پِٽيندي سائي، جنهن سُورُ ٻڌايو سَندرو،
پِٽيندي سائي، جنهن سُورُ ٻڌايو سَندرو،
ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميار جا!
انور پيرزادو صاحب 1990 ۾ جڏهن روزاني عوامي آواز جو ايڊيٽر ٿيو ته اخبار لاءِ جن ليکڪن يا ليکڪائن کي شروعات ۾ ڪالم لکڻ جي دعوت ڏنائين، تن ۾ سلطانه وقاصي به هڪ هُئي.
انور صاحب سلطانه وقاصيءَ کي جن سببن ڪري لکڻ جي دعوت ڏني هوندي سي هي هوندا: هڪ ته، انور پيرزادو پاڻ هڪ تمام وڏو فيمينسٽ هو. عورتن جي اظهار واري آزاديءَ جو پرچارڪ هو. هن پنهنجي گروءَ شاهه ڀٽائي کان ٻڌو هو ته”پٽيندي سا ئي، جنهن سور ٻڌايو سندرو، ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميار جا!“ هن کي سلطانه جي لکڻين ۾ اوتيل درد ۽ دانهن جو احساس هو. هن کي خبر هئي ته سلطانه وقاصيءَ جي لکڻين جو ڪعبو ڀٽائي جو هي شعر آهي ته”ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس، ڏور تائين ڏس، اکر جئائين جڙيا“.تنهن ڪري هو چاهي پيو ته مرد حضرات سان گڏ هو، ترقي پسند ليکڪائن کي به پنهنجيءَ سٿ ۾ کڻي هلي. ٻيو ته، هيءَ اُها سلطانه وقاصي هُئي جنهن سان انور پيرزادي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي سيڪريٽري هوندي، هڪ ادبي پروگرام به ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ تي تڏهن مقالو به لکيو هيائين جنهن کي بعد ۾ سلطانه پنهنجي شعري مجموعي ”دونهاٽيل درشن“ ۾ مهاڳ طور شايع ڪرايو هو. سو انور صاحب کيس بحيثيت هڪ شاعره ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرم ڪارڪن طور به گهڻي وقت کان ڄاڻندو هو. هونئن ته سلطانه وقاصي گهڻي وقت کان لکندڙ هئي. فقيرمحمد لاشاري جي عوامي آواز ۾ ايڊيٽر شپ دوران به هن مضمون لکيا. پر بحيثيت ”ڪالم نگارا“ سلطانه وقاصي، انور صاحب جي ئي دريافت آهي. بقول سلطانه وقاصيءَ جي ته خود سندس ڪالم جو عنوان ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ئي انور پيرزادي تجويز ڪيو هو.
ايئن اڳتي هلي وري جڏهن مان عوامي آواز جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج ٿيس ته مون به جن ليکڪن يا ليکڪائن کي ڪالم لکڻ جي دعوت ڏني تن مان هڪ سلطانه وقاصي به هئي ۽ تڏهن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي جڏهن سلطانه وقاصيءَ ساڳي عنوان ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ سان ڪالم لکڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ انور پيرزادي جي دور جي پئي آسيس ڏنائين. عوامي آواز ۾ هن عورتن جو صفحو ”سورمي“ ۽ اڳتي هلي ادبي صفحو ”تخليق“ به انچارج طور سنڀاليا ۽ ان ڪم دوران مون هن کي هڪ جاکوڙي، سنجيده، ڪميٽڊ، مستقل مزاج ۽ وقت جي پابند هئڻ طور، ڪم ڪندي ڏٺو.
اِها سٺي ڳالهه آهي ته هن پنهنجن انهن لکليل ڪالمن کي ساڳي عنوان سان ڪتابي شڪل ڏئي پنهنجي دور جي هڪ تاريخ کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. سلطانه وقاصي کي لکڻ لاءِ ايترا ته موضوع ۽ مواد آهن، لفظ ۽ جملا آهن جو هوءَ اهڙن ڪالمن تي ٻڌل الائي ته ڪيترا ڪتاب آڻي سگهي ٿي ۽ فڪري تخليقن جون نت نيون ڪائناتون ٺاهي سگهي ٿي. هُوءَ جيڪو ڪجهه لکي ٿي جيڪو ڪجهه سمجھي ٿي، سندس جيڪي به سياسي، ادبي ۽ سماجي آدرش آهن سي هر محب وطن ماڻهوءَ جا به آهن. آن دي ريڪارڊ اسين سڀ اهو ئي چاهيون ٿا پر اهو ڏسي سلطانه وقاصي صفا دنگ رهجي وڃي ٿي، سندس مٿو چڪرائڻ لڳي ٿو ته عملي طور پوءِ اونئن ڇو نه ٿي سگهيو آهي، جيئن اسين سڀ چاهيون ٿا. ضرور دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، ڪو مسئلو آهي، جنهن جا هُوءَ پيرا کڻڻ چاهي ٿي. ۽ پيرا کڻندي کڻندي آخرڪار هُوءَ مسئلن جي جَڙَ تائين پهچي وڃي ٿي. سلطانه جي ڪالم جا زوردار موضوع سنڌي عورت، سنڌي سماج، سنڌي ماڻهو، سنڌي ثقافت، سنڌي روايتون، سنڌ جي سياست، سنڌ جي بقا ۽ ترقي جو سوال، سنڌ جي تعليم، سنڌي نوجوان، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي اديب، سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون، سنڌين جو تاريخي، سياسي ۽ سماجي استحصال ۽ ڌارين جا ڏنل ڏنڀ رهيا آهن.
سلطانه وقاصيءَ جو جيتوڻيڪ اهو ايمان رهيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هميشه زندهه رهندا. ڪابه طاقت انهن کي ختم نٿي ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ڪير سنڌ ۽ سنڌي قوم کي نقصان پهچائي رهيو آهي ته سندس خيال ۾ اهي اسان پاڻ ئي آهيون. جنهن جي دليل ۾ ڪيترائي ڪالم لکيل آهن. اهو موقف انتهائي غير روايتي آهي. عام طور تي اسان سنڌي هر قسم جي استحصال ۽ محروميءَ کي ڌارين جي سازشن ۾ ڳولهڻ جا عادي رهيا آهيون پر سلطانه وقاصي ٻيو پاسو ڏيکارڻ جي جرئت ڪري حيران ڪري ڇڏي ٿي.
سلطانه وقاصي جو موقف آهي ته اسان زماني جي نظر ۾ جيئن آهيون، جيئن ڏيکارڻ چاهيون ٿا تيئن حقيقي طور تي ناهيون، اسانجي قول ۽ فعل ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق آهي. لکي ٿي ته”هي سنڌ جا رهواسي چاهي سڄي دنيا گهمي اچن پر سندن سوچ ۽ ذهنيت اها ئي رهي ٿي. پنهنجي وطن ۾ اچي هو پنهنجن گهر واسين سان ¬اهو ئي رويو رکندا آهن جو ڪڏهن ڪڏهن شڪ ٿيندو آهي ته هي ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ دنيا گهُميل آهن!“ سلطانه وقاصيءَ جو خيال آهي ته ”اسان حقن ۽ فرضن جون ڳالهيون ته ڪندا آهيون، وڏا وڏا دليل پيش ڪندا آهيون، مذهبن ۾ڏنل ڳالهيون ياد ڏياريندا آهيون، پر اهي ئي حق ۽ فرض جڏهن عورتن جي حوالي سان سامهون ايندا آهن ته اسان جون دليون ۽ ذهن ننڍڙا ٿي ويندا آهن. جڏهن به حق داريءَ جا مسئلا اڀرندا آهن ته اسان جا مرد، ڀائر ۽ پيئر سنڌي مرد ٿي ويندا آهن“.
سنڌين جو پنهنجي سماج، سياست، ادب، تاريخ ۽ ثقافت ڏانهن به اهڙو ظالماڻو رويو رهيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”اوهان جيڏو پاڻ کي مهذب، روشن خيال، ترقي پسند، انصاف پسند ڄاڻايو ٿا عملي طور بنهه ان جي ابتڙ آهيو“ ۽ اهو سڀ سلطانه لاءِ ناقابل برداشت رهيو آهي. هن پنهنجن ڪالمن ۾ سنڌين کي اهڙين غلط فهمين توڙي خوش فهمين مان ڪڍي پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ ۽ حقيقت پسند ٿيڻ تي پئي زور ڏنو آهي. چئي ٿي ته”عام سنڌي ماڻهو سجاڳ آهي. ان جي ذهني تربيت ٿي چُڪي آهي. هاڻ تربيت ڪرڻي آهي سنڌي سياستدانن جي. اهي سياستدان ڳالهه ته ڪن ٿا، سنڌ جي ماڻهوءَ جي، ان جي مسئلن جي پر هو سڀ متحد ٿي نٿا سگهن، پنهنجن هٿن سان هٿ ملائي هڪ مضبوط قوت نٿا بڻجي سگهن. سڀ ڪو پنهنجي الڳ چُلهه ٻاريو، ڪُنو چاڙهيو ويٺو آهي، مٿان وري دعويٰ آهي ته اسان ئي سنڌين جا همدرد ۽ هڏ ڏوکي آهيون. جڏهن ٿا ملن ووٽ انهن کي ۽ پهچن ٿا اسيمبلين ۾ ته اها ڳالهه ئي انهن کان وسريو وڃي ته کين ان رستي تي پهچائڻ وارو ڪير آهي، مان سياسي ليڊرن جي ڪردار تي زور ان ڪري پئي ڏيان ته اسان جي ماحول ۾ اديب ۽ شاگرد پنهنجي ليکي جدوجهد ڪن پيا، قربانيون ڏين پيا، واٽون ٻڌائن پيا، رستا کولين پيا، پر قوم جي قسمت جو مدار وري به سياستدانن تي اچي ٿو.“ ٻئي هنڌ لکي ٿي ته”اڄ اسان تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آهيون جتي اسان جا دشمن اسان کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا آهن ۽ اسان پاڻ به پنهنجا سڄڻ نه آهيون. اسان کي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان بيحد پيار آهي. انفرادي طور رڙيون پيا ڪندا آهيون، هڪٻئي کي ميارون پيا ڏيندا آهن، پنهنجي قوم جي بدحاليءَ تي پريشان رهندا آهيون پر جڏهن اجتماعي طور اسان هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون ٻيو ته ڇڏيو هڪ ٻئي کي سهندا به نه آهيون. اسان سنڌ واسين پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيو آهي، هڪٻئي لاءِ بغض ۽ ڪينو رکي ويٺا آهيون“. هوءَ لکي ٿي ته ”سياستدان ۽ مفاد پرست ماڻهو وقت سر پنهنجي ضمير جو سودو ڪندا آهن پر جڏهن اديبن جو به پنهنجو ڪردار صحيح نه هجي ته باقي ڇا بچيو؟!“
سندس خيال رهيو آهي ته سنڌ جي وجود جو آخري بچاءُ بند اديبن جو آهي. جيڪڏهن اهو بند ٽٽي پيو ته پوءِ ڪجهه به نه بچندو. ان ڪري هوءَ اديبن کي جڏهن به ڀور ڀور ٿيندي ڏسندي آهي ته پريشان ٿي ويندي آهي. هن کي ان ڳالهه جو ارمان بهرحال هميشه رهيو آهي ته هن جڏهن به اميدن جو ڪو ڏيئو ٻاريو آهي ته اُهو اجھامي ويو آهي. ڇو، آخر ڇو؟ هوءَ نه رڳو پاڻ اهو سمجھڻ چاهي ٿي پر سمجھائڻ به چاهي ٿي. هن سنڌي ادبي سنگت کي اميدن جو ڏيئو بڻائڻ چاهيو ته ان ۾ خود سنگت کي جلندو ڏٺائين. بي ادب، بي اديب، ڪوڙيون چونڊون، ڪوڙيون ميمبر لسٽون، ڪاغذي ۽ نام نهاد تنظيمون، هن کي تڏهن ڏندين آڱريون اچي ويون جڏهن مٿس انڪشاف ٿيو ته هڪ شاخ جي سيڪريٽريءَ ”انور“ جو نالو “عنور“ ڪري لکيو.”مار! هتي ته ڪجهه به ٺيڪ ناهي. فراڊ، منافقي ۽ بدديانتي جي ته انتها ٿي وئي. پوءِ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي، ٻئي هٿ مٿي تي........آخر هي سڀ ڇا آهي؟ شاگرد ڏسو ته کين اها به خبر ناهي ته ڀٽائي ۽ سچل ڪير آهن؟ اهي آهن سنڌ جا معمار! عورتن کي ته کنگهن ئي نه. بهادر هجي ته چوندا ”مرد ماڻهو“ آهي. ڇو؟ عورت بهادر نٿي ٿي سگهي ڇا؟“
اهي ۽ اهڙا انيڪ سوال، ڇُڀندڙ سوال، جوابي سوال، دانهون ڪوڪون ڪندڙ لفظ، سراپا احتجاج ، چٽا، بي ڊپا باغياڻا لفظ ۽ جملا، طاقتور دليل بحث مباحثا، سماجي، سياسي ادبي توڙي شخصي بي واجبين ۽ ناانصافين تي ڀرپور ، منهن تي سچ چئي ڏيندڙ آهي آواز-سلطانه وقاصيءَ جو.
سلطانه وقاصي انهن ليکڪائن مان هڪ آهي جن صرف لکيو ئي ناهي ۽ لکي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ رڳو ڦاسايو ئي ناهي پر هن مسئلن جي حل جي راهه به ٻڌائي آهي. هن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود جي بقا ۽ ترقيءَ جو نسخو ٻڌي، درست رخ ۾ جاکوڙ ۽ مثبت سوچ“ کي ڄاڻايو آهي. سندس خيال آهي ته اسان سنڌي پاڻ سان سچا ٿي وڃون، ٻين تي نه ڀاڙيون، ڌارين کي ڀليڪار چئي پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو نه هڻون، ٻيائي نه ڪيون، قول ۽ فعل ۾ فرق نه رکون، ته ڪو سبب ناهي ته اسان ڪامياب نه ٿي سگهون.
سلطانه صرف مسئلن تي سوچيو ئي ناهي پر پڙهندڙن کي به سوچرايو آهي...۽ سلطانه جي لکڻين جو سڀ کان طاقتور پهلو اهو ئي آهي ته سندس لکڻين کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ به انهن تي سوچڻ لاءِ مجبور ضرور ٿئي ٿو.
سلطانه جي لکڻين اهو به ثابت ڪيو آهي ته”سچ“ جو اظهار خوبصورت ٻولي ۽ لفظن جو محتاج ناهي. ”سچ“ جو اظهار سراپا سونهن آهي. خيال طاقتور آهي، بي ساختا آهي، چٽو ۽ کليل، ان ۾ درد آهي ۽ درد جي شدت آهي ته پوءِ اهي لفظ ۽ جملا پاڻ ئي پڙهندڙ جي اندر ۾ پيهي ويندا آهن.
اندر ۾ پيهي ويندڙ سندس لفظ، جملا ۽ خيال ڪجهه هي به آهن ته: ڪيتريون ڳالهيون نه ڪرڻ جون نه سلڻ جون پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته دفتر کليو وڃن، سچ پچ لکندڙ سان هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته هو دنيا جا سور سنڀالي يا پنهنجا.....احساس ڀريو هانوُ ۽ ڏکن سان ڀريل دِل آخر ڪنهن وٽ ناهي. ڪهڙو ناتو آهي هڪ لکندڙ جو پڙهندڙ سان؟ انهيءَ سوچ ۾ آهيان ته ڇا لکان؟ ۽ ڇا نه لکان. ان لکڻ ۽ نه لکڻ جي وچ ۾ جيڪا پل صراط آهي ان کي پار پوڻ ۽ پاڻ سان گڏ پڙهندڙ کي به ان پل صراط تي وٺي هلڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي. ڇا اسان وٽ صاف سٿري سياست هاڻي ڪڏهن نه ٿيندي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ چيو ته سڪن سان گڏ ساوا ان ڪري سڙندا آهن جو انهن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي نه وري سڙڻ مهل ڪو احتجاج ڪيو، ڪو سڏ ڏنو ۽ واڪو ڪيو“. ٿر ڪانفرنس تي لکيل ڪالم جو هي ٽڪرو پڙهو: مٺي شهر ۾ منجھند جو ماني کائي ٻاهرين پاسي ڪرسيءَ تي اچي ويٺس ته اتان جي ڪن غريب ٿرين ماني پئي کاڌي. هڪ هيڏو سارو وڏو ڇوڪرو ٻئي ماڻهوءَ کي ڪڪڙ روسٽ جو ٽڪر ڏيکاريندي پڇي پيو ته هن کي ڪيئن کائبو.....! منهنجي دل ۾ مونجهه پئي ٿي. اسان جيڪي ٿر ڪانفرنس ۾ اچي گڏ ٿياسين ڇا اسان انهن جو نصيب مٽائي سگهون ٿا. صرف کاڌا کائي گهمڻ ڦرڻ مسئلن جو حل ناهي.“
اهڙي سچ ڳالهائڻ، سچ لکڻ، ڪمپرومائيز نه ڪري سگهڻ ڪري سلطانه وقاصيءَ عملي طور گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي، پنهنجن ۽ پراون جون ناراضگيون به سَٺيون، آهن ۽ پوءِ اڪيلي سر زماني جا جيڪي جبل جھاڳڻا پيس. تنهن کي اسان هڪ باضمير ليکڪا طور سندس حصي جي ڏنل هڪ وڏي قرباني تصور ڪيون ٿا. هن ثابت قدم رهي ڪري ۽ مسلسل جاکوڙ ڪرڻ عيوض پاڻ کي پنهنجن پيرن تي بيٺل، هڪ مثالي ۽ رول ماڊل سنڌي عورت پڻ بڻائي ڏيکاريو آهي.