ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

اڄ جي دور جو وحشي انسان

انسان جا انسانيت جي درجي کان ڪرڻ وارا مثال جيڪي هن ويهين صديءَ جي ائٽمي دور ۾ ڏٺا ۽ ٻڌا ويا آهن ان جو تصور فرعون ۽ چنگيزي سردارن به نه ڪيو هوندو. اسان هن ويهن صديءَ جي ترقي يافته دور جا رهواسي آهيون جت ايٽم ۽ ڪمپيوٽر جو زمانو آهي. هت ڊش اينٽينا لڳائي توهان گهر ويٺي سڄي دنيا کي ڏسو ۽ پسو پيا شايد هيءَ ترقي انسان ڪئي ئي ان ڪري آهي ته هو پنهنجون ڪيل درندگيون ۽ وحشتون اکين سان ويهي ڏسي، ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي ته درندگيون ڪرڻ وارا به اُهي ئي بي حس انسان آهن ۽ انهن کي ڏسڻ پسڻ وارا به اُهي ئي بي حس انسان آهن. اها وحشانيت ۽ درندگيءَ اسان جي معاشري ۾ ائين اچي ويئي آهي جو پڙهڻ ڏسڻ کان پوءِ به ڪير اڳتي وڌي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري.
انسان ۾ احساس، محبت، حيا. شرم، انسانيت، اهو سڀ به ڀريل آهي پر اهو ئي انسان جڏهن وحشي ٿئي ٿو، نفرت جي باهه ۾ ٻري ٿو ان ويل سندس سڀ خوبيون هڪ نفرت جي لفظ ۾ لوڙهجي وڃن ٿيون.
اڄ ڪلهه چئني طرف درندگي ڦهليل آهي انسان انسانيت جون سڀ حدون اورانگهي چڪو آهي. اسان جي پنهنجي ملڪ کان وٺي ويندي سڄي دنيا تي نظر وجهڻ سان خبر پئي ٿي ته اڄ ڪلهه انسان جو ڪم آهي مرڻ ۽ مارڻ، هڪ ته حادثاتي موت ايترا ٿي پيا آهن. جو الله جي پناهه، مٿان وري ماڻهو ماڻهوءَ کي ائين ٿو ماري جو جانورن به عجب ۽ وچان شرم وچان زمين ۾ کڻي اکيون وڌيون آهن. منهن کڻي لڪايو آهي.
ان ڏينهن ٽي وي تي خبرن ۾ ڏٺو ته بوسنيا جي مسلمانن کي گاڏين ۾ چاڙهي برف واري جاين تي لاٿو پيو وڃي. ويچارا زالون مرد، ننڍڙا صغير ٻار پوڙها سڀ هلندا پيا وڃن، هلندا پيا وڃن.
بوسنيا جي باري ۾ جيڪي دل ڏاريندڙ خبرون ملنديون رهيون آهن ان جو مثال هن دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته اهڙين حالتن ۾ عورتن ۽ ٻارن تي سڀ کان وڌيڪ ظلم ٿيندو رهندو آهي. حالانڪ دنيا جي تاريخ توڙي مذهبن ۾ هميشه عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي امان مليل هوندو آهي. پر هت ڇا آهي ڏهه سالن جي نياڻي هجي چاهي ڦوهه جوان عورت، اڌڙوٽ هجي چاهي پوڙهي، پر ڇو ته اها عورت آهي ان ڪري ان، پوڙهي کي نفرت جي باهه ۾ ساڙي دفن ڪرڻو آهي.
ها ته ڳالهه ٿي ڪيم ان فلم رپورٽ جي ان فلم رپورٽ ۾ ڇا هو؟ ڪجهه به ته نه هو. اصل ۾ بوسنيا جي مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلم جون جيڪي خبرون ڏٺيون ۽ پڙهيون آهن. ان جي مقابلي ۾ هيءَ فلم ته ڪابه شيءِ نه آهي ها پر خبر نه آهي ڇو مون کي ان فلم رپورٽ صفا جهوري ڇڏيو. هڪ ڌڪ سان مارڻ، رائفل يا ڪلاشنڪوف جون گوليون هلائي مارڻ اهو ته آسان ترين ڪم آهي. پر ڪن زندهه انسانن کي وٺي ڪري جانورن وانگر واڙي هڪ اهڙي هنڌ موڪلي ڇڏجي. جت هو پل پل چڪي چڪي، ڦٿڪي ڦٿڪي مرن. ان کان وڌيڪ انسانيت جو زوال ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، اهڙيون فلم رپورٽون ڏيکاريندڙ ۽ وري اسان سڀ ڏسندڙ ڇا ڪري سگهيا آهيون يا ڇا ٿا ڪري سگهون.......؟ اهڙا ڪيترائي سوال اندر ۾ اُڀرن ٿا ۽ ختم ٿين ٿا.
ان ڏينهن هڪ دوست ٻڌايو ته هڪ ماءُ روزانو پنهنجي ڌيءُ کي جيڪا ڇهن سالن جي هئي هڪ بلڊنگ ۾ آخري واري فليٽ ۾ ٽيوشن تي ڇڏڻ ايندي هئي. مٿي چڙهڻ جي سوران ماءُ هيٺ بيهندي هئي ۽ اها ڇوڪري پاڻ مٿي چڙهي ويندي هئي مٿان بيهي اها ڇوڪري هٿ لوڏي ماءُ کي خدا حافظ چوندي هئي. واپسي مهل به اهڙي طريقي سان اها ڇوڪري مٿان هٿ لوڏي پوءِ هيٺ لهندي هئي. ان هيٺ مٿي لهڻ ۽ چڙهڻ ۾ پنجن منٽن جو ٽائيم مس لڳندو هو.
هڪ ڏهاڙي ان ڇوڪريءَ مٿان هٿ لوڏي ماءُ کي ٻڌايو ته مان اچان پئي پر پنج منٽ ته ڇا ڏهه پندرهن منٽ گذري ويا ڇوڪري نه لٿي ماءُ هيٺان سڏ ڪيا جواب نه مليو. آخر چڙهي مٿي وڃي ته ڏاڪڻن تي اها نياڻي رت ۾ ڀريل بيهوش پئي هئي. ڪنهن وحشيءَ جي هٿ لڳي ويئي جنهن کي ان نياڻي جي اچڻ وڃڻ جي ٽائيم جي خبر هئي. سوچيو ته سهي ته سامهون رڳو پلڪ جهپڪڻ سان زندگي جا هيڏا وڏا حادثا گذري وڃن ٿا ۽ انسان بي وس ٿيو ٿو وڃي ڪير اهو ته وڃي ان وحشي کان پڇي ته تو کي انهن پنجن ڏهن منٽن ۾ ڇا مليو جو تو هڪ نياڻي کي برباد ڪري ڇڏيو ان کي ماري ڇڏيو.
اصل ۾ انسان جي وجود ۾ پيار محبت ختم ٿي ويئي آهي. درندگي ۽ وحشانيت وڌي ويئي آهي چوندا آهن انسان جي وجود سان ئي انسانيت وجود ۾ آئي مذهبن جو وجود ته پوءِ پيو، مذهب ٺهيائي آهن هن انسان کي پنهنجي وحشي پڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ...........
جيئن ته انسانيت جو وجود به انسان سان گڏ ئي ٿيوآهي. ان ڪري ئي سڀني مذهبن، عالمن، شاعرن سڀني انسانيت کي ئي اڳيان وڌائڻ لاءِ جتن ڪيا آهن. اسان جي معاشري ۾ انسانيت کي هٽائي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ جنونيت جاءِ ورتي آهي. بوسنيا، افغانستان هندستان، ڪشمير ۽ ٻين ڪيترن آفريقي ملڪن توڙي عرب ملڪن ۾ سڀني جاين تي مذهب جي نالي پٺيان وڍ ڪٽ لڳي پئي آهي سڀڪو پاڻ ڏاڍو، پاڻ صحيح ۽ حق وارو سمجهندڙ ۽ پوءِ خون جون نديون وهائي اها دعويٰ ڪندڙ ته اها ته حق جي راهه آهي.
اها ڪهڙي حق جي راهه آهي. جنهن ۾ انسانيت نه آهي. انسان جو قدر ناهي.... مذهب جي نانءُ پٺيان رت وهائڻ، حق جي راهه پٺيان وهائڻ، وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ، غريب اٻوجهه بي سهارن ڪمزورن جو رت وهائڻ ڇا اها انسان جي زوال جي نشاني آهي. يا ترقيءَ جي..........؟ اڄڪلهه ڪنهن به طاقت ور کي ڪير به نقصان نه ٿو پهچائي، جڏهن به ٻه ڏاڍا پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته مرڻ وارا وري ڪي ڪمزور ۽ لاچار هوندا آهن. نفرت وحشت ۽ جنونيت جو شڪار به ڪمزور ٿيندا آهن نه ته ننڍڙين نياڻين کي بي آبرو ڪرڻ وارا يا وري ڪوس گهر ٺاهڻ وارا، اذيت گاهون بنائڻ وارا، هي سڀ وحشي جانور آهن انهن جو کاڄ مجبور ۽ لاچار انسانيت آهي جيڪا اڄ ڪلهه شرم وچان منهن ڍڪيو ويٺي آهي، مان لنگهان ٿي انهن واٽن مٿان.
جت پکڙيل آهي لهو
لهو جي انبارن ۾ منهنجا پير آواز ٿا ڪن
“ڇپڙ، ڇپڙ، ڇپڙ، ڇپڙ”
آچر 16 مئي 1993ع