ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

دل جون کليل ڳالهيون

منهنجي اها پراڻي عادت آهي ته مان جڏهن به ڪنهن ڄاتل سڃاتل چهري کي ڏسندي آهيان ۽ ان مان مون کي ڪا پنهنجائپ محسوس ٿئي ته بي اختيار ٿي ان کان وڃي پڇندي آهيان ته تون ڪير آهين؟ ڪٿان پڙهائي مڪمل ڪئي اٿئي نالو ڇا اٿئي وغيره وغيره. گهڻو ڪري ته مان هڪ نظر ۾ ئي سڃاڻي وٺندي آهيان. نه سڃاڻي سگهندي آهيان ته محبت سان پڇي وٺندي آهيان. ان عادت جي ڪري مون کي هميشه نراسائي ملي آهي. اڪثر ائين ٿيو آهي ته مان هر چهري کي سڃاڻي وٺندي آهيان. پر هو سڀ مون کي سڃاڻي نه سگهندا آهن ۽ مون کي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائڻو پوندو آهي. ان ويل مون کي ڏک به ٿيندو آهي ته پاڻ تي ڪاوڙ به ايندي اٿم. ڀلا مان اهڙي ڇو آهيان. مان ته گهڻو ڪري هر هڪ کي سڃاڻي وٺندي آهيان ۽ مون کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻي پوندي آهي. اهڙي قسم جون ويڌنون مون سان گهڻا دفعه ٿي چڪيون آهن. ياد اٿم اهو ڏينهن منهنجي امان پِتي جي آپريشن لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿي هئي. ات خبر پئي ته هت آپريشن ڪرڻ ۾ بيهوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر جو نالو ڊاڪٽر سليمان شيخ آهي. منهنجي امان ٿوري نه پر گهڻي ڊڄڻي آهي. دل جي به ننڍڙي آهي. هڪدم پريشان ٿي ويندي آهي. مان کيس گهڻي آٿت ڏني ۽ چيم ته سڀ ڊاڪٽر پنهنجا آهن. وڏي ڳالهه ته اها آهي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ به هتي آهي. هاڻ ته ڪا پريشاني جي ڳالهه ئي نه آهي. جنهن ڏينهن امان اسپتال ۾ داخل ٿي (اڄ کان چار پنج سال اڳ جي ڳالهه آهي) ان ڏينهن شام جو مان ڊاڪٽر سليمان شيخ کي ڏٺو. مان تڪڙي تڪڙي ان ڏانهن ويس ۽ کيس سلام ڪيم. ان مون کي سلام جو جواب ڏنو هڪ اجنبي وانگر . . . . مان ٻيهر سلام ڪيو ۽ کيس ٻڌايم ته مان سلطانه آهيان. وري به ڊاڪٽر سليمان جي چهري تي اها ئي اجنبيت ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو اخلاق سان ڳالهيو پر کيس اها ڳالهه ياد نه پئي آئي ته مان ڪير آهيان. مان سمجهي ويس ته ڊاڪٽر صاحب مون کي سڃاڻي نه سگهيو آهي. ڏاڍو ڏک ٿيم ۽ خاموشي سان هلي آيس. امان کي جو خبر پئي ان ڳالهه جي ته چوڻ لڳي. پاڻ کي ته الائجي ڇا سمجهندي آهين ۽ هت توکي ڪير سڃاڻي به نه ٿو. وڏيون ڳالهيون پئي ڪيئي ته هت سڀ پنهنجا آهن . . . . ان کان علاوه به امان گهڻو ڪجهه چيو ۽ مان خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه پئي ٻڌو. ڀلا مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس. مان ته ڪا ايڏي وڏي اديب يا شاعره نه آهيان پر ڄاڻ سڃاڻ به ته ڪا اهميت رکندي آهي. هاڻ مان ڇا ٿي ڪري سگهان ته ڄاتل سڃاتل ماڻهو جن سان ويهي ڪچهريون ڪيون هجن ۽ اهي ئي مون کي نه سڃاڻين اهڙي ويڌن جڏهن گذريل سال مون سان ٿي ان کي ته مان وساري ئي نه ٿي سگهان. گذريل سال جڏهن ثقافت کاتي طرفان چئن ڏينهن جو ميلو منعقد ٿيو هو. ان ۾ هڪ سيمينار ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ فنڪشن ۾ ڊاڪٽر سليمان مون سان اچي مليو مان کيس شڪايت ڪئي ته اوهان ته مون کي سڃاڻيندا ئي ڪو نه آهيو ته ان چيو ته هن مهل توهان سلطانه لڳو پيا، ان وقت ائين لڳو ته هي الائجي ڪهڙي سلطانه آهي. گهڻي تعداد ۾ ات اديب ۽ دانشور جمع هئا. ان ويل ڏٺم ته امر جليل سراج ميمڻ ۽ ٻيا اندر هال ۾ داخل ٿي رهيا هئا. سالن کان پوءِ ڏٺو هيم امر جليل کي هو سڀ به پهرين واري قطار ۾ اچي ويٺا ان قطار جي ڪنڊ واري ڪرسي تي مان به ويٺي هيس. مان اٿي سڀني کي سلام ڪيو. امر جليل به مون کي سلام جو جواب ڏنو. پر هڪ تبديلي محسوس ڪيم. هونئن ته امر جليل جڏهن به ملندو آهي ڏاڍي سڪ سان ملندو آهي. منهنجن ٻارن جو حال احوال به پڇندو آهي. اڄ خاموشي سان اکيون هيٺ ڪري ڏاڍي ادب سان مون سان مليو. مان به خاموشي سان وڃي ويهي رهيس پر اندر ۾ اها بيچيني لڳي پئي هيم ته آخر امر جليل ائين ڇو ڪيو. جڏهن منهنجو نالو ورتو ويو ۽ مان ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ مٿي آيس ته هڪ ڳالهه مان محسوس ڪئي ته امر جليل مون کي غور سان ڏسي رهيو آهي ۽ سندس چهري تي حيراني ۽ پريشاني ڇانيل آهي. جڏهن ماني جو وقفو ٿيو ته امر جليل تڪڙو تڪڙو مون ڏي آيو ۽ حيراني وچان چيائين ته تون سلطانه وقاصي آهين. مون تو کي بلڪل ڪو نه سڃاتو مان سمجهيو ته تون درشهوار سيد آهين . . . . مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس چيم تڏهن توهان ائين احترام ۽ ادب سان مون سان ملو پيا. امر جليل جواب ۾ چيو ته دراصل مان درشهوار سان ڪڏهن به نه مليو آهيان ۽ توهان کي جو درشهوار سمجهيم سو پهريون دفعو ملڻ جي ڪري مان به ٿورو محتاط رهيس. جڏهن امر جليل اهو چيو ته مان درشهوار کي ڪڏهن ڏٺو ئي نه آهي ته مان حيران ٿي چيومانس ته توهان جڏهن ان کي ڏٺو ئي نه آهي ته مون کي درشهوار ڪيئن سمجھيو، ڇو ته مان توهان لاءِ اجنبي نه هيس. توهان ته سالن کان مون کي ڏسو پيا. امر جليل جهڙو پيارو ۽ معصوم انسان صفا منجھي پيو. ان کي خود اها ڳالهه سمجھه ئي نه پئي آئي ته آخر اُن مون کي ڇو نه سڃاتو ۽ جيڪڏهن نه به سڃاتائين ته اهو ڪيئن سمجھيائين ته مان درشهوار آهيان. مونکي امر جليل جي ان غلطيءَ تي حيراني به ٿي ته ڏک به ٿيو. مان جيڪا طبيعت جي نرالي ۽ ارڏي آهيان، اها ڳالهه مون ۾ شدت سان موجود آهي ته مون کي هن ڌرتيءَ جي انسانن، جانورن، جيتن جڻين، گلن ٻوٽن سڀني سان بي انتها محبت آهي. ان محبت جي حوالي سان مان انهن تي به حق رکندي آهيان. ان حقن جي حوالي مان سڀني سنڌ واسين کي پنهنجو سمجھندي آهيان. اديب ۽ دانشور ته منهنجي سٿ جا ساٿي آهن. ان سٿ جي آخري ڪنڊ ۾ مان جيتامڙي به بيٺل آهيان. ڪنڊ ۾ بيٺل جيتامڙي جي حيثيت ئي آهي منهنجي، پر حق سڀني تي رکندي آهيان. هن ڌرتي واسين جا ڏک منهنجا پنهنجا ڏک آهن ۽ خوشيون منهنجون خوشيون آهن. اسان جهڙا ننڍڙا اديب هميشهه پنهنجي وڏن اڳيان ويندڙ ليکڪن جي تلقيد ڪندا آهن. آئيڊل ازم جي ته مان قائل نه آهيان پر رهبري ۽ اديب پنهنجي لکڻين جي حوالي سان ضرور لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي متاثر ڪن ٿا. امر جليل به اهڙن ئي لکندڙن مان آهي جنهن کي پڙهي اسان کي لکڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. ياد اٿم ته مان اڃان اسڪول ۾ پڙهندي هيس ته روح رهاڻ رسالي ۾ امر جليل جي ڪهاڻي “ هن لاشا راتين جا رولاڪ” پڙهيم. ڪهاڻي مون کي ڏاڍي وڻي سو وڃي پنهنجي ڀاءُ کي چيم ته ادا هيءَ ڪهاڻي ڏاڍي سٺي آهي تون به پڙهه. اها ڪهاڻي پڙهي منهنجي ڀاءُ مون کي ته ڪجهه به ڪو نه چيو پر امان کي چيائين اڪرم کي اڃان عقل نه آيو آهي. امان مون کان ڪهاڻيءَ بابت پڇيو ته ان ڪهاڻيءَ ۾ ڇا آهي؟ مان ڪهاڻيءَ جي تفصيل ٻڌائي ته امان چوڻ لڳي اها ڪهاڻي وڃي پنهنجي ڀاءُ کي پڙهڻ لاءِ ڏني اٿي؟ ڪجهه خيال ڪندي ڪر. مون کي ان وقت اها ڳالهه سمجھه ۾ ڪو نه آئي ته آخر ان ڪهاڻيءَ ۾ ڇا هيو؟ هون ءَ به منهنجو ڀاءُ ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو پر اعتراض ان ڳالهه تي هو ته ڇو ته مان کيس اهو چيو هو ته اها ڪهاڻي پڙهه . دراصل ڳالهه اها آهي ته امر جليل جي اها خوبي آهي ته هو زماني جي تلخين کي، حقيقتن کي بلڪل کولي بيان ڪري ٿو ۽ وري لکڻ جو ڏانءُ ته اهڙو اٿس جو سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ خراب ۾ خراب حقيقت به خراب نه ٿي لڳي. ڪنهن کي خبر آهي اسان جي معاشري جي اها بدقسمتي آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ جبر به ڪيو سڀ ڪجهه اکين به ڏسو پر اهو ڪجهه لکو نه...... ڪرڻ وارو ته ڇٽي ويو ۽ لکڻ وارو ڦاسي پيو اهو آهي اسان جي معاشري جو فلسفو.... هڪ باشعور لکندڙ هن معاشري ۾ رهي پنهنجي وجود ۾ زهر ڀريل محسوس ڪري ٿو ۽ لکڻين جي حوالي سان اهو پاڻ مان اهو زهر ٻاهر ڪڍي ٿو. امر جليل ايترو ڪجهه لکڻ کان پوءِ به لڳي ٿو اڃان به ڀريو پيو آهي. وجود ۾ ڀريل تلخي ۽ زهر اڃان گهٽيو ڪو نه اٿس. کلندڙ، مرڪندڙ معصوم امر جليل جي هر لکڻي منهنجي وجود ۾ به زهر وانگر ڄڻ ته اوتجي ويندي آهي ۽ منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ئي ڪانهي جو امر جليل وانگر اهو زهر ٻاهر ڪڍي سگهان.
ها سائين ته مان الائي ڪاڏي وڃي پهتيس. ڳالهه ته اها هئي ته امر جليل مون کي سڃاڻي نه سگهيو، پر اها ڳالهه اڃان اتي ختم نه ٿي آهي، اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي سنگت وارن شيخ اياز جي الگرهه ملهائي. شاباس اٿن جو ايڏو بهترين پروگرام ڪيائون. اتي مون کي فهميده رياض نظر آئي. مان پنهنجي پراڻي عادت وانگر ڏاڍي سڪ ۽ اُڪير سان وڃي ان سان مليس ۽ هوءَ به مون سان اجنبين وانگر ملي ۽ منهنجو نالو پڇيائين. فهميده رياض سان اسان جي خانداني دوستي آهي. مان ننڍپڻ کان کيس سڃاڻان ۽ ان کان پوءِ پاڻ ۾ ملندا رهندا آهيون. هاڻ تقريبن ٻن سالن جي وقفي کان پوءِ پاڻ ۾ مليا هئاسين. جڏهن مون پنهنجو تعارف ڪرايو ته فهميده رياض حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي ته ڇا تون بيمار ٿي رهين؟ تو ۾ ته ايتري تبديلي اچي ويئي آهي جو سڃاڻڻ کان به مٿي ٿي ويئي آهين. پوءِ ان هڪ وڏو ليڪچر مون کي سمجھاڻين جو ڏنو. . . . . . . . . . . . .
مان اهو سوچيان ٿي ته وقت سان هر انسان ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، پر ايتري به نه ايندي آهي جو ڪنهن کي سڃاڻي نه سگهجي. مون کي ته لڳي ٿو ته اسان جهڙا ماڻهو ٻه چار سال گم ٿي وڃن، نظر نه اچن پوءِ شايد اهو وقت ايندو جو سڀني سان پاڻ جو تعارف ڪرائڻو پوندو. ڇو ته هيءَ دنيا وسارڻ ۾ ماهر آهي ۽ ياد رکڻ ۾ ڪمزور . . . . .

آچر 7 جون 1992ع