٿ رکي سڏڪا ڀري روئن ٿيون. ڪو اهڙو وجود ئي انهن لاءِ ڪو نه پيدا ٿيو آهي جنهن جي هنج ۾ هو سڏڪا ڀري روئن ٿيون. ڪي اهڙا هٿ ئي هجن جيڪي وڌي انهن جا ڳوڙها اگهن.
دنيا جي هل هنگامي ۾، انسانن جي وچ ۾ ٽهڪ ڏيئي کلندڙن جو اندر ڪيترو جهريل آهي. اهو ته ڪير انهن کان پڇي، مون کان پڇي، منهنجي ان جيڏل کان پڇي.

آچر 17 جنوري 1993ع