نوڪريون ڪندڙ عورتون ۽ انهن جا مسئلا
گاڏي جي ٻن ڦيٿن وانگر جڏهن زال مڙس گڏجي محنت ڪن ٿا، ڪمائين ٿا، تڏهن وڃي هو هن معاشري جي مسئلن کي منهن ڏيئي سگهن ٿا. ها، ڪن خوشحال گهرن جون عورتون شوقيه نوڪري ڪنديون آهن. انهن وٽ پيسو ۽ وقت گهڻو هوندو آهي. ان ڪري هو پنهنجو وقت گذارڻ لاءِ ۽ پنهنجو شان ڏيکارڻ لاءِ نوڪريون ڪنديون آهن. هن ڪالم مان صرف انهن عورتن جي مسئلن جو ذڪر ڪنديس جيڪي وچولي طبقي جون عورتون آهن. انهن مان ڪي نوڪريون ڪن پيون ۽ گهڻيون گهريلو عورتون آهن. نوڪري ڪندڙ عورتون جيڪي گهڻو ڪري معاشي جدوجهد ۾ پنهنجي مردن جون ساٿياڻيون آهن. مون ڪيترا اهڙا گهر ڏٺا جت زال مڙس ڪمائيندڙ آهن. انهن مان هڪ جي پگهار مان فليٽ بڪ ڪرائي قسطون ڏنيون وينديون آهن ۽ ٻئي جي پگهار مان گهر جو خرچ ڪفايت سان هلايو ويندو آهي. جيڪڏهن گهر پنهنجو آهي ته گهر جي ضرورت جي شين لاءِ پيسا بچائي گڏ ڪيا ويندا آهن. ننڍڙو پرسڪون گهر، جت سڪون ۽ پيار ۽ محبت هجي ته ان کان وڏي جنت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
نوڪري ڪندڙ عورتن جي زندگي ان وقت ٿورو گهڻو مسئلن جو شڪار ٿيندي آهي، جڏهن ٻار ننڍا هوندا آهن، توجهه جا مستحق هوندا آهن. انهن حالتن کي جيڪڏهن گڏجي زال مڙس منهن ڏيندا آهن ته پوءِ اهو ڏکيو وقت به خير خوبيءَ سان گذري ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ گڏيل خاندان جو هجڻ هڪ نعمت کان گهٽ نه هوندو آهي. گهر ۾ ڪا وڏي اُها ماءُ هجي يا سسُ، ٻارن وٽ ويٺي آهي ته نوڪري ڪندڙ عورت کي به سڪون هوندو. اويل سويل ٿي به وڃي ته پٺيان جو فڪر نه هوندو آهي.
ڪم ڪندڙ عورت هميشهه چست رهندي آهي. هوءَ وقت جي حساب ڪتاب سان پنهنجي زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل ٺاهيندي آهي. گهڻن ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته نوڪري ڪندڙ عورتون پنهنجي ٻارن تي گهڻي توجهه نه ٿيون ڏين ۽ انهن جا ٻار اڪيلائيءَ ۽ مايوسين جو شڪار ٿي وڃن ٿا. اسان توهان سڀني به اهڙا گهر ڏٺا هوندا. اهو سڀ ڪجهه چوڻ غلط به نه آهي، جيڪي پنهنجي ٻارن يا گهريلو ذميوارين کي چڱيءَ طرح نه ٿيون نڀائين اهڙين عورتن لاءِ ضروري نه آهي ته ڪو هو نوڪري ڪندڙ ئي هجن.
گهرن ۾ رهندڙ ڪيترين ئي عورتن کي اسان ڏٺو آهي جيڪي صبح جو ڏهين وڳي ننڊ مان اٿنديون آهن، گهر جي ڪم ڪار، صفائي سٿرائي ڏي انهن جو ڪو ڌيان ڪو نه هوندو آهي. سڙي ٻري ٻوڙ جو ديڳڙو چاڙهينديون ته به گهڻو ٿيو. ٿڪل ٽٽل ٻار، جن ناشتو به صحيح طريقي سان نه ڪيو هوندو آهي، اُهي ويچارا اسڪول مان موٽي وڃي تنور جي دڪان تي لائين ۾ بيهندا آهن ۽ اتان نان خريد ڪري پوءِ گهر اچي پيٽ ڀريندا آهن. اصل پنهنجي طبيعت جي ڳالهه هوندي آهي. ڪرڻ چاهين ته نوڪريون ڪندڙ عورتون ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ واريون عورتون اندر ٻاهر جي ڪمن کي ائين صحيح طريقي سان منهن ڏينديون آهن جو انهن جا ٻار بولڊ، هوشيار ۽ گهر صاف سٿرو ۽ پرسڪون هوندو آهي.
منهنجي ڪاليج جي زماني جي ساهيڙي هڪ ڏينهن اوچتو سينٽ جوزف اسڪول جي دروازي تي ملي وئي. پڇيومانس ته هت نوڪري پئي ڪرين ڇا؟ ٻڌايائين ته هتان جي هڪ ماسترياڻي ٽن مهينن جي موڪل تي ويل آهي، ان مون کي چيو ته تون منهنجي مدد ڪر، ٽي مهينا اچي نوڪري ڪري سو مان به حامي ڀري ۽ هاڻ هت پڙهائڻ اچان پئي مان پڇيومانس ته پڙهائڻ ۾ مزو آهي؟ ان کلندي چيو ته پڙهائڻ ته ڏاڍو سٺو پر گڏوگڏ نوڪري ڪرڻ سان منهنجي گهر جو ماحول به مٽجي ويو آهي. پنهنجي گهر واري جي نالي ٻڌايائين ته هو ايترو خوش آهي جو چوي ٿو ته مان هاڻ توکي مستقل نوڪري وٺي ڏيندس. مان به خوش ٿيندي چيو ته اها ته ڏاڍي سٺي ڳالهه، تون به ته آخر پڙهيل لکيل آهين، نوڪري ڪرڻ ته سٺي ڳالهه آهي، آخر ضرورتون به وڌيل آهن ۽ پئسو آخر ڪنهن کي ڪو نه ٿو گهرجي.
ان کلندي چيو خبر اٿئي سلطانه منهنجو گهر وارو چوندو آهي ته اڳ صبح جو مان تو کي ننڊ مان اٿاريندو هوس ۽ تون به منهن سڄائي مس مس اٿندي هئين، چانهه ناشتو ڪري مان آفيس هليو ويندو هوس. جڏهن واپس ايندو هوس ته تون اهڙي ئي حال ۾ گهر ۾ ويٺي هوندي هئين. ڪڏهن قرب مان چوندو هيو مانءِ ته “منهن ته ڌوئيندي ڪر، ڦڻي ته ڏيندي ڪر” اهو سڀ ٻڌي تنهنجو بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويندو هو. ڪاوڙ مان چوندي هئين ته “ڪهڙا نوڪر رکي ڏنا اٿئي، گهر جو ڪم ڪيان ٻارن کي سنڀاليان يا پنهنجو هار سينگار ڪيان؟” هاڻ ته سائين حالتون ئي مٽيل آهن. هاڻ ته صبح جو سوير اٿي سڀ ڪجهه تيار ڪري پوءِ مون کي اٿاريندي آهين. پاڻ مون کي وقت جو احساس ڏياري جلدي ڪرڻ لاءِ چوندي آهين. اڳ صبح جو ٻارن جو گوڙ متو پيو هوندو هو. ڪنهن جو يونيفارم استري ٿيل ڪونهي ته ڪنهن جو بوٽ پالش ٿيل آهي ته جوراب ڪو نه پيا ملن. اصل جنگ جو ميدان لڳو پيو هوندو هو گهر. هاڻ ائين هر ڳالهه صحيح وقت کان اڳ ۾ هر شيءِ فٽ فاٽ . . . وڏي ڳالهه ته اها آهي ته هاڻ تون به صاف سٿري هوندي آهين. اکيون کول ته تنهنجو منهن ڌوتل ڦڻي ڏنل صاف سٿرو چهرو نظر ايندو!! هوءَ کلندي کلندي مون کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندي رهي ۽ مان به ان سان گڏ کلندي رهيس. . .
حقيقت به اها آهي ته نوڪري ڪندڙ عورت چست چالاڪ رهندي آهي. گهر جي ماحول کان ٻاهر نڪري هوءَ پاڻ کي خوش سمجهندي آهي. گهرن ۾ هزار مسئلا، گهريلو خانداني جهيڙا، انهن کان پري ڪجهه ٽائيم پر سڪون ۽ ڪنهن مقصد لاءِ گذاريو ويندوآهي.
نوڪري ڪندڙ عورتون ٻٽيون جوابداريون سنڀاليو ويٺيون آهن، مرد ته نوڪري ڪري موٽندا ته انهن کي پاڻي ۽ کاڌو به کٽ تي گهرجي. گهر جي ڪم ڪار سان انهن جو ڪو به واسطو نه هوندو آهي. عورت ويچاري نوڪري ڪري پوءِ سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪري. مٿان ٻارن جي پڙهائي ڏي توجهه ڏيڻ به ان جي حصي ۾ اچي پوندو آهي. ڇو ته عورت به پڙهيل لکيل آهي ان ڪري مرد جي اها جوابداري به ڇُٽي . . . ٻار به وڌيڪ ويجهو ماءُ جي هوندا آهن. ان ڪري هو پيءَ کي گهٽ وچڙندا آهن. اسڪولن ۾ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن داخلائون ٿينديون آهن يا امتحانن جي رزلٽ آئوٽ ٿيندي آهي يا وري استادن ۽ مائٽن جي پڙهائي جي باري ۾ گڏجاڻيون هونديون آهن ته ات به عورتن جو تعداد مردن جي مقابلي ۾ گهڻو هوندو آهي . . .
شهري پڙهيل لکيل عورت نوڪري ڪري ٿي ته ٻهراڙيءَ جي اٻوجهه عورت به ڪا گهٽ ڪونهي. ان اٻوجهه عورت جو ته ڪو حال همدرد به ڪونهي. ٻهراڙي جي عورت جسماني پورهيو گهڻو ڪندي آهي. بٽئي کان وٺي ڦٽين جي چونڊي تائين هوءَ ڪم ڪري ٿي. گهر جو ڪم ۽ ان سان گڏ رليون ٺاهڻ، ملهه تي ڀرت ڀرڻ ۽ راتين جو دير تائين ويهي اکين جو نور نچوئڻ. ان جي باوجود به ان کي سڪون ڪونهي، پيار محبت تحفظ جيڪو کيس ملڻ گهرجي نه ٿو ملي.
ٻهراڙي جي عورت جي مسئلن تي ته الڳ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. هن وقت نوڪري ڪرڻ واري عورت، جيڪا ٻٽيون ڀوڳنائون ڀوڳي رهي آهي، ان جي مسئلي تي لکڻو آهي. گهر جيڪڏهن پر سڪون آهي، هڪ ٻئي جي لاءِ احساس ۽ ذميوارين جو قدر آهي ته پوءِ ڪو به مسئلو، مسئلو نه رهندو آهي هن ڪيو ته ڇا، مون ڪيو ته ڇا. . . ها پر ڪن گهرن ۾ جڏهن رينگٽ لڳو پيو هوندو آهي. ذميوارين جو ٻوجهه عورت تي گهڻو هوندو آهي، ذميوارين جي پورائي جي باوجود به قدر نه ٿيندو آهي ته اها عورت ذهني انتشار ۽ بي سڪوني جي ڪري مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويندي آهي. مان سمجهان ٿي ته پيار محبت سان ماڻهو جبل به کنيو ڇڏي ۽ رينگٽ وارو هڪ ڪکُ به چُڀندو آهي، تڪليف ڏيندو آهي. . .
اهڙي ئي هڪ عورت جيڪا گهريلو مسئلن ۽ معاشي مصيبتن جو شڪار آهي، ان کان هڪ دفعو پڇيو هيم ته تون ڇا ٿي چاهين؟ تون ڇا سوچيندي آهين؟ ڪا اهڙي خواهش ٻڌاءِ جيڪا پوري ٿيڻ تي توکي سڪون ۽ راحت ملي؟ ان ڏاڍو نراسائيءَ سان چيو: مان اها سڪون واري ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿي، جنهن ننڊ ۾ منهنجي ذهن ۾ سوچون نه هجن، ڪو بار نه هجي! بس اکيون بند ڪيان ته ننڊ اچي وڃي، اهڙي پر سڪون ننڊ جنهن ۾ نه ته ڪي سوچون هجن ۽ نه وري ڊپ ڏيارڻ وارا خواب هجن . . .
چوڻ لاءِ ته هي سڀ ننڍڙيون ڳالهيون آهن. ها پر انهن کان ته وڃي پڇو جيڪي ڀوڳين پيا ته هي سڀ ڇا آهي؟ سڪون، پيار ۽ محبت حاصل ڪرڻ ۽ ڏيڻ اهو ئي انسانيت جو بلند ترين درجو آهي. مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته پيار محبت سان ئي، هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ سان ئي، اسان جا گهريلو مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
آچر 5 مئي 1991ع