سنڌي سماج جا اصل قدر ۽ اڄ جو سنڌي سماج؟
ان دور ۾ نياڻيءَ جي ڪيتري عزت هئي. احترام هو، اهو ان ڳالهه مان ظاهر آهي، سنڌي معاشريءَ ۾ نياڻين کي ست قرآن ڪري ليکيو ويندو هو. نياڻيون ميڙ وٺي وڃڻ سان پراڻيون دشمنيون ۽ رقابتون ختم ٿي وينديون هيون. هي هڪ روايت جنهن کي عام طرح سان غلط ڪري ليکيو ويندو آهي. پرمان جڏهن ان روايت تي غور ڪندي آهيان ته حيرت ۾ پئجي ويندي آهيان ته ان روايت جو خالق تمام عقل وارو ۽ داناءُ هوندو. اها روايت اها آهي ته سنڌ ۾ اگر ڪنهن کان قتل ٿي ويو ته خون بها ۾ زمين، مال ، ملڪيت سان گڏ گهرجي نياڻيءَ جو سڱ به ڏنو ويندو هو. (يا اڃا به ائين)، قاتل جا گهروارا حد جي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪهڙي به طريقي سان مال ملڪيت تي فيصلو ٿي وڃي. فيصلو ڪرڻ وارو وڏو جنهن کي قاضي به چئي سگهجي ٿو، جڏهن اهڙو فيصلو ڪندو هو ته قاتل جي خاندان وارن تي جبل ڪري پوندو هو. ايڏو وڏو غيرت وارو فيصلو ته سائين خون جي عيوض ۾ نياڻي پرڻائي ڏني وڃي ۽ ان نياڻيءَ سان حق واسطا هميشهه ختم ڪري ڇڏجن. جيئري ئي جدايون ڪري ڇڏجن. ڇو ته خون بها ۾ پرڻايل نياڻي وري ڪڏهن واپس گهر نه ايندي آهي. اگر سوچجي ته ان نياڻيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو ان کي سزا ڏني وڃي؟ آخر هوءَ پنهنجي ڀاءُ يا پيءُ جي ڪيل گناهن جي سزا ڇو ڀوڳي ؟ ان فيصلي ڪرڻ واري قاضيءَ کي اهو حق ڪنهن ڏنو جو جو هو ان انسان کي ظلم جي پيڙائن ۾ پيسي، جنهن ڪجهه به غلط نه ڪيو آهي. چوڻ لاءِ ته اهو صحيح آهي ته اها روايت اهو قانون سڄوئي غلط آهي، پر جڏهن اسان ان روايت جي نفسياتي ۽ اخلاقي پهلوئن تي نظر وجھون ته خبر پوندي ته اهو فيصلو هن معاشري مان قتل، خون جي گناهن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ وڏي هٿي آهي. هڪ فيصلو ٿي ويو خون بها ۾ پيءُ پنهنجي نياڻيءَ يا وري ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي ڪڍي ڏني. نياڻي ته گهر جي عزت ۽ غيرت هوندي آهي. معنيٰ ته ان شخص پنهنجي گناهن جي عيوض پنهنجي عزت غيرت ڪڍي ڏني. اها ڳالهه اسان جي سنڌي معاشري ۾ هڪ زلزلي کان گهٽ ڪو نه آهي. هاڻ ڇا ٿيندو جو ٻيا ماڻهو بيگناهه ڪنهن کي ماريندي، قتل ڪندي اهو ضرور سوچيندا ته سندس ان عمل ۾ گناهه جو عيوضو ڪهڙو آهي ..... ضرور اها ڳالهه سوچيندي هو ڪنهن به گناهگار يا بي گناهه جو قتل ڪندي ڪيٻائيندا. سمجهه ۾ اهو آيو ته هن قانون ۽ روايت مطابق ڏوهن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. چڱين روايتن جا اگرا نتيجا تڏهن نڪرندا آهن، جڏهن اسان جا ماڻهو انهن روايتن جو غلط استعمال ڪري ذاتي دشمنيون پاڙيندا آهن. . .
سنڌي عورت مرد جي هڏ ڏوکي، همدرد ۽ ڏک سک جي ساٿي رهي آهي، سنڌي مرد ان عورت جو محافظ، رکوالو ۽ تحفظ ڏيڻ وارو رهيو آهي. هر دور جون پنهنجون تقاضائون ۽ ضرورتون رهيون آهن. اهي روايتون ڪيتريون ئي سخت هونديون هيون. عورتن لاءِ پردو ضروري هوندو هو. شادي به هڪ اهم بنيادي مسئلو هوندو هو، خاندان کان ٻاهر شاديون ٿينديون ئي ڪو نه هيون. خاندان ۾ ايترا رشتا هوندا ئي ڪو نه هئا جو سڀني ڇوڪرين جون شاديون ٿي سگهن، ان ڪري خاندان جا ڇوڪرا چاهي اهي نا اهل، پوڙها يا ننڍي عمر جا هجن، مڙيئي شاديون ڪرائي فرض پورا ڪيا ويندا هئا. ملڪيتون بچائڻ لاءِ به نياڻين جون شاديون نه ڪرايون وينديون هيون. اهي سڀ ڳالهيون غلط هيون، انهيءَ ڪري ئي انهن جا نتيجا تمام خراب نڪتا. عورت هجي چاهي مرد، بنيادي ضرورتن جي پورائي نه هئڻ ڪري ڪيترائي مسئلا ان دور ۾ اڀريا ۽ هاڻ به اهي ئي مسئلا موجود آهن، هڪ ٻي صورت ۾ فرق صرف هڪ ڳالهه جو آهي. ان دور ۾ اگر نياڻين جي شادي نه ڪرائي ويندي هئي ته ان کي تحفظ ڏيڻ وارا، ان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ وارا ڀائر ۽ پيئر موجود هئا. ڪيترن گهرن ۾ ته گهرن جو سارو ڪم ڪار انهن نياڻين جي حڪم مطابق هلندو هو. انهن کي گهر جو وڏو ڪري ليکيو ويندو هو ۽ هر ڳالهه ۾ انهن کان صلاح ورتي ويندي هئي، ان جي باوجود به اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي ته ان وقت عورتون ذهني ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿي وينديون هيون. اڪيلائپ ۽ بنيادي ضرورت جي پورائي نه هئڻ ڪري هو گهڻو ڪري چريائپ جو شڪار ٿي وينديون هيون. هاڻ به اهي ئي مسئلا موجود آهن. هڪ ٻي صورت ۾ هاڻ ڇا ٿي رهيو آهي. چوڻ لاءِ ته اڄ جي عورت آزاد آهي، تعليم به حاصل ڪري پئي، هر فيلڊ ۾ مردن سان گڏوگڏ نوڪريون به ڪري پئي ان جي باوجود به اهو تحفظ جيڪو هڪ ڀاءُ يا پيءُ يا وري گهر واري جي صورت ۾ هوندو آهي. اهو ان کي حاصل نه آهي. هن مهل مان شهري ۽ پڙهيل لکيل عورت جو ذڪر ڪري رهي آهيان.
اسان جي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ به تبديلي آئي آهي، پر تمام گهٽ، اڄ به اسان جا سنڌي جوان، پڙهيل لکيل نوڪرين وارا، پنهنجون ڇوڪريون ڇڏي ڌارين قومن مان شاديون ڪري رهيا آهن، اگر هڪ جوان خاندان مان به شادي ڪري ٿو ته سمجهي ٿو ته ان جو هاڻ الڳ گهر هئڻ گهرجي، هو صرف پنهنجي زال ۽ ٻارن جي ذميواري کڻي ٿو، ۽ ماءُ ڀيڻ کي وساري ٿو ڇڏي، انهن جي ذميواري کڻڻ لاءِ هو بلڪل تيار نه آهي. هن ترقي يافته معاشري ۾ هر ڪو اڪيلو ۽ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويو آهي. اگر نياڻين جي شادي ٿي ويئي ته ٺيڪ آ، ورنه اهي نياڻيون چاهي پڙهيل لکيل هجن، نوڪرين واريون هجن، انهن جي ذميواري ماءُ پيءَ جي مرڻ کان پوءِ ڪير به کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، هي پيار ۽ پنهنجائپ جي ڪمي، هڪ ٻئي کان دوري، هڪ ناسور ٿي پيئي آهي، جيڪا اندر جو اندر، هن معاشري ۾ ڏار وجهي رهي آهي، هن ترقي يافته مشيني دور ۾ انسان هڪ ٻئي کان پري ٿيندو پيو وڃي. اسان جي اديبن ۽ ڏاهن کي هن مسئلي تي ضرور ويچارڻ گهرجي، ڪي حل، ڪي تجويزون ٻڌائڻ گهرجن. ڏک ته مون کي ان وقت ٿيو هو جڏهن چرين جي اسپتال حيدرآباد جي انچارج، ڊاڪٽر صاحب هڪ دفعي اهو ٻڌايو هو ته هن اسپتال ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جو تعداد تمام گهڻو آهي، وقت پوڻ سان اهو تناسب بجاءِ گهٽجڻ جي وڌندو پيو وڃي. ڇا اسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته آخر هيءَ چرين جي اسپتال ايتري آباد ڇو آهي عورتن سان؟ جيڪڏهن اسان پنهنجي قول ۽ عمل سان، هن معاشري کي ۽ پاڻ کي نه بدلايو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ شايد اسان کي ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون اسپتالون ٺاهڻيون پونديون. اهي اسپتالون جن ۾ مردن جي مقابلي ۾ عورتن جو تناسب تمام گهڻو هوندو . . .
ڇنڇر 6 جنوري 1991ع