ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جا مسئلا

ادارا ٺاهڻ ۽ انهن کي هلائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. جيڪي ماڻهو جذبي جي تحت نيڪ نيتي سان ادارا ٺاهيندا آهن، انهن جو انهن ادارن سان جذباتي ۽ دلي لڳاءُ هوندو آهي. جڏهن به ادارا ٺهندا آهن تڏهن جيڪي ٺاهڻ وارا هوندا آهن، وجود وجهڻ وارا هوندا آهن، انهن مان ئي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين تنظيمي ڪارڪنن جي چونڊ ڪبي آهي.
اهڙن ڪارڪنن جي اليڪشن نه پر سيلڪشن هوندي آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن اهڙا ادارا مضبوط ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي ڪارڪردگي ڦهلجي ويندي آهي ته پوءِ اهڙن ادارن ۾ اليڪشنون ٿينديون آهن. اليڪشنون انهن ادارن جي آئين ۽ منشور مطابق ٿينديون آهن. مختلف ادارن ۽ تنظيمن جو منشور تقريباً هڪ جهڙو هوندو آهي. بنيادي قاعدا قانون هڪ جهڙا هوندا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪم ڪرڻ جو طريقو الڳ هوندو آهي. پر بنيادي نقطا جن ۾ اليڪشن ڪرائڻ، قانوني نقطن ۾ هڪ جهڙائي ضرور هوندي آهي.
ادارا ماڻهو ٺاهيندا آهن، ادارا ماڻهو هلائيندا آهن، ڪن حالتن ۾ اهي ماڻهو ئي ٺهيل ٺڪيل ادارن کي پنهنجي انا ۽ ذاتي پسند جي ڪري تباهه به ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ادارن جي مٿان شخصيتون حاوي ٿي وينديون آهن. تڏهن اهڙا ادارا اختلافن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ اهڙا ادارا ختم به ٿي ويندا آهن. هڪ ادنيٰ ڪارڪن کان وٺي ادارن جي سربراهن تائين هڪ گڏيل محنت ۽ ڪوشش هوندي آهي. جنهن جي ڪري ادارا مضبوط بيٺل هوندا آهن، جڏهن به ڪي شخصيتون ذاتي فيصلا ۽ پنهنجون سوچون ادارن جي مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، تڏهن ئي اختلاف اڀرندا آهن. اهو به سچ آهي ته تنظيمون ٺهنديون، وڌنديون، ويجهنديون آهن پئسي سان جڏهن به ڪو ادارو وجود ۾ ايندو آهي ته ات ميمبرشپ جي في ۽ ٻين مختلف طريقن سان اها ڪوشش ڪبي آهي ته ان تنظيم يا اداري جي بجيٽ وڌي، پئسو بنياد هوندو آهي ادارن جي ترقيءَ جو، جيڪي وڏا ادارا هوندا آهن. انهن جي بجيٽ به گهٽي هوندي آهي ۽ انهن جا وسيلا به وسيع هوندا آهن. جڏهن به اسان ڪنهن نالي واري اداري جو حوالو ڏينداسين ته ات به بنياد پئسو هوندو آهي. ادارا نه پئسي کان سواءِ هلي سگهن ٿا ۽ نه ڪم ڪري سگهن ٿا. ادارن جي سربراهن ۽ ورڪرن کي وڏو دل گردو رکي پنهنجي زندگي ارپي پوءِ ڪم ڪرڻو پوندو آهي. جن ادارن پنهنجي آئين ۽ قانون مطابق صحيح قدم کنيا، انفرادي نه پر اجتماعي فيصلا ڪيا، پنهنجو حساب ڪتاب صاف رکيو، اهڙا ادارا ئي ڪامياب هوندا آهن ۽ انهن جا اختلافي مسئلا ۽ جهيڙا جهٽا گهٽ ٿيندا آهن.
ان ڳالهه ۾ به اختلاف جي گنجائش نه آهي ته پئسو ادارا ٺاهيندو آهي ته انهن پئسن جي ڪري ئي ادارا تباهه به ٿيندا آهن. نالو وٺڻ جي ضرورت نه آهي. پر گهڻن ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته هت ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ ڪجهه عورتن جون تنظيمون ٻيا سماجي ادارا صرف ان ڪري اختلافن جو شڪار ٿي ويا. يا ٽٽي ويا ڇو ته پئسي جو مسئلو پيدا ٿي ويو هو. انهن ادارن پنهنجي پئسي خرچ ڪرڻ ۽ سنڀالڻ جو صحيح حساب ڪو نه رکيو ان ڪري ئي اختلافي مسئلا اڀري آيا. سنڌي ادارن وٽ هونئن به پئسو گهڻو نه هوندو آهي. جيڪو ٿورو گهڻو هوندو آهي ان جو به صحيح حساب نه رکڻ سان ئي اختلاف اڀرندا آهن ۽ جهڳڙا ٿيندا آهن. ادارن جا عهديدار يا ورڪنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر ته ڇڏيو پر هڪ عام ميمبرجيڪو مهيني جي في ڀري ٿو ان کي به اهو حق آهي ته پڇي ته اداري جو حساب ڪتاب ڪٿي آهي؟ اداري جا ٽپڙ ڪٿي آهن؟
سنڌي ادبي سنگت، سنڌي اديبن جي پراڻي سنگت آهي، هن سنگت جو پايو وجهندڙ اسان جا بزرگ اديب جن ۾ ڪي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن ۽ گهڻو تعداد زندهه آهي، انهن وقت ۽ حالت کي ڏسي ڪري هن سنگت جو بنياد وڌو.
جيستائين مان ادبي سنگت جي باري ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو آهي ان مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته ان دور ۾ جڏهن ڏاڍائي ۽ ظلم جو دور هو تڏهن اسان جي سمجهدار اديبن ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ ات ادب جي حوالي سان اسان جي سنڌي اديبن ۽ نوجوانن جي نه صرف قلبي پر ذهني تربيت ٿي، ادبي سنگت ۾ صرف اديب ڪونه ويندا هئا پر ات شريڪ ٿيڻ وارن ٻڌندڙن جو اهڙو تعداد به هوندو هو جن جو ادب سان ڪو واسطو ئي ڪونه هوندو هو. ان جو مثال هيئن پيش ٿو ڪري سگهجي ته جڏهن به ڪو چڱو ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ ڪامورو توهان کي سٺو ورتاءُ ڏئي ٿو، سنڌ جي مسئلن تي اوهان سان ڳالهائي ٿو، اوهان سان تعاون ٿو ڪري ته ضرور ان جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ادبي سنگت سان ضرور رهيو هوندو. سنڌي ادبي سنگت اديبن ۽ اديب دوستن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. ادبي سنگت جي کوري مان پڪل اديبن ۽ ادب دوستن جي ڪا ڪمي نه آهي. جڏهن به حالتون بگڙيون جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته هر ڪنهن جون نگاهون اهڙن ماڻهن کي ئي ڳولهين ٿيون، اهڙن ماڻهن مان ئي اميدون رکجن ٿيون.
اهو به تاريخ جو اهم باب آهي ته جڏهن ون يونٽ جا ڪڪر سنڌ مٿان ڪڙڪيا ان دوران ۽ ويندي ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين سنڌي اديبن جو جدوجهد ۾ وڏو حصو رهيو آهي. اها ڳالهه به هت ياد رکڻ گهرجي ته اهي سڀ اديب ادبي سنگت جي کوري جا پڪل هئا. شاگردن ۽ عام پڙهندڙن کي قلم جي حوالي سان سجاڳ ڪيو، سنڌي اديبن، سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي ستر جي ڏهاڪي تائين جيڪي ڪجهه اديبن لکيو جيڪو ڪجهه چيو اهو به هڪ اهم سبب هو ون يونٽ ٽٽڻ جو، ون يونٽ ٽٽڻ کان اڳ ٻه ٽي سالن جو دور اهڙو دور هو جنهن ۾ اخبارن، رسالن ادب جي حوالي سان جدوجهد ڪئي ۽ اهڙيون ڳالهيون پڙهي تقريرون ٻڌي شاگرد ۽ عام سنڌي ماڻهو ون يونٽ جي جدوجهد ۾ شامل ٿيو ۽ آخر ون يونٽ ٽٽو. ان دور جي ڪيل ڪجهه شاعري ۽ ادب تي ڪجهه نقاد اڄ ويهي جذباتي ۽ نعري بازي جا الزام لڳائيندا آهن ته مان سوچيندي آهيان ته اها نعري بازي ۽ جذباتيت به وقت جي تقاضا هئي. ان وقت اهڙو ادب تخليق نه ٿئي ها جنهن ۾ ان دور جي نشاندهي نه ڪئي وڃي ها ته اڄ اسان تمام خراب حالت ۾ هجون ها.
بهرحال هنن مسئلن تي الڳ سان ڪيترائي ڪالم لکي سگهجن ٿا ۽ سنڌي ادبي سنگت سان واسطيداري رکندڙن جو اهو فرض آهي ته هو ان جي تاريخ مرتب ڪن. بهرحال اڄ وري سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي شاخ اختلافن ۽ بيان بازيءَ جي زد ۾ اچي ويئي آهي. اليڪشن کان مهينو کن اڳ ئي اخبارن ۾ مضمون، ڪالم ۽ اخباري بيان ڇپجڻ لڳا. هيڏا سال جو ڪراچي شاخ ۾ خاموشي هئي تنهن ۾ تحرڪ جاڳيو جن جي به ادبي سنگت سان جذباتي وابستگي هوندي انهن کي ضرور ان ڳالهه جي پريشاني ٿي هوندي ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي........؟ ٻه سال اڳ مان ادبي سنگت جي اليڪشن ڪمشنر هيس. اليڪشن جي دوران مون ڏٺو ته ويهارو کن اديب مس هئا جن هڪ ٻئي جا نالا وٺي ۽ تاڪيد ڪري پاڻ کي چونڊرايو پئي. منهن جي دل کي ٿوري مايوسي ٿي. ڪراچي تمام وڏو شهر آهي سنڌ جو. ۽ هت سڄي سنڌ مان نوڪري ۽ ڪاروبار سانگي سنڌي رهن ٿا. سنڌي ادبي سنگت جي ڪراچيءَ جي شاخ جي اهميت ان ڪري به وڌي ٿي وڃي ته هن ۾ سڄي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ هجن ۽ هي هڪ وڏو پليٽ فارم هجي سنڌي اديبن جو......جڏهن ان دل جي مايوسي جو ذڪر ات ويٺل مان ڪنهن سان ڪيم ته ان ٺهه پهه اهو جواب ڏنو. ڪواليٽي جي اهميت هوندي آهي نه وري ڪوانٽٽي جي....
مان بحث نه ڪيو پر دماغ ۾ ڄڻ ڌماڪو ٿي ويو ته سڄي ڪراچيءَ مان صرف هي ويهه ماڻهو ڪواليٽي آهن ته پوءِ عبرت جو مقام آهي. افسوس جو مقام آهي ته هيڏي وڏي ڪراچي ۾ ڪواليٽي رکندڙ ڪي اديب ئي ڪونهن.......
هاڻ جو اليڪشن جو چوٻول وڌيو ته مان به هلي ويس. اليڪشن واري ڏينهن ڪافي ماڻهو هئا، جوش، خروش هو، هدايت بلوچ، نقاش ۽ ممتاز مهر پنهنجي ڪم ۾ رڌل هئا. انهن کي ئي ذميدار ڪري ويهاريو ويو هو. هن اليڪشن ۾ جوش خروش سان گڏ اختلافي موضوع به گهڻا هئا. ڪافي ڪجهه ٻڌوسين. ڪن هنڌن تي پاڻ کي به ڳالهائڻو پيو. ات اچي مون کي احساس ٿيو ته شايد مان به اختلافي شخصيت نه بڻجي وڃان هنن ڌرين جي وچ ۾، ظاهر آهي اسان لاءِ ته سڀ برابر آهن پر جڏهن پاڻ ۾ گڏبو ته ڪجهه ٻڌبو ته ڪجهه ڳالهائبو به ضرور. هڪ اهم مسئلو جيڪو اخبارن ۾ پڙهيوسين ۽ ات وڃڻ کانپوءِ محسوس به ٿيو ته ڪن اهڙن ماڻهن به ووٽ وڌا جن جو ادب سان ڪو تعلق ئي ڪونه هو يا وري ڪي اهڙيون شخصيتون به هيون جن کي اسان سماجي ڪارڪن چئي سگھون ٿا اُهي اديب ٿي نه ٿا سگهن.
هر تنظيم جو هڪ آئين هوندو آهي. ان ۾ اليڪشن ڪرائڻ جا به طور طريقا ٿيندا آهن. اليڪشن ۾ عهدن جي لاءِ بيهندڙ لاءِ ضروري آهي ته اهي نه صرف ادب جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل هجن پر اهي ادبي سنگت جا سال کن پراڻا ميمبر به هجن. ورڪنگ ڪميٽي لاءِ به ساڳيو شرط آهي پر ورڪنگ ڪميٽي جي اهميت ان ڪري وڌيل آهي جو ات اهي ڪارڪن چونڊيا وڃن جن اڳ ادبي سنگت لاءِ ڪجهه ڪم ڪيو هجي، اهي ڪجهه ڪوتاهيون ات ظاهر ظهور نظر آيون، حالانڪ اهڙا ووٽر ڪي گهڻا ڪونه هئا ته به ائين نه ٿي ها ته چڱو ٿئي ها. هونئن به ميمبر شپ اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ بند ڪئي ويندي آهي ۽ ورڪنگ ڪميٽي ان لاءِ فيصلو ڪندي آهي ته هي ماڻهو ميمبر ٿيڻ قابل آهن يا نه..... ادبي سنگت ۾ سڀ ڪو اچي سگهي ٿو. اها هڪ درس گاهه آهي. جتي ماڻهو گهڻو ڪجهه پرائي ٿو. اسان جا مهان اديب هن سنگت ۾ ئي اچي پنهنجي شاعري ۽ افسانا پڙهي شديد تنقيد جو شڪار ٿيا هئا. هڪ بزرگ اديب مونکي هڪ دفعو ٻڌايو ته اسان ادبي سنگت ۾ پنهنجون بهترين تخليقون کڻي ويندا هئاسين ۽ اتي اسان تي ايتري تنقيد ٿيندي هئي جو لڳندو هو ته اسان ڪا تخليق نه لکي آهي پر ڪو جرم ڪيو اٿئون. فرق صرف اهو آهي ته اُت تنقيد ڪرڻ وارا ۽ تنقيد سهڻ وارا ٻئي وڏي دل جا مالڪ هئا. تنقيد ڪرڻ واري جو مطلب اصلاح ڪرڻ هوندو ۽ تنقيد سهڻ وارا پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا......
ادبي سنگت جو ميمبر اديب ئي ٿي سگهي ٿو. سکڻ لاءِ ته هر ڪو اديب اچي سگهي ٿو.پر ميمبر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جو ادب جي حوالي سان ڪجهه لکيل ضرور هجي.ٻه چار شاعري جو ن سٽون لکي يا رڳي هڪ ٻه ڪهاڻي لکي لکندڙ اديب ٿي نه ٿو وڃي. اهو ته پهريون قدم آهي ادب ڏانهن ويندڙ راهه جو.....
بهرحال اڃا به وقت ويو نه آهي. هاڻ به پاڻ ۾ گڏجي ڪري ان ڪوتاهيءَ کي دور ڪري سگهجي ٿو. اها جيڪا غلط روايت پئي آهي ڇو ته ان کي پنهنجي هٿن سان ئي ختم ڪري ڇڏجي.
سنڌي ادبي سنگت منهنجي لاءِ هڪ مقدس ادارو آهي (مقدس چوڻ تي هڪ ڳالهه ياد آيم ته ڪنهن کي چيو هئم ته هي ادبي سنگت مقدس ادارو آهي ان کي بيان بازيءَ ۾ ڪالم بازي سان خراب نه ڪيو. يڪدم جواب مليو ڇو مقدس ڇو آهي؟ تو ان کي ڪا مزار ۽ مقبرو سمجهيو آهي ڇا؟ مان کيس جواب ۾ چيو صرف مزارون ۽ مقبرا مقدس نه هوندا آهن ڪي ادارا به مقدس هوندا آهن ۽ وري ڪي انسان به مقدس هوندا آهن. دلين جا جذبا ۽ احساس به مقدس هوندا آهن ۽ وري ڪي انسان به مقدس هوندا آهن. دلين جا جذبا ۽ احساس به مقدس هوندا آهن) هن اداري ۾ اهڙا اختلاف ڪوتاهيون نه ٿيڻ کپن اگر ٿين به ٿيون ته پاڻ ۾ ويهي، پاڻ کان سينيئراديبن کي ويهاري هر ڪنهن جي راءِ وٺي پوءِ انهن مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ڪجهه سال اڳ ادبي سنگت ۾ هڪ گڏيل پليٽ فارم هوندو هو. نوان ۽ پراڻا اديب گڏ جي ويهندا هئا. آهستي آهستي وڏن اديبن پنهنجي مصروفيتن ۽ ٻين سببن ڪري ادبي سنگت ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان سبب جي ڪري به هڪ وڏو خلا پيدا ٿي ويو آهي....
نئين چونڊجي ايندڙن ۽ پراڻن عهديدارن کي گڏجي هن ادبي سنگت کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. حقيقت ۾ عهدا ڪا شيءِ نه هوندا آهن ڪي ماڻهو عهدن سان نه پر پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي ڪيل ڪمن جي حوالي سان عهدن وارن کان به وڌيڪ عزت ماڻيندا آهن....
هڪ وڏي ڪمزوري آهي اسان ۾ مون ڏٺو آهي ته ٻين قومن ۽ گروهن جا ماڻهو جڏهن به باشعور ٿيندا آهن ته پوءِ هو عملي ڪم ڪندا آهن. اڃا وڌيڪ پرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ننڍي وڏي جو احترام ڪندا آهن. هو ادب جي ڪسوٽيءَ تي يا ڪيل ڪمن جي حوالي سان ماڻهن کي سڃاڻيندا آهن ۽ مان ۽ عزت به ڏيندا آهن. پر مون ڏٺو آهي ته اسان وٽ ادبي سنگت هجي يا وري ٻيا ادارا هجن ات چونڊجي اچڻ وارا پاڻ کي اصل ايڏو عظيم ۽ معتبر سمجهندا آهن جو ٻيا سڀ انهن کي هيٺاهان لڳندا آهن. بجاءِ ان جي ته پنهنجي ساٿين ۽ همدردن جي راين سان تنظيم جي جوڙجڪ ڪجي. هو پنهنجا ذاتي فيصلا مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مخصوص سوچون رکندڙ ماڻهو ۽ ڪي سندن پسند واريون شخصيتون انهن لاءِ معتبر ۽ قابل احترام هونديون آهن. باقي ٻين لاءِ انهن وٽ جيڪا ڪسوٽي هوندي آهي. ان مطابق فلاڻو غدار آهي فلاڻو سنڌي آهي ته ڇا ٿيو آهي ته ڪامورو. فلاڻو وڏيرو يا زميندار آهي، ان ڪري قابل نفرت آهي. پنهنجي ڪسوٽي تي پنهنجي سوچن تي اهڙا ته وڏا فيصلا ڪندا آهن جيڪي اسان جي قوم کي ڪاپاري ڌڪ هڻندا آهن.
اهڙن ئي فيصلن جي ڪري اڃا تائين سنڌي ادبي سنگت پنهنجو گهر نه ٺاهي سگهي آهي ۽ اڃا تائين در در جو پاڻي پئي پيئي. هاڻ تمام ضروري آهي ته سنڌي ادبي سنگت کي خلائن مان لاهي ڌرتي تي آڻجي. کيس هڪ گهر ڏجي. اهڙو گهر جتي سڀ اچي آسيس وٺن......
اڄ منهنجي ذهن ۾ ايتريون ته ڳالهيون جمع ٿي ويون آهن، ايترو ته زهر ڀرجي ويو آهي جو دل چوي ٿي ته لکندي وڃان ۽ لکندي وڃان. هي ڪالم به ڪافي وڏو ٿي ويو آهي. منهنجا پڙهندڙ منهنجا دوست منهنجا همدرد اهو متان سمجهن ته مان ڪنهن کي به رنجائڻ ٿي چاهيان. بس مان پنهنجي دل کولي سڀني سامهون رکان ٿي. ڪنهن جون به ڪيل ڪوتاهيون مان برداشت نه ٿي ڪري سگهان. ۽ وري ڪنهن جي طرفان ڪيل سٺا ڪم ڏسي به مان دل سان ان جي تعرف ڪندي آهيان..........
ڇو ته ڪشمور کان ڪياماڙي تائين توهان سڀ مون کي پيارا آهيو ۽ مان انڌو پيار نه پر اکيون کولي پيار ڪندي آهيان. ان ڪري جڏهن به منهنجن ڪالمن ۾ ڪو اهڙو سچ لکجي وڃي ٿو ته توهان بجاءِ مون کي معاف ڪرڻ جي صرف اهو سوچيو ته ائين ڇو ٿو ٿئي. ائين اسان ڇو ڪيو. جتي مون کان غلطي ٿئي ڪوتاهي ٿئي منهنجي به وٺ ڪيو، مون کان به حساب ڪتاب وٺو. توهان يقين ڪيو منهنجا پيارا سنڌيو هاڻ اک ٻوٽ وارو زمانو نه رهيو آهي. هاڻ ته رستن تي نه صرف اکيون کولي هلڻو آهي. پنهنجا هٿ پير زخمي ڪرڻا آهن پر هنن اکين جي پنبڻين جي وارن سان به ڌرتيءَ کي صاف ڪرڻو آهي.
آچر 14 فيبروري 1993ع