ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

ڪوٽا سسٽم ۾ ڦاٿل اڄ جو نوجوان

اسان وٽ تعليمي ماحول ۾ جيڪو تضاد آهي اسڪولن جي معيار ۽ درسي ڪتابن ۾ جيڪو فرق آهي ۽ استادن جي ناليج ۽ تعليمي معيار جو فرق ئي اسان جي تعليمي نظام جو ٻيڙو غرق ڪيو ويٺو آهي. اسان جي سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي ماحول ئي اصل مسئلا پيدا ڪيا آهن. شهرن ۾ مليل سهولتون ۽ تعليمي معيار روز بروز وڌندڙ ۽ ٻهراڙيءَ جو تعليمي نظام روز بروز ڪرندڙ هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پراڻا ۽ نالي وارا تعليمي ادارا آهن. انگريزن جي زماني ۾ ٺهيل تعليمي ادارن جون بلڊنگون خوبصورت ۽ وڏيون، تعليم جو نظام بهتر. اڄ به انهن ادارن ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهائيندي والدين فخر محسوس ڪندا آهن. وڏن شهرن ۾ رهندڙ ننڍيون ڪميونٽيون جن ۾ پارسي ۽ ڪرسچن جو نالو وٺي سگهجي ٿو. انهن به سٺا ۽ معياري تعليمي ادارا قائم ڪيا. هن شهري ماحول جي بهتر تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻارن سان مقابلو ڪري ئي نه ٿا سگهون. ٻهراڙيءَ جو ٻار جيڪو پرائمري تعليم هڪ ڳوٺ ۾ حاصل ٿو ڪري ته پوءِ ٻه ڪوهه پنڌ ڪري ٻئي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ ٿو وڃي.
ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪول ان کي چئبو جت ٻار پنج درجا پڙهي ٿو. انهن پنجن درجن تائين ٻار سڀ سبجيڪٽ سنڌيءَ ۾ ئي پڙهندا آهن پر انهن کي انگريزي ڇهين ڪلاس کان پڙهائڻ شروع ڪئي ويندي آهي. ان ڇهين درجي ۾ پڙهايل انگريزيءَ جو معيار به ڪو خاص نه هوندو آهي. هاڻ سائين توهان سوچيو ته سهي ته وڏن شهرن ۾ جڏهن ٻار پهرين درجي کان ئي انگريزي پڙهن ٿا. گڏوگڏ هو پنهنجي ٻولي به پڙهن ٿا. ان مان اهو فائدو حاصل ٿئي ٿو ته اهڙا ٻار شروع کان وٺي علم سان چاهه رکن ٿا. سٺو ڳالهائين ٿا. بازار ۾ وڪامجندڙ مختلف ٻاراڻا ادبي ڪتاب جيڪي اردو، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ هوندا آهن تن کي پڙهن ٿا. مختلف قسم جون تعليمي رانديون ۽ دلچسپيءَ واريون شيون شهري ماحول ۾ پلجندڙ ٻار کي ميسر ٿين ٿيون. اڳتي هلي اهو ٻار ئي زندگيءَ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري ٿو. ٻهراڙيءَ جو اهو ٻار چاهي ڪيترو به هوشيار ڇو نه هجي سهولتون نه هئڻ ڪري ان جي ڄاڻ تمام محدود آهي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي انهن تي جيڪي ٻارن مان جوان ٿي پنهنجون ڊگريون کڻي جن ۾ هو پوزيشنون کنيل هوندا آهن. نوڪرين لاءِ ڌڪا به کائيندا آهن اهي نوڪريون جن تي انهن جو حق آهي پر مقابلي مهل هو پوئتي رهجي وڃن ٿا. توهان کي به ڄاڻ هوندي ۽ مون به ڏٺو آهي ته حالتون ڪڏهن به اسان جي تابع نه رهيون آهن. هڪ دفعو هڪ سٺي نوڪريءَ جي لاءِ انٽرويو وٺڻ مهل ان سرڪاري اداري ۾ جام رش لڳي پئي هئي. ات ٻنهي قسمن جا نوجوان موجود هئا. ٻهراڙيءَ جا نوجوان هيسيل خاموش ويٺا هئا باقي شهري ماحول جا نوجوان جن ۾ سنڌي توڙي ٻين گروهن جا نوجوان به هئا سي چست ۽ چالاڪ پئي لڳا. انٽرويو ٿي ويا. ات انٽرويو وٺندڙ ڏاڍي تلخ نموني ۾ اهو چيو. سنڌين کي ته ڪجهه به نه ٿو اچي. سوال ڪر هڪڙو ته جواب ڏيندا ٻيو. هي وڏيون نوڪريون هي ڪري ڪيئن سگهندا جن کي انگريزي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ به ڪا نه ٿي اچي، شهري ڪوٽا ۾ ته هو اچي ئي ڪو نه ٿا سگهن باقي ڀاڳ ڀلا اٿن جو ٻهراڙيءَ جي ڪوٽا تي کڄيو ٿا وڃن. اگر هي ڪوٽا سسٽم نه هجي ۽ اوپن ميرٽ هجي ته هوند هڪ سنڌي به نوڪري حاصل نه ڪري سگهندو. اگر ڪي شهرن ۾ پڙهندڙ سنڌي آهن به ته انهن جو ڊوميسائل ٻهراڙيءَ جو آهي. اهو به ظلم آهي ته شهرن ۾ رهندڙ سنڌي ڪوٽا تي ٻهراڙيءَ جي نوجوانن جو حق ماري ٿا وڃن.
هي سڀ تلخ حقيقتون اسان جي ماحول ۾ اسان کي عبرت ڏيارڻ لاءِ ئي آهن. سوچيو ته سهي اگر هي ڪوٽا سسٽم نه هجي ها ته اسان سنڌين جو ڇا حال ٿئي ها. . . . . گڏوگڏ اها به تلخ حقيقت آهي اسان ڪوٽا سسٽم جا محتاج ڪيستائين رهنداسين. تازو هڪ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ڪوٽا سسٽم کي ويهن سالن تائين وڌايو وڃي. مهاجرن ۽ ٻين گروهن اخباري بيانن وسيلي ان جي سخت مخالفت ڪئي آهي. ان ڪميٽيءَ جي سربراهه هڪ اخبار جي بيان ۾ اهو چيو آهي ته ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ڪرڻ وارا غلط آهن توهان هڪ صحتمند ٻار ۽ اپاهج ٻار ۾ ڪيئن ٿا مقابلو ڪري سگهو.
سائين منهنجا اهي ئي لفظ اسان جهڙن باشعور ماڻهن لاءِ ڪنهن زلزلي کان گهٽ نه آهي؟ ڇا سچ پچ اسان جي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ پڙهندڙ ٻار توڙي نوجوان اپاهج آهي؟ جيڪڏهن اهو اپاهج آهي ته پوءِ بجاءِ ان جي اپاهجي دور ڪجي يا وري ان جي اپاهجي کي قبول ڪري ان جي مٿان رحم جو هٿ رکجي. . . . .
ڇا اهڙي رحم جي رکيل هٿ سان اسان جو ماحول ۽ معاشرو مٽجي ويندو. ڀلا ويهه سال ڪوٽا سسٽم کي وڌائي هن اپاهج نوجوان کي رحم ڪري ان کي نوازڻ کان بهتر نه آهي ته هن اپاهج ٻار ۽ نوجوان جو علاج ڪرائجي.
علاج به اهڙو علاج جنهن مان اسان جي معاشري ۾ هي شهري ۽ ٻهراڙي جو تضاد ختم ٿي وڃي. مان ڄاڻان ٿي ته تعليمي ادارا کلن پيا. تعليم ڏي ڪافي توجهه ڏني پئي وڃي. مائٽ به هاڻ باشعور ٿيا آهن. هر ڪنهن جي ڪوشش آهي ته پنهنجن نياڻين ۽ پٽن کي تعليم ڏيارجي.
ها سائين پر حالتون اهي وڃي رهيون آهن ته پڙهائي جو معيار آهي ئي ڪو نه، وري مٿان ڪاپيءَ تي زور، ان ڳالهه ته اڃا وڌيڪ منجهايو آهي ته اصل شاگرد ته امتحان ڏيندو ئي نه آهي ان جي جاءِ تي پئسن سان خريد ٿيل شخص وڃي امتحان ڏيندو آهي. اڄ ڪلهه امتحان پيا هلن، اوهان اهڙي قسم جون خبرون روزانه اخبار ۾ پيا پڙهندا آهيو. سائين منهنجا سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ ته اسڪولن ۾ پڙهايل نصاب بيڪار، اهڙو آسان ۽ بيڪار نصاب جنهن سان ڪا به ڄاڻ حاصل ٿي نه ٿي اهڙو نصاب پڙهيل اڄ جا ٻار ۽ نوجوان پڙهڻ نه ٿا چاهين. هو ڪاپي ڪري مارڪون کڻي ڪامياب ٿيڻ چاهين ٿا. ڀلا کڻي هڪ دفعو هو ڪامياب ٿي وڃن نوڪريون به حاصل ڪري وڃن ته ڇا آئنده اهڙا نوجوان آفيسر ٿي ڪري سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙيندا يا تاريندا. . . .؟
ڇا اسان جي نوجوانن جي مستقبل لاءِ ڪوٽا سسٽم جي اپاهجي ضروري آهي يا وري اهڙي ڪوشش ڪجي جو هي سڄو تعليمي نظام ئي مٽجي وڃي. اهڙو تعليمي نظام هجي، جنهن ۾ استاد کي پڙهائڻ ۾ مزو اچي ته شاگرد به سڪون سان پڙهي. مون کي اُن ڳالهه جو سو فيصد يقين آهي ته اسان جا تعليمي ادارا سٺا هوندا ۽ ات پڙهايل نصاب معياري ۽ دلچسپ هوندو ته شاگرد پنهنجو پاڻ ان ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪندا اسان پنهنجي ٻهراڙيءَ ۾ نوجوان کي تعليمي ماحول ڏيون ئي ڪو نه ٿا. سڀ کان پهرين سڄي سنڌ ۾ هڪ جهڙا، هڪ معيار جا تعليمي ادارا کوليا وڃن. انهن تعليمي ادارن ۾ نصاب به هڪ جهڙو پڙهايو وڃي.
انگريزي ٻولي جي اهميت کان اسان انڪار ڪري ئي نه ٿا سگهون يونيورسٽي ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ توڙي مقابلي جي امتحانن ۾ ان ٻوليءَ جي ڄاڻ ۽ عبور کان سواءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿي ٿئي.
اسان کي پنهنجي ٻهراڙيءَ جي سڀني اسڪولن ۾ انگريزي ٻولي شهرن وانگر پهرين درجي کان پڙهائڻ گهرجي. پنهنجي سنڌي ٻولي ته پڙهڻي آهي. ان جي اهميت کي گهٽائڻو ئي نه آهي. ان کي ته پڙهڻو آهي ئي آهي پر ٻيا اهم سبجيڪٽ جهڙوڪ حساب، سائنس وغيره به شروع کان وٺي انگريزيءَ ۾ پڙهائڻ گهرجن.
اسان کي پنهنجي سنڌي نوجوان مان آئنده جون اميدون آهن. انهن کي بهتر شهري ۽ بهتر آفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻو آهي. ڪوٽا سسٽم جي اپاهجي هاڻ اسان کي قبول نه آهي. سڄي سنڌ ۾ تعليمي نظام کي معياري ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت، هنن اسيمبلين جي ميمبرن ۽ سرندي وارن ماڻهن کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي.
اسان جي ذهنن کي مفلوج ڪري، تعليمي نظام کي تباهه ڪري ڪوٽا سسٽم جو اڃا وڌيڪ ويهن سالن جو خواب ڏيکاري اسان جي ٻار ۽ نوجوانن کي مفلوج ڪرڻ جو هڪ وڏو پلان آهي. اچو ته گڏجي پنهنجي قوم کي هن اپاهجي ۽ مفلوجي واري ڄار مان ڪڍي ايترو طاقتور بڻايون جو ڪنهن به جاءِ تي ڪير به اسان جو مقابلو نه ڪري سگهي، هر هنڌ هر جاءِ تي اسان جو نوجوان پنهنجي قابليت تي پنهنجي ذهانت تي منزلن کي ماڻي.

آچر 30 مئي 1993ع