تنقيد کان مٿاهون ڪير به نه آهي
تعميري تنقيد، تعميري بحث ڪرڻ تمام سٺو آهي، ان سان ذهن کلي ٿو ته ڄاڻ به وڌي ٿي..... اڄ ڪلهه مزو ته ان ڳالهه ۾ آهي ته تنقيد ۽ ان جي جواب ۾ ڪيل تنقيد کلي طور ڪئي وڃي. اڄ ڪلهه ماحول به ڪجهه اهڙو آهي. ڪنهن جو ڪيل عمل يا وري ڪنهن جي سوچ لڪي ڪا نه ٿي سگهي، جيڪا ڳالهه وڻي يا وري جيڪا ڳالهه نه وڻي ان اظهار کي کليل نموني ۾ هئڻ گهرجي. ها فرق صرف اهو آهي ته جذباتيت مان نڪري تعميري سوچ رکي، ان تي لکيو ۽ سوچيو وڃي ته بهتر آهي.
اڄ ڪلهه اسان وٽ سهپ جو مادو گهٽ ۽ جذباتيت جو مادو گهڻو آهي. مان سمجهان ٿي ته هڪ سٺي لکندڙ کي پنهنجي اها راءِ اها سوچ، سوچي سمجهي توري تڪي ڏيڻ گهرجي. صرف ڳالهه ڪري يا چار لفظ لکي، ممڻ نه ٻارڻ گهرجي ۽ اهي جن لاءِ اها ڳالهه لکي ويئي آهي. ان کي به پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهڻ گهرجي. جيڪي وڏا ادارا هوندا آهن ۽ خاص ڪري اهڙا ادارا جن سان جذباتي وابستگي هوندي آهي ماڻهن جي ان تي ڪيل تنقيد کي ذاتي تنقيد سمجهي، پنهنجي انا جومسئلو نه ٺاهڻ گهرجي.
ادبي لڏي جون ته پنهنجيون حدبنديون ۽ مجبوريون آهن. پر خاص ڪري پڙهندڙ اهڙين حالتن مان مايوس ٿئي ٿو. اسان جي پڙهندڙن وٽ شعور تمام گهڻو آهي. اهي ايترو ڪجهه ڄاڻن ٿا، سمجهن ٿا، جيڪو شايد هڪ ڍڳ ڪتاب پڙهي لکندڙ به شايد نه ٿو ڄاڻي سگهي. اڄ وڃو ٻهراڙي ۾ جهنگلن ۾ اڻ پڙهيلن مزورن هارين وٽ، وڃو ڪلارڪن ۽ ماسترن وٽ اُهي توهان سان ادب ۽ سياست جي حوالي سان ايترو ته وزن دار ڳالهائيندا، بحث ڪندا جو توهان منجهي پوندو ته انهن وٽ ايترو شعور ڪٿان آيو يقين ڄاڻو اسان وٽ شعور ڄاڻ ۽ جذبو گهڻو آهي. پر واٽن جي خبر نه آهي. هڪ دڳ تي وٺي وڃڻ وارو رهبر اڃا نه مليو آهي. سياسي ليڊرن جي عمل ۽ ڪردار ته هونئين مايوسيون ڦهلايون آهن. رهيو اديب لڏو ۽ شعور وارو لڏو اهو به جڏهن پاڻ ۾ بي مقصد بحث مباحثي کي وٺي ويهندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
يقين ڄاڻو ان ڳالهه ڪرڻ جي گنجائش ئي نه آهي ته تنقيد نه ڪجي يا بحث نه ڪجي. اسان ۽ اسان جي قوم ان پلصراط تي اچي بيٺي آهي جت هاڻ درگذر ڪرڻ جي گنجائش ئي نه آهي. اسان گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي ۽ درگذر ڪري سياسي ليڊرن، اديبن ۽ اسان جي ادارن جون ڪيل وڏيون وڏيون ڪوتاهيون ۽ غلط عمل صرف ان ڪري درگذر ڪيا ويا ته اهي سنڌي آهن ۽ سنڌين جا ادارا آهن. هاڻ ان عمل ۾ تبديلي اچڻ گهرجي ۽ ڪنهن حد تائين آئي به آهي. پر معمولي ڳالهين تي پاڻ ۾ اٽڪڻ اسان کي نه ٿو سونهي....؟ ڏٺو اهو ويو آهي ته اهڙيون وڏيون ڳالهيون، اهڙا وڏا فيصلا ۽ مسئلا جن جي خلاف اسان کي جنگ جوٽڻ گهرجي. ات اسان مصلحت پسند ٿي وات بند ڪري ويهندا آهيون. اهڙيون ڳالهيون ۽ اهڙا مسئلا جيڪي معمولي ۽ کل مسخري وارا هوندا آهن. انهن کي پنهنجي ذات پنهنجي انا جو مسئلو ناهي، ور کنجي ڪاهي پوندا آهيون........
اسان جي ڌرتي جون حالتون وقت پوڻ سان اڃان وڌيڪ خراب پيون ٿين. هيڏي وڏي دهشتگردي، هيڏي وڏي قتل عام ۽ حالتن جي بگڙجڻ جو اسان کي وڌيڪ احساس هئڻ گهرجي. اهڙين حالتن خلاف اسان کي جنگ جوٽڻ گهرجي. اهڙين حالتن خلاف ٻڌي ڪري پاڻ ۾ اتحاد رکجي، اهميت واري ڳالهه اها آهي ته ڌرتي اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي ۽ اسان جي ٻولي کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اسان کي وڙهڻ کپي، پنهنجي وجود لاءِ پنهنجن حقن لاءِ پنهنجن ۽ پراون خلاف هڪ محاظ قائم ڪجي، جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن... اڄ ڪلهه اليڪشن جو چوٻول آهي کلي طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري، هنن سياستدانن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ گهرجن. ووٽ ڏيندڙ کي به اهو احساس ڏيارجي ته انهن جي ووٽ سان اسيمبلي ۾ ويندڙ ميمبر انهن جا قرضدار آهن. قلم وڏي طاقت آهي. هي اسان جا ادارا جيڪي اسان جي تهذيب ۽ ٻولي جي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن. ات ٿيندڙ ڪوتاهيون ۽ ڏاڍيون لڪائڻ نه گهرجن. ڪير به شخص تنقيد کان بالاتر ڪونهي. پر تنقيد تعميري هجي، اگر ڪو گنهگار آهي، اهو پنهنجو آهي يا پرايو ان جي وٺ ضرور ڪرڻ گهرجي. باقي هروڀرو جي معمولي ڳالهين تي اسان کي پاڻ ۾ الجهڻ نه ٿو سونهين. خاص ڪري ادبي لڏي جي ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ سهپ جو مادو هجي، سواءِ ڪن وڏن مسئلن جي جن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ضروري آهي. ان تي زوردار نموني ۾ لکجي ۽ ڳالهائجي. ضرور لکجي ڳالهائجي، پر وڏي واڪ سڀ ڪجهه چئجي. ائين نه ڪرڻ گهرجي جيئن اڄ ڪلهه ادبي سنگت وارا وري پاڻ ۾ تون ۽ مان ڪن پيا مسئلو ڪجهه به نه آهي ۽ گوڙ گهڻو پيو مچي سچ ٻڌايو اهڙيون ڳالهيون اسان کي سونهن؟
آچر 26 سيپٽمبر 1993ع