شهرن ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن ڏانهن
ها باقي ٻين جي اڳيان تون وڇايو پيو آهين. جهڪيو پيو جھُڪين. ٻارن ٻچن وارو هوندين ته به ملي پوندئي ڪا لالو کيتڻ ڇمڪ ڇلو. الهه تلهه ناس ڪندين ان جي پويان . . . . پنهنجا پراوا سڀ وسري ويندا اٿئي. هوءَ اڳيان تون پٺيان پيو هلندو آهين. اصل ان جي لوڏن ۾ خوش آهين. سنڌ جا وڏيرا، ڪامورا، ماستر، ڪلارڪ سڀ پريشان حيران آهن. هنن لوڏن پٺيان نيشلسٽ (قوم پرست) به بدمست ٿيو وڃن. ڪڏهن ته بيهي وڏيون ڳالهيون ڪندا. شاگردي وارا زماني ۾ جيلن ۾ ويندا. نعرا هڻندا. زمين آسمان کي هڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا. جان قربان ڪرڻ جون هامون هڻندا. سنڌي نياڻيءَ جي مٿي تان لٿل رئو به برداشت نه ڪندا. ڪنهن سان عام رواجي کلندو ڳالهائيندو ڏسي پيا وٽ کائيندا. غيرت ۾ پيا ٻڏندا. اوچتو ئي اوچتو ڪا لڏڻ. لڏندي لمندي گهيري ۾ وٺي ويندس. ان ويل مڙس جو عقل سمجهه سڀ جواب ڏيئي ويندو. وڏيون ڳالهيون وڏا وڏا نعرا، سڀ وسريو وڃن. پاڻ کي ڦاسايو ڇڏي ان ڪوڙڪيءَ ۾. پوءِ اهو وقت به اچي ٿو جو ان ڇمڪ ڇلو کي پاڻ سان کڻي ڌرتي واسين سان ڪيل واعدو وساري نوڪري وٺي وڃيو ويهي ٿو ڪرسيءَ تي. ان نيشلسٽ جي گهر ۾ ڌارين ٻولي ۽ جذبن ۾ جوش گهٽيل هيسيل، ڊنل ڪئي وانگر هوندو آهي. ڪرسيءَ جو نالو ٻڌي آيو ڪو پنهنجو لڙي، روزگار لاءِ. چوندو چٽ رُلي پيا آهن. هاڻ هنن کي به نوڪريون ٿيون کپن. وڃي ٻڪريون چارين. گڏهن تي مٽي ڍوئين يا وري ڳوٺ ۾ ڪلارڪي ڪن. مانڊڻيون هلائين. هنن به نوڪريون ڪيون. ڄٽ به ڪي سڌريا. نفرت، حقارت! ها گهر ۾ ويٺل هوءَ ڇمڪ ڇلو ڪري ڪو حڪم پنهنجن، خالازاد، مامون زاد ۽ چچا زاد لاءِ .بس وات مان اکر نڪتو، صاحب سڌو .... ۽ .... آرڊر هٿ ۾ . اهڙا ڪيترائي ماڻهو مون ڏٺا آهن. جيڪي اسان جي آس پاس ڀريا پيا آهن. هي وقتي جوش جي پيدا وار هوندا آهن. ها باقي ٻيو قسم به آهي سنڌين جو جيڪي ٻهراڙيءَ جي ماحول مان نڪري نوڪرين سانگي شهرن ۾ اچن ٿا. انهن جون واڇون ٽڙيل هونديون آهن. وات مان گگ پئي وهندي اٿن. حيران پريشان ۽ ويران ٿي ويندا آهن، هن شهري ماحول ۾ اچي.
هي تازو واقعو مان لکان ٿي. ڪنهن مون کي منٿون ڪيون ته اسان جي ريڊئي جا پروگرام سڄي سنڌ ۾ پسند ڪيا ٿا وڃن. پر پروگرامن لاءِ سنڌي ڇوڪرين جي کوٽ آهي. ڪي پڙهيل لکيل سٺيون ڇوڪريون هٿ ڪري ڏيو. مان به ڪوشش ڪئي، ٻه چار سٺيون پڙهيل لکيل نوڪرين واريون ڇوڪريون تيار ڪيم. انهن کي سمجھايم ته ماحول سٺو آهي، شام جو ڪجهه وقت ڪڍي پروگرامن لاءِ اچو. ڪجهه پئسا به ملي پوندا ۽ پنهنجي ٻولي ۽ قوم جي خدمت ٿي پوندي. انهن ۾ هڪ شڪل جي چڱڙي ۽ پنج هزار ڪمائڻ واري به هئي. وقت پئي گذريو، پروگرام پئي هليا، ماڻهن پئي واهه واهه ڪئي. مان به خوش هيس ته چڱو ٿيو جو سنڌي پڙهيل لکيل ڇوڪريون هن فيلڊ ۾ آيون. اوچتو ئي اوچتو چيو ڪنهن، فلاڻو شخص ان پنج هزار ڪمائڻ واري ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي. خبر پئي ته اهو شخص شادي شده ۽ جوان ٻارن پيءُ آهي. ان مون کي چورايو ته سلطانه هن کي اسان وٽ وٺي آئي هئي. هاڻ سلطانه ئي اسان جو رستو ڪرائي ڏي. اندر سڙي ڪوئلا ٿي ويم. هاڻ اهڙا ڪُڌا ڪم سلطانه ڪندي؟ پڇيم ان مائيءَ جو ڇا حال آ؟ چيائون مينهن ڪُڏندي آهي ڪِلي تي. ضرور ان اُن همراهه کي آسرو اميد مليو هوندو تڏهن ته هو ايترا ٽپ پيو ڏئي. ان شخص مون سان فون تي ڳالهايو. کيس چيم ته تون شادي وارو، تو کي همت ڪيئن ٿي اهڙي ڳالهه سوچيندي؟ هوءَ توهان جي سنڌي ڀيڻ آهي. توهان ماڻهو ڪڏهن سڌرندؤ؟ جيڪا به سنڌي ڇوڪري توهان جي سامهون اچي ٿي، توهان يڪدم ان سان شاديءَ جي باري ۾ سوچيو ٿا. ڪجهه حياءُ ڪريو، ڪجهه شرم ڪريو. منهنجي هر سوال جو جواب ان شخص وٽ هي هو ته .... “ هوءَ سٺي آهي ....” مان چوان ته تون شادي وارو، ٻچن وارو، وڃي پنهنجي ٻچن کي سُکيو رکُ، انهن کي تحفظ ۽ پيار ڏي. جواب هن وٽ هڪ ئي هو “ هوءَ سٺي آهي ..... ” جڏهن اُن اهو لفظ ڪيترا ئي ڀيرا ورجايو ته مان ڪاوڙ ۽ ڪرڀ مان چيومانس، ته هوءَ سٺي آهي پر تنهنجي لاءِ نه آهي. ڇا جيڪا به سٺي شڪل جي ڇوڪري توهان جي سامهون اچي بس توهان ان سان شاديءَ لاءِ تيار ٿي ويندؤ؟ گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ هو شخص پنهنجو عقل هلائي مون کي قائل ڪرڻ جي ڪو شش ڪرڻ لڳو. ان جو دليل هيءُ هو ته ٻهراڙيءَ جا ڇوڪرا شهرن ۾ اچي لالو کيتڻ سان شادي ڪن ٿا. ڀٽڪي وڃن ٿا. مان ته وري به ڪنهن سنڌياڻيءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. .
هيءَ ذهنيت آهي اهڙن ماڻهن جي هو شادي به ڪن ٿا، ٻار به ڄڻين ٿا ۽ پوءِ به ڀٽڪي وڃن ٿا. مٿان وري اهو احسان ته سنڌياڻيءَ سان شادي ڪرڻ چاهيون ٿا. هي سوال هميشهه موجود رهيو آهي ۽ رهندو ته سنڌي ڪڏهن سڌرندا؟ هن وقت جڏهن ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي جان بچائيندا، لڪندا ڇپندا پيا وتن، چئن ماڻهن جي وچ ۾ پنهنجي ٻولي به نه ٿا ڳالهائي سگهن. جتي چئني طرفن کان سياسي، اقتصادي ۽ سماجي طور تي تباهه ڪيو پيو وڃي. اُتي هي ماڻهو عشق جي چڪرن ۾ ۽ شادين جي خواهشن ۾ پيا هلن ۽ ملي به وڃن ٿيون، لفٽ به ڪرائين ٿيون، اهڙن ڪارن ڪوجھن کي اُهي پنج هزار ڪمائڻ واريون ... هيءَ ته ڳالهه ٿي انهن جي جيڪي عام ماڻهو آهن ۽ شهرن ۾ اچي هوش حواس وڃائي ويهي ٿا رهن. ها ڏک ٿيندو اٿم اهڙن ماڻهن جو، دل ۾ وڍ پوندا آهن، جڏهن انهن ماڻهن بابت ڳالهيون ٻڌندي آهيان جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ لاجواب هوندا آهن. مضبوط ڇت جا اڏول ٺلهه هوندا آهن. اهڙو ئي هڪ شخص جنهن جو مثال پيش ڪيو هو، جنهن سان ڳالهيون ڪندي، ڪچهريون ڪندي دل خوش ٿيندي هئي. جيڪو مٿي تي هٿ رکي ملندو هو. ان شخص جي چهري تي شفقت، محبت ۽ پنهنجائپ هوندي هئي. اڄ ان شخص جي باري ۾ الائي ڇا ڇا پيو ٻڌجي. خبر اٿم جڏهن هو غريب هو، زال ان جي دال روٽيءَ جي ساٿياڻي هئي. جڏهن مليس چڱي نوڪري، ان به ڪيو عشق هڪ سنڌياڻيءَ سان، ڪيترا سال اڳ جي ڳالهه آهي. سندس ان قدم کي سڀني ننديو هو. ڏاڍا بحث مباحثا ٿيا هئا. پر حالتن سان مقابلو ڪري ان شادي ڪري ڇڏي. .... ان بعد رکيائين ٻنهي زالن کي گڏ ! ڏٺائين ٻنهي کي هڪ نظر سان. ماڻهن ۾ مثال هو اُهو ماڻهو. سندس رويي ۽ رک رکاءُ هر ڳالهه کي ڊاهي مٽائي ڇڏيو. اڄ ٻڌان پئي ته ان شخص شادي ڪئي آ هڪ لالو کيتڻ سان! پڪن ماڻهن ٻڌايو آ، انڪري شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. پهرين ٻن زالن جا ٻار رلندا ٿا وتن. گم ٿيندا ٿا وتن. ان شخص تي ڪجهه به لکڻ تي منهنجو ذهن ۽ قلم ساٿ نه ٿو ڏئي. اعتبار کڄي ويو اٿم هن ڌرتيءَ جي ماڻهن مٿان. اهو يقين پختو ٿيندو ٿو وڃيم ته سنڌين جي تباهي ۽ بربادي ويجھي آهي. اسان سنڌي هڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسنداپيا وڃون. اها ڌٻڻ اسان جي پنهنجي ٺاهيل آهي. هن پکڙيل رت جي خوشبوءِ ۾ هي سڀ مظلوم نه پر ظالم آهن. تارخ ۽ وقت جا وڏا ڏوهاري آهن . . . . .
آچر 22 سيپٽمبر 1990ع