عورت جا احساس ۽ جذبا
اُتي ئي سلميٰ ٻڌايو ته ڳوٺان سندس ڀرت جو جوڙو ڀرجي آيو آهي پر ڀرڻ واري ڪچي پٽ سان ڀريو آهي. سو رنگ ٿو ڇڏي. مان صلاح ڏني مانس ته اهو جوڙو گهر ۾ پائي ڇڏي. سلميٰ رڙ ڪري چيو، ايڏو مهانگو جوڙو مان گهر ۾ ڪيئن پائيندس مان ته اميد ڪري ڀرايو هو ته پنهنجي ڏاج جي ڪپڙن ۾ رکندس مان مذاق ۾ کلي چيو مانس، “ڇو سلميٰ ڪا اميد آسرو مليو اٿئي ڇا؟” (هت مان اهو ٻڌايان ته سلميٰ جي عمر ٽيهن سالن کان به وڏي آهي. سلميٰ ٿڌو ساهه ڀري چيو اميد آسرو بندن ۾ ڪهڙو؟ منهنجو ته رب تي آسرو آهي، ڇو ڀلا سڄي زندگي ڀاڄائيءَ جي گهر ۾ ڇاڻيندس ۽ ٻهاريندس ڇا. انهيءَ اميد تي ته لٽا ڪپڙا ٺهرايان پيئي ته الله منهنجي لاءِ به ڪا واٽ کوليندو. مون کي مذاق سجهيو سو پراڻيون ڳالهيون پڇڻ لڳي مانس (مونکي خبر هئي ته سلميٰ جو خاندان ۾ مڱڻو ٿيل هو پر اُن وڃي هڪ ڀيلياڻيءَ سان شادي ڪري ڇڏي هئي) ڇو ڀلا جميل ڪو آسرو ڏياريو اٿئي ڇا؟ اهو ٻڌي سلميٰ اصل آپي کان ٻاهر نڪري ويئي ايترو ته گهٽ وڌ ڳالهايائين جميل کي جو لکڻ مان مٿي. مئو مري شال مان ته سندس شڪل ته ڇا پاڇو به ڏسڻ نه ٿي چاهيان. مان کلي چيو مانس هاڻ ٿي گهٽ وڌ ڳالهائينس مون کي ته اها به خبر آهي ته توئي ان سان شادي ڪرڻ لاءِ خاندان تي زور رکيو هو..... سلميٰ ويچاري ڏکائتي ٿي پيئي چيائين، “ها سچ ٿي چوين جميل مونکي ڏاڍو وڻندو هو. ويجهو مائٽ هو هڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا هئاسين سو بس مونکي وڻي ويو. اُن جي دل به مون سان لڳي ويئي. هڪ ڏينهن چيو مانس ته تون سنڱ گهرڻ لاءِ ڪنهن کي موڪل، جميل جي سنڱ گهرڻ سان اسان جي گهر ۾ ٻائيتال مچي ويو. اُن وقت جميل ۾ سڀ عيب موجود هئا. شراب هو پيئندو هو، جوا هو کيڏندو هو، نه ڪمائي نه ڪرتي بار هو مائٽن تي. منهنجي مائٽن صفا انڪار ڪري ڇڏيو. چيائون اهڙي شادي کان گهر ۾ ويٺل نياڻي چڱي آ. پرڻائي هڪ ٻيو جهنجهٽ ڳچيءَ ۾ وجهون”. سلميٰ ٻڌايو ته الائجي ڪيئن مون ۾ به همت اچي ويئي. مائٽن کي چيم جميل جهڙو به آهي مون کي قبول آ. باقي رهيو اهو سوال ته اسان ٻئي اوهان تي بار ٿينداسين، سو مان ائين ٿيڻ ڪونه ڏيندس. ڀلي جميل ڪجهه به نه ڪري مان توهان کان الڳ رهندس. پنهنجي ضرورتن لاءِ مون کي ڀرت ڀرڻو پوي يا سلائي ڪرڻي پوي. پر مان توهان تي بار ڪانه ٿينديس. مائٽن جي منهنجي ضد هوڏ اڳيان ڪجهه نه هلي ۽ نيٺ منهنجو مڱڻو ڪرايائون. اسان جي وچ ۾ پردو ته هوندو ئي ڪونه هو. جميل اسان جي گهر ۾ ايندو ويندو ۽ مان به ساڻس ملندي هئس. ان وقت جميل مون سان گهڻا واعدا اقرار ڪيا. چوندو هو ته مان تو کي سک ڏيندس. سڀ خراب عادتون ڇڏي ڏيندس. مڱڻي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پئي ته جميل جي هڪ ڀيلياڻيءَ سان صحبت ٿي ويئي ۽ اُن سان شادي ڪري ڇڏيائين. ڳالهه ڪندي سلميٰ جو گلو ڀرجي آيو، منهن سڄو ڳاڙهو ٿي ويس. مان پڇيو مانس ته ڪڏهن جميل سان ملاقات ٿي اٿئي؟ جواب ۾ سلميٰ ٻڌايو ته جميل ساڻس ملڻ آيو هو ۽ چوڻ لڳو ته تون ته منهنجي مڱ آهين. هيءَ شادي ته مجبوريءَ ۾ ڪئي آهي. مان اصل شادي ته تون سان ڪندس.... مون کي جميل جي شڪل کان ئي نفرت ٿي ويئي هئي. چيو مانس ته مان توسان ڪڏهن به شادي ڪانه ڪندس. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مون اک کڻي جميل کي ڪونه ڏٺو آهي. دل ۾ اصل چڀڪو رهندو اٿم. جنهن جي ڪاڻ خاندان سان مقابلو ڪيو ماريو مئو به وڃي ڀيلاڻيءَ تي..... منهنجو قدر ته ڀيلياڻيءَ جيترو به ڪين ڪيائين. سلميٰ کي ڏکائتو ڏسي ڪري ڳالهه ٽارڻ ڪارڻ مان چيو مانس. سلميٰ هاڻ هيئن ڪر جو تون به ڪنهن ڀيل سان شادي ڪري ڏيکار. ڪي ڀيل شڪل جا موچارا به هوندا آهن. ڪو پڙهيل لکيل ملي پوي ته پوءِ وهه واهه. اهو ٻڌي سلميٰ اکيون ڪڍي مون کي ڪاوڙ مان گهوريو. پوءِ چيائين شابس اٿئي، مان مسلمان آهيان. هُن ته وڃي پنهنجي عاقبت خراب ڪئي مان ائين ڇو ڪندس؟ پنج وقت نماز پڙهندي آهيان. روزا سڀ رکان، وظيفا مان ڪڍندي آهيان. رب مون کي ڪو مسلمان ڏياريندو، اهڙو ڪم ڪري مان پنهنجو محشر ٿوروئي خراب ڪندس. مان چيو مانس ته اُن کي کڻي مسلمان ڪنداسين پوءِ ڪهڙو حرج. ها باقي ايڏي عبادت ڪرين پئي ته پوءِ هاڻ الله ئي تنهنجو نگهبان آهي. اهو ئي سڀ تنهنجا سور لاهيندو..... سلميٰ جذباتي ٿي چيو. ته چار سال باقي آهن جو منهنجي شادي ٿي سگهي ٿي پوءِ ڇو نه توهان ۽ مان ڪوشش ڪيون. ها باقي نه ٿي ته پوءِ الله ته هونئين اسان جو آهي ويٺي الله الله ڪندس......
سلميٰ جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ماٺ وٺي ويئي. ڇا چوانس ڪهڙي آٿت ڏيانس. ڳالهه کي ٽارڻ لاءِ ۽ کيس خوش ڪرڻ لاءِ چيم. ڪڏهن جميل ياد ايندو اٿئي؟ اتي سلميٰ کلي ويٺي چيائين. شاباش اٿئي مان ڇو ان کي ياد ڪندس.... اُن ويل جيڪا سندس چهري تي ڏک جا آثار هئا ان مان محسوس پئي ٿيو ته جميل اڃا به هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود آهي. سلميٰ پڙهيل لکيل نه آهي. سڄي زندگي ڳوٺ ۾ گذري اٿس. ڀاڄائي سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي. هڪ ڀرپور عشق ڪيائين. خاندان سان مقابلو ڪيو اٿائين.پنهنجي زندگي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين پر ڇا مليس؟ ڪجهه به نه، سواءِ ڏکن جي. سلميٰ پڙهيل لکيل هجي ها ته اهو سڄو الزام هن جي پڙهائي تي اچي ها. سڀ ڪو چوي ها ته پڙهي آهي. تڏهن وات وڪيل ٿي آهي.
مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ته ڪا سلميٰ غلط آهي. هوءِ پنهنجي حق لاءِ وڙهي آهي. هر انسان بنيادي طور پنهنجي حق لاءِ وڙهي سگهي ٿو. فرق صرف پالنا ۽ معاشري جي حد بندين جو آهي... ڪي انسان ايڏا ارڏا هوندا آهن جو هو پنهنجي طبيعت ۽ انا جي خلاف ڪجهه به برداشت نه ڪري سگهندا آهن.... ڪي انسان ته وري اهڙا هوندا آهن، جو ڄاڻي ٻجهي وهه جو ڍڪ پي ويندا آهن. پنهنجي شرم ۽ مرم پيا مرندا آهن......
هن معاشري ۾ جنهن کي انسان ٺاهيو آهي ان وقت تائين ڪا ڦير گهير نه ايندي جيستائين انسان، انسان جي بنيادي حقن ۽ انتهائي نازڪ جذبن جو قدر نه ڪندو. اُهي بنيادي حق ۽ جذبا چاهي عورتن جا هجن يا مردن جا اُنهن جي پورائي ٿيڻ ضروري آهي.
مرد ته پنهنجي ٺاهيل معاشري ۾ وڙهي جهڙي سڀ ڪجهه حاصل ڪري ٿو وٺي. پر عورت ويچاري ڇا ڪري؟ ڇا اسان کي هن ڳالهه تي ته سوچڻ کپي ته ڇو اسان جي معاشري ۾ انهن عورتن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جيڪي چريون آهن، نفسياتي مريض آهن. کوهن ۾ ٽپا ڏيئي پنهنجو انت آڻينديون آهن يا وري “ڪاري” ٿي مرنديون آهن.....
عورت ته ٿوري پيار محبت ۾ جبلن جيڏا غم کڻي وڃي ٿي. اسان ان پيار ڪندڙ عورت لاءِ ڇو ڪجهه نٿا ڪري سگهون؟ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اها عورت جيڪا پيار پويان کوهه ۾ ٽپو ڏيئي سگهي ٿي. “ڪاري” ٿي مري سگهي ٿي. اگر اسان اُن عورت کي پيار ڏيئي ۽ ان سان گڏ ان جي فطري ضرورتن ۽ بنيادي حقن جو قدر ڪيون ته صرف هوءَ نه پر اسان جو سڄو معاشرو سون ٿي پوندو......
آچر 29 مارچ 1992ع