ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

بيمار لاچار اديب ۽ اسان جي اديبن جو فرض

سنڌ ڪلچرل ڪائونسل جو صدر ستار ڀٽي هڪ محنتي ۽ ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هن تنظيم جي نالي هيٺ ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيترائي سٺا پروگرام ڪيا ويا آهن. هر هڪ مسئلي تي ڪيترائي اخباري بيان هيءَ تنظيم ڪڍندي رهندي آهي. ستار ڀٽيءَ جا ڪلچرل ڪائونسل تحت ڪرايل پروگرام جيڪي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيا آهن، اهي سڀ گهڻو ڪري مون اٽينڊ ڪيا آهن. سندس اها ڪوشش هوندي آهي ته هر چڱي نالي وارو سندس پروگرام ۾ ضرور اچي. اُن ڪري جذبات ۾ اچي هو ڇا ڪندو آهي جو ڪارڊن ۾ هڪڙا نالا ڇپرائيندو آهي ته اخباري بيانن ۾ ٻيا نالا هوندا آهن. جيڪي خاص مهمان ۽ صدارت جي ڪرسي تي ويهڻا هوندا آهن ۽ اُهي جن کي مقالا پڙهڻا هوندا آهن، اُنهن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته اُنهن کي اُن پروگرام ۾ وڃڻو آهي. پوءِ ٿيندو ڇا آهي جو ڪاردن ۾ هڪڙا نالا هوندا آهن، اخباري بيانن ۾ ٻيا ته پروگرام ۾ ماڳهين ٽيان موجود هوندا آهن..... ستار ڀٽيءَ جي اڻڄاڻائي آهي يا معصوميت جو هو سڀ ڪجهه ائين ڪري پروگرام ڪري ويندو آهي، پر مان سندس اهي ڳالهيون درگذر نه ڪندي آهيان کيس سمجهائيندي آهيان. مون کي صرف اهو خيال هوندو آهي ته جڏهن ستار ڀٽي هيڏا پئسا خرچ ڪري مقالن جا موضوع به سٺا کڻندو آهي، مٿان وري کاڌي پيتي جو به چڱو انتظام هوندو آهي ته پوءِ اهڙا پروگرام ٿورو ترتيب ۽ هوم ورڪ سان ڪيا وڃن ته ڪهڙو نقصان........؟
بهرحال تجربن مان ئي هر انسان سکندو آهي. هاڻ آئنده پروگرام ائين ٿيندا جو گهٽ ۾ گهٽ ستار ڀٽي اها شڪايت نه ڪندو ته اديب دانشور ساڻس تعاون نه ٿا ڪن ۽ اديب دانشورن کي به ڄاڻ هوندي ته اُنهن کي پروگرام ۾ وڃي ڪو ٻوٽو ٻارڻو آهي........
ستار ڀٽيءَ جو ذڪر مون ان ڪري ڪيو آهي جو هن تازو به اخبار جون خبرون مون ڏي موڪليون آهن ۽ چيو اٿس ته ادي سلطانه هنن موضوعن تي به ڪجهه لکو. انهن خبرن مان هڪ خبر اها آهي ته اڄ ڪلهه جيڪو بيمار اديبن ۽ فنڪارن سان اسان جي حڪومتي ادارن جو ورتاءُ آهي، انهن بيمار اديبن ۽ فنڪارن سان اسان جا حڪومتي ادارا ڪيتري مدد ڪن ٿا. اگر نه ٿا ڪن ته پوءِ اُن مسئلي جو حل ڇا آهي......هي هڪ اهم موضوع آهي اسان هميشه اخبارن ۾ پڙهندا رهندا آهيون ته فلاڻو اديب ۽ فلاڻو فنڪار بيمار آهي. مرڻينگ حالت ۾ آهي، ڪلچر ڊپاٽمينٽ يا فلاڻا ڪي فلاڻا ادارا اُنهن جي مدد ڪن، اُن جو علاج ڪرائين.....؟ اهي بيان مختلف تنظيمن ۽ سماجي ادارن طرفان ڇپجندا رهندا آهن.
هاڻ هن مسئلي جي اهميت تي گهري نظر وڌي وڃي ته اها حقيقت سامهون ايندي ته سنڌي فنڪارن ۽ اديبن جو گهڻو تعداد اهڙو آهي جيڪو معاشي مسئلن جو شڪار آهي. اهڙا اديب ۽ فنڪار به موجود آهن جيڪي خوشحال آهن، پنهنجي نوڪرين مان پنهنجي ڏات ۽ آواز مان اُنهن ڪافي ڪجهه ڪمايو آهي..... ها پر اصل مسئلو انهن جو آهي جيڪي آڻين ۽ چاڙهين ٿا ۽ قلم جي وسيلي وجود جي جنگ جاري رکندا پيا اچن...... حڪومتي ادارا ۽ اُنهن جا فرض ڪهڙا آهن يا وري کڻي ائين چئجي ته اهي حڪومتي ادارا هلن عوام جي ٽئڪس جي پئسن سان ته پوءِ اُنهن جو فرض آهي ته هو به ڏک سک ۾ سنڌي فنڪارن ۽ اديبن کي نظر انداز نه ڪن.....
اهي ته ٿيون اُهي سڀ ڳالهيون جيڪي اسان ڏسون ۽ ٻڌون پيا. هاڻ اچون ٿا ٻئي پاسي...... اهو ٻيو پاسو اهو آهي ته ڇا سنڌي اديبن ۽ دانشورن ۽ فنڪارن لاءِ صرف حڪومتي ادارا ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا باقي اُنهن جو پنهنجو فرض ڪهڙو آهي؟ مان اهو سوچيندي آهيان ته ڪشڪول هٿ ۾ کڻي ٻاڏائڻ يا وري اخباري بيانن ذريعي حڪومتي ادارن کي وقت بوقت احساس ڏيارڻ ۽ وري اُنهن جو مذمتون ڪرڻ مان هن وقت تائين ڇا هڙ حاصل ٿيو آهي؟ ڇا اهو نه سوچڻ گهرجي ته فنڪار ۽ اديب پاڻ پنهنجي لاءِ هڪ ٻئي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهن؟ اديب ۽ فنڪار اهڙو حساس طبقو آهي جيڪو جوانيءَ ۾ ئي بيمارين ۾ وڪوڙجيو وڃي ۽ اڃا جوانيءَ جي سرحد به پار ڪو نه ٿو ڪري ته جهريو پوي....مختلف تنظيمون ۽ ادارا ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو ته پنهنجي ليکي اخباري بيان ڪڍيو همدرديون ڪيو ويٺا آهن. پر سوچجي ته اهو خيرات وارو حق آخر ڪيستائين ملندو ۽ ڪيترن کي ملندو.....؟ ڇا اهو حڪومتي ادارن وٽان ملندڙ حق صحيح معنيٰ ۾ حقدارن کي ملي ٿو يا وچ مان اهي ئي کڻي وڃن ٿا جيڪي هونئن به خوشحال آهن. گهڻو ئي ڪمايو اٿن سندس اولاد به وڏين نوڪرين ۾ آهي هلندي پڄندي وارا اديب فنڪار اُهو حق حاصل ڪري وڃن ٿا ۽ اصل ۾ ضرورتمند، بيمار اديب ۽ فنڪارن کي اهو حق ملي ٿو يا نه ٿو ملي.........؟ ان ڳالهه جو جواب ڪنهن وٽ آهي.......؟ جواب به موجود آهي ۽ اُن جو حل به موجود آهي. ڪيترين اهڙين گڏجاڻين ۽ سيمينارن ۾ جت مان وارا اديب گڏ ٿيندا آهن اُت هن موضوع تي به ذڪر ٿيندو رهندو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي آهي ته گهڻو ڪري هر اديب ۽ دانشور توڙي فنڪار ان ڳالهه کي سٺو نه سمجهندو آهي ته هروڀرو همدردي حاصل ڪري ڪشڪول ڦهلائجي. جيڪي تنظيمون ۽ ادارا همدرديءَ ۾ اچي بيان ڪڍن ٿا ۽ تعاون ڪن ٿا ان جي همدردي ۽ نيڪ نيتي تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. ڀلا پوءِ ڇو نه ائين ڪجي جو هي سڀ پاڻ ۾ گڏجي هڪ اهڙو قدم کڻڻ جو هروڀرو حڪومتي ادارن جو محتاج نه ٿجي.
ياد ٿو اچيم هڪ سيمينار ۾ جت سنڌي ادب جا ڪيترائي ڏاها جهڙوڪ امر جليل، سراج، شمشير، تاج بلوچ، هدايت بلوچ، قمر شهباز، غلام علي الانا صاحب ف م لاشاري، انور پيرزادو وغيره سڀ جمع هئا اُت به اهو موضوع نڪتو هو. اُت سراج الحق اها تجويز پيش ڪئي ته...... “سنڌي ادب، اديبن کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اديبن جي هڪ “گلڊ” قائم ڪئي وڃي.” هن صاحب اهو به چيو ته، هن “گلڊ” جو سنڌي ليکڪن جي انهيءَ تنظيم جو وقت جو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه هوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته عوام جي محصولن تي هلندڙ حڪومت تي اسان جو پڻ حق آهي......”
اها هڪ اهم تجويز هئي. اگر هن تجويز کي عملي جامو پهرايو وڃي ته اها اديبن لاءِ تمام وڏي ڀلائي ٿيندي. منهن جي راءِ آهي ته سراج صاحب ۽ ٻين اديبن کي گڏ ڪري اهڙي گلڊ جو بنياد وڌو وڃي. اهڙي قسم جي گلڊ جو بنيادي مقصد ئي اديبن جي ڀلائي هجي. بيمارين کان علاوه ٻيا به مختلف مسئلا آهن. جيئن ته ڪن لکندڙن کي عدالتن تائين ڇڪيو ٿو وڃي. اُنهن جي لکڻين جي عيوض.....اُنهن جي به مدد ڪري سگهجي ٿي. مقصد ته اديبن کي هر قسم جو تحفظ ملڻ گهرجي. اهڙي گلڊ کي پنهنجو پئسو به هجي. پئسو جمع ڪرڻ مشڪل نه هوندو آهي، منهنجو تجربو آهي ته ڪم ڪندڙ تنظيمون جن جا ورڪر محنتي آهن اهڙين تنظيمن کي پئسا حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿيندي آهي.......
منهنجي تجويز آهي ته اهڙي گلڊ قائم ڪرڻ ۾ ٻه ادارا مدد ڪري سگهن ٿا. اُنهن مان هڪ آهي سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻي آهي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن: هي ٻيئي ادارا مستند ۽ ڄاتل سڃاتل آهن. هن ادارن جو شاخون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. پوءِ ڇو نه هنن تنظيمن جي تعاون سان هڪ سنڌي اديبن جي گلڊ قائم ڪئي وڃي. گلڊ جي پنهنجي الڳ حيثيت هوندي. هن گلڊ ۾ اها ڳالهه به رکي وڃي ته هر اديب ۽ ادب دوست پنهنجي حيثيت مطابق هن گلڊ ۾ هر مهيني مدد ڪري. ضروري نه آهي ته ڪي گهڻا پئسا ڏجن هر شخص پنج رپيا به ڏئي ته به گهڻو ٿي پوندو.......
سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. انڪري ادل سومري کي گذارش آهي ته سراج صاحب، شمشير الحيدري، قمر شهباز، امداد حسيني، ۽ ٻين اديبن سان ملي ڪري ان سلسلي ۾ اڳتي قدم کنيو وڃي.
ان کان علاوه ٻين تنظيمن جو تعاون به حاصل ڪيو وڃي. ڇو ته هاڻ برداشت کان مٿي ٿي ويو آهي هروڀرو جون اپيلون ڪرڻ ۽ ڪشڪول ڦهلائڻ.
انفرادي ڳالهين کان وڌيڪ مضبوط هوندا آهن اجتماعي طور کنيل قدم جڏهن اهڙي گلڊ ٺهي ويندي ته پوءِ اُن مضبوط پليٽ فارم جي بنياد تي حڪومت سماجي ادارن جهڙوڪ يونيسيف وغيره سڀني سان ڳالهائي سگهجي ٿو. اچو ته گڏجي پنهنجي ماڻهن لاءِ سک ۽ شانتي جون واٽون کوليون ۽ ٺاهيون......
آچر 11 آڪٽوبر 1992ع