سنڌين مٿان ٿيل ظلم جي تاريخ ۽ سنڌين جو ڪردار
پٺ ورائي ڏسجي، تاريخون پڙهجن ته اسان جو ڪر آسمان تي کڄي ٿو وڃي. فخر سان سنڌ جي عظمت جون ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائيندا آهيون. سنڌ جي تاريخن کي پڙهندي هڪ ڳالهه جو مون کي مشاهدو ٿيو آهي ته “سنڌ هميشه رهندي، سنڌي هميشه قائم رهندا” اهو منهنجو يقين آهي اهو منهنجو ايمان آهي . سنڌ تي سدائين ڌارين جي يلغار ٿي سڪندر اعظم سنڌوءَ جي دهشت سهي نه سگهيو موٽي ويو. مدد خان پٺاڻ سڄو ٺٽو ساڙائي ڇڏيو. ارغون ۽ ترخان آيا ظلم جي انتها ڪري هليا ويا.
شاهه لطيف به جنهن دور ۾ رهيو، اهو دور به ڏاڍو ظلم وارو دور هو. شاهه جي شاعري شاهد آ ان دور جي، جنهن ۾ ان ڏاڍن، ڏونگرن، مُلن، مسيتن، مظلوم ۽ ظالم جو وڏي واڪ نالو ورتو. شاه عنايت جي شهادت وارو زمانو ڏسو. سچل سرمست جڏهن انا الحق جو نعرو ٿو هڻي، حق جي دعويٰ ٿو ڪري، بغاوت جو علم بلند ٿو ڪري . هوشو شيدي مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻي جان قربان ٿو ڪري. حضرت بلاول، هيمون ڪالاڻي، پير صبغت الله شاه کان وٺي حيدر بخش جتوئي تائين سنڌ جا هي جوڌا، ڌرتيءَ جي بقا لاءِ وڙهندا رهيا ۽ سنڌ کي قائم رکندا آيا. سنڌ جي تاريخ ۾ گهڻائي نالا آهن. جن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. مان مختصر طور هنن بزرگن جو نالو ورتو آهي جن کي عام ۽ خاص ماڻهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا. انهن سڀني جي زماني ۾ به سنڌ هئي، ڌارين جي يلغار ۽ ظالمن جا ظلم هئا. اڄ به سنڌ تي ڌارين جي يلغار آهي ۽ ظالمن جا ظلم آهن. مٿيان سڀئي بزرگ پنهنجي طريقي سان جدوجهد ڪري سنڌ کي بچائيندا آيا. هي سڀ اسان جا وڏا اڄ آرامي آهن ۽ سنڌ جي واڳ آهي اڄ جي سنڌي جي هٿ ۾ . . . هاڻ اچو ته ڏسون اڄ جي سنڌيءَ کي.
اڄ اسان تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آهيون، جت اسان جا دشمن اسان کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا آهن ۽ اسان پاڻ به پنهنجا سڄڻ نه آهيون، اسان کي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها پيار آهي. انفرادي طور رڙيون پيا ڪندا آهيون. هڪ ٻئي کي ميارون پيا ڏيندا آهيون. پنهنجي قوم جي بدحاليءَ تي پريشان رهندا آهيون پر جڏهن اجتماعي طور اسان هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون، پاڻ ۽ پنهنجي راءِ کي پيا اهميت ڏينداسون. بزرگ چوندا اسان صحيح آهيون. نوجوان چوندا اسان صحيح آهيون. جڏهن ڪنهن محفل ۾ سنڌ جي بدحالي جو ذڪر ٿيندو ته ٻڌڻ وارا ۽ چوڻ وارا ٻئي سنڌين کي گهٽ وڌ پيا ڳالهائيندا. عيب جو ئي پيا ڪندا. ان وقت مان انهن کي چوندي آهيان ته بيشڪ سنڌي ڀٽڪيل ۽ خراب آهن پر انهن سان گڏ توهان به ڀٽڪيل ۽ خراب آهيون. . . مون کي اهو ته ٻڌايو ته توهان هن ڌرتيءَ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اگر ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو، ته گهٽ ۾ گهٽ انهن ماڻهن جون واٽون نه روڪيو، انهن لاءِ ڪنڊا نه وڇايو، جيڪي ڪجهه ڪن پيا. جدوجهد ۽ ڪوشش سان گڏ صلاح ۽ راءِ وڏي اهميت رکندي آهي. اسان جي قوم ۾ ان ڳالهه جي وڏي کوٽ آهي . . .
هڪ ٻي وڏي خرابي اسان سنڌين ۾ آهي ته اسان هڪ ٻئي کي سهندا نه آهيون. شل نه ڪنهن وٽ ڪو پئسو پنجڙ ڏسون يا وري ڪنهن جو چڱو گهر، پيا پڇائون ڪنداسين ته ان اهو ايترو ڪٿان هٿ ڪيو. پيا گهاٽ گهڙينداسين ته ڪهڙي طرح اهو سڀ ڪجهه ان کان کسي وٺجي. . . شل نه اخبار ۾ ڪو مضمون ڇپجي، اسان جا پنهنجائي سنڌي ان مضمون لکندڙ لاءِ فتوائون جاري ڪري ڪفر ۽ غداريءَ جا الزام هڻي سرڪار وٽ پيا دانهيندا... اسان جي معاشرتي نظام ۾ پئسي ۽ زمين جي وراثت ڏاڍي غلط آهي. ان لاءِ ڪي هڏ ڏوکي جدوجهد ڪن پيا. انهن جي جدوجهد جو طريقو صحيح نه هو يا انهن جي رهبري غلط هئي جو اسان جا سنڌي پنهنجي ئي زميندار، وڏيري ۽ پئسي واري ماڻهو پويان ور کنجي ڪاهي پيا. حال اهو ٿيو جو انهن زميندارن کان زمينون ۽ ملڪيتون ۽ پئسي وارن کان پئسا کسجي ويا. اها زمين ۽ اهي پئسا اسان سنڌين کي ڪو نه مليا، وڃان سڀ ڪجهه غير کڻي ويا . . . ون يونٽ جي تحريڪ دوران شاعرن ۽ اديبن جيڪا سجاڳيءَ جي تحريڪ هلائي انهن پنهنجي قلم جي زور تي انسان ته ڇا جانور، پکي، جيت جڻيا سڀ جاڳائي ڇڏيا. هر سنڌيءَ کي پنهنجي وجود جو احساس ٿيو. پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن حقن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هئا. افسوس جو ان جذبي جي رهبريءَ لاءِ ڪو رهبر نه مليو. اسان جي سنڌي اديب ۽ شاعر جي تيار ڪيل پوک کي ڪنهن به ڪو نه لڻيو نه ڪو لابارو وڌو، وچان اسان جي پڪل پوک کي مڪڙن کائي ڇڏيو ۽ هو پيٽ ڀري هڪ ٿي پيا . . .
اڄ اسان پنهنجي ملڪ ۾ اجنبي آهيون پنهنجي ڌرتيءَ تي مهمان آهيون. اسان جي ٻولي، اسان جون زمينون، اسان جون نوڪريون، اسان جي سنڌو درياهه جو پاڻي، اسان جو وجود سڀ ڪجهه خطري ۾ آهي . اڄ سنڌ جي نقشي ۾ ڏار پيا پون. ڌارين جي يلغار پئي ٿئي ۽ اسان ڇا پيا ڪيون؟ اچو ته گڏجي اڄ اعلان ڪيون ته اسان مهمان نواز نه آهيون. اچو ته گڏجي رڙيون ڪري، واڪا ڪري سڀني کي ٻڌايون ته سنڌ جي ڌرتي هاڻ ڌارين کي برداشت نه ڪندي اچو ته گڏجي هڪ ٿيون، هر هڪ سنڌي چاهي هو ڪهڙي به پارٽيءَ ۾ شامل هجي، سنڌ جي حقن لاءِ گڏجي هڪ ٿي جدوجهد ڪري. اچو ته گڏجي پنهنجي اولاد جي ڪنن ۾ سنڌ جا سور وجهون. انهن کي هاڻي کان ئي تيار ڪيون. اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسل کي سخت دل ۽ سخت جان ٿيڻو پوندو. هر قسم جي قربانيءَ لاءِ هر وقت تيار رهڻو پوندو . منهنجو يقين آهي، منهنجو ايمان آهي. سنڌ به رهندي ۽ سنڌي به رهندا. هاڻ اهو سڀ ڪجهه اسان سنڌين تي منحصر آهي ته اسان پنهنجي لاءِ سنڌ ۾ بهشت ٿا ٺاهيون يا دوزخ جي باهه ٿا ٻاريون . “ٽڪر ۽ هڏا ته ڪتا به چٻاڙيندا آهن. حڪومتون اينديون آهن ۽ وينديون آهن . وزارتون ملنديون آهن ۽ کسجي به وينديون آهن اسان سنڌ جي تاريخ ۾ ڇا ٿا لکڻ چاهيون؟ پنهنجي ايندڙن لاءِ ڪهڙي واٽ ٺاهڻ ٿا چاهيون؟ سنڌ جي نالي، هن ڌرتي واسين جي تحفظ لاءِ اسان کي هڪ رستو چونڊڻو پوندو اچو ته گڏجي هڪ رستي تي هلون ۽ ائين هلون جو ٻئي ڪنهن کي جاءِ نه ڏيون دنيا حيران ٿي وڃي. ڏندين آڱريون اچي وڃن. هر ڪو هڪ ٻئي کي حيرانيءَ وچان ٻڌائي “اڙي ڏسو ته سهي هي سڀ سنڌي گڏ ٿي ويا ۽ هڪ ٿي ويا.”
آچر 20 جنوري 1991ع