ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سنڌ ۾ بي قدرن جي بادشاهي

ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو چئني طرف هلچل گوڙ گهمسان ۽ تحرڪ هوندو آهي پر پنهنجي وجود ۾ پنهنجي اندر ۾ ايتري ته خاموشي هوندي آهي، ايڏو ته جمود طاري ٿي ويندو آهي جو هيڏا گوڙ گمسان به هڪ قسم جو ناٽڪ ۽ ڪوڙ جو ٽڪساٽ ڏيکاءُ ڏيندا آهن. اُن ويل وجود ۾ ماٺائي اچي ويندي آهي. اُن ماٺائي جو سبب به صرف اهو هوندو آهي ته هن ڪوڙي ٽڪساٽ ۾ سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪيئن ڪجي؟ ڪيئن هن ڪوڙ جي ٽڪساٽ جي ڪردارن جي منهن تي چڙهيل هي ڪوڙا هيبتناڪ ماسڪ لاهي هن جڳ کي انهن جي اصل شڪل ڏيکارجي جيڪا اُنهن جي چهرن تي چاڙهيل ماسڪن کان به وڌيڪ مڪروهه ۽ ڀيانڪ آهي.
فراريت وجود ۾ تڏهن جنم وٺندي آهي جڏهن چئني طرفن کان مايوسي ۽ نراسائي ملندي آهي. اڄ ڪلهه منهنجي دل به چاهيندي آهي ته اکيون ٻوٽي ڇڏجن. ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏجي. جيئن جيڪو ٿئي پيو اُن کي اُن حالت ۾ ڇڏي ڏجي. پر وري به اها منافقت نه ٿي ٿئي. اندر ۾ هڪ آواز اڀرندو آهي ۽ اها سوچ ڏيندو آهي ته ڏسو ۽ پرکيو انهن حالتن کي اها به تاريخ جي ورقن تي لکيل يا آئينده لکڻ واري تاريخ جي ورقن ۾ لکي وڃو سڀني کي ٻڌائي وڃو ته اسان سنڌ جي اُن تاريڪ، خوني، بي حسي ۽ بي ضميري جي دور جا شاهد آهيون. اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو ۽ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. اسان گنهگار آهيون ان دور جا جو مصلحتن تحت پنهنجي بچاءُ خاطر اسان خاموش ٿي وياسين. جت اسان جي خون جي ضرورت هئي ات اسان پاڻي به وهائي نه سگهياسين. اُن خوني دور جي خوني جنگ جي ميدان ۾ اسان مقابلو ته نه ڪيو پر مزاحمت به نه ڪئي. پنهنجن ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ڪي تدبيرون به نه ڪيون. ٽڪي ٽڪي، پئسي پئسي تي وڪاميل هن قوم جي مهندارن کي ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. اُنهن پنهنجي ضمير کي ڌرتي واسين کي ڏوڪڙن تي وڪڻي ڪاپاري ڌڪ هنيو. انهن مهان دانشور، داناءُ ۽ ڏاهن کي به ڪجهه نه ڪري سگهياسين. جن پنهنجي ڌرتي واسين کي صحيح واٽ به نه ڏيکاري. وڏن وڏن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ تقريرون ڪري ۽ پنهنجي قلم جي ذريعي سطحي ڳالهيون ڪري ماضيءَ جي عظمتن جا قصا ٻڌائي، سنڌ جي ماڻهن کي امن پسند ۽ محبت ڪندڙ چوائي، حال جي نزاڪتن کان ناواقف ڪيو ۽ مستقبل جي اونداهين کان لاپرواهه ڪيو. ڌرتي واسين جي وجود ۾ اٿندڙ جذبن ۽ جنون کي ٿڦڪي ڏيئي سمهاري ڇڏيو. اها به ته چريائپ آهي ته اسان ويهي ائين چئون ته اسان جي اها تاريخ آهي ته اسان مهمان نواز آهيون. ان ڪري مهمان کڻي اسان کي ماري به وجهن ته اسان کي ان تي اُف به ناهي ڪرڻو. سنڌي ڪڏهن وڙهيا به نه آهن (حالانڪ سنڌ جون حالتون هميشه ابتر رهيون آهن ۽ سنڌي پنهنجي بقا لاءِ هميشه وڙهندا رهيا آهن)
مان دعويٰ سان ٿي چوان ته سنڌ جي تاريخ اها نه آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ دل ۾ جايون ڏنيون انهن کي جن ان جو قدر ڪيو. آخر هيءَ ڌرتي ڪيستائين اسان جو تحفظ ڪندي. جڏهن ته اسان پنهنجي هٿ سان ان جو قدر ۽ اهميت وڃايون پيا. ڊڄڻ کپي اسان سڀني کي ته ڪن ڌرتي واسين جي غلط اعمالن جي ڪري هيءَ ڌرتي اسان کي ڌڪي ٻاهر نه ڪڍي ڇڏي. اُن وقت وجود ۾ نفرت ڪرڀ ڀرجي ويندي آهي جڏهن فائيواسٽار هوٽلن جي ايئرڪنڊيشن ماحول ۾ سوالن جا جواب ڏيندي، اسان جا ڏاها جيڪي ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي رستا ۽ واٽون ڏسيندا آهن. هن ڏتڙيل ۽ بي حال قوم کي خوابن جي دنيا جو سير ڪرائيندا آهن. ان وقت اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن جي دل ۽ دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويندا آهن. وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ته وڏن دانائن کي اچن. اسان جهڙا ننڍا اديب ڪري به ڇا ٿا سگهن. اديب ته محبت ۽ امن جو پيامبر هوندو آهي پوءِ اها منافقت اديب کي نه ڪرڻ کپي ته هو سچ کي سچ نه چوي ۽ ڪوڙ جا ٽڪساٽ نه ٽوڙي سگهي. اهڙيون حالتون ڏسي ڪري ڪو اديب مون وانگر سڌي سنئين ڳالهه ته چون ته اديب امن جو پيامبر آهي هو ماڻهو جي نفرت جو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي ته اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي، هو پڙهندڙ کي اهو پيغام ڏيئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ يا جنگ جوٽڻ ۾ ڪا به خرابي نه آهي. اڳرائي نه ڪجي پرجي ڪو حملا آور ٿئي ٿو ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همت هئڻ کپي. تاريخن جا وڏا فيصلا ۽ بقا جون جنگيون بندوقن جي نوڪن تي ئي ٿيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زهر کي زهر سان ئي ختم ڪبو آهي. قومن جي بقا ۽ امن لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن اُهي فيصلا ڪير ڪندو؟ هن ڏتڙيل ماڻهن جي مٿان ڪير هٿ رکندو......؟ ڇا اهڙن رهبرن ۽ قوم جي ليڊرن پٺيان هلڻو پوندو جن سوچون ته ڏنيون. وڏا وڏا نعرا ته هنيا. پر صحيح واٽ نه ڏيکاري. اُن سنڌ جي نعري پٺيان نوجوانن کي باغي ۽ بي راهه روي جو شڪار ڪيو. نوجوان کي هٿيار ڏيئي پڙهائيءَ کان پري ڪيو. پنهنجي ذاتي مقصدن جي لاءِ هن قوم جي نوجوانن استعمال ڪيو. ڌاڙا هڻايا ويا. چوريون ڪرايون ويون. انسانن جي اغوا ۽ ڀنگ جو ڪاروبار ڪرايو ويو. ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته جڏهن ڪو ماڻهو اغوا ٿيندو آهي ته ان جا وارث ڪيترن اعليٰ مرتبه قوم جي رفيقن هڏڏوکي ۽ همدردن جي اوطاقن ۽ حويلين ۾ مدد لاءِ ويندا آهن. انهن ئي قوم جي مهندارن ۽ رهبر جي تعاون سان ڀنگ ڀري، يا نه ڀري پنهنجو اغوا ٿيل ماڻهو هٿ ڪبو آهي. هڪ محفل ۾ هڪ سمجهدار ماڻهو هيءَ ڳالهه ٻڌائي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. ان ٻڌايو ته ڪنن سان ٻڌڻ ۽ پوءِ اکين سان ڏسڻ سان وڏو فرق ٿو پوي. ان ٻڌايو ته هو هڪ اهڙي قوم جي رهبر جي گهر ويو جنهن جو وڏو نالو آهي.ان لاءِ اهو مشهور آهي ته اُن جو پٽ ان علائقي جو وڏو پاٿاريدار آهي. اُن ات پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اُن جي وڏي گهر ۾ گهڙڻ کان پوءِ ان جيڪي عجيب قسم جا ماڻهو ڏٺا جيڪي ٽيبل جي چوطرف بيٺا هئا ۽ حساب ڪتاب پئي ڪيائون ۽ ٽيبل ڳاڙهن ساون نوٽن سان ڀري پيئي هئي. اُن ٻڌائڻ واري ٻڌايو ته ٻڌو ته گهڻو هيم پر جڏهن اکين سان ڏٺم ته رهي ڪونه سگهيس. اُن قوم جي رهبر مهان انسان کي وڃي شڪايت ڪيم ته سائين معنيٰ ته ماڻهو سچ ٿا چون!!! اهو سڀ ڪجهه نه ٿيڻ گهرجي، اُن مهان شخص ڏند ڪرٽيندي ڪاوڙ مان جواب ڏنو “ڇو منهنجو پٽ سپ ته ڪونهي جو مٽي کائيندو آخر ان کي به چڱي گذران لاءِ پئسا گهرجن.........!!!
منهنجون سوچون منهنجو وجود فراريت جي راهه تڏهن ڳولهيندو آهي جڏهن چوطرف ڪوڙ جو ٽڪساٽ ۽ بي راهه روي جو وايو منڊل مڊنجي ويندو آهي. دل چاهيندي آهي ته اهڙي ماڻهن کي سرعام بڇڙو ڪجي يا وري پنهنجي عزت بچائي اکيون ٻوٽي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏجي. ڪجهه به نه ٿيندو ڪجهه به نه ٿيندو. اوستائين ڪجهه به نه ٿيندو، جيستائين اسان جا ڏاها وقت جي نزاڪت نه سمجهندا. پنهنجي قوم جي صحيح تربيت نه ڪندا....۽ ها جيستائين اسان هن قوم جي ڪوڙن رهبرن ليڊرن کان جان نه ڇڏائي سگهنداسين. ڪاش اهو ڏينهن به اچي جو قلم ۾ اها سگهه اچي جو هنن ڪوڙ جي ٽڪساٽ جي ڪردارن جي منهن تي چڙهيل هي ڪوڙا هيبت ناڪ ماسڪ لاهي هن قوم جي ماڻهن کي اُنهن جي اصل شڪل ڏيکارجي جيڪا انهن جي چهرن تي چاڙهيل ماسڪن کان به وڌيڪ مڪروه ۽ ڀيانڪ آهي.

آچر 4 آڪٽوبر 1992ع