تاريخ جي صفحن تي منڌيئڙا
ابوالحسن جي سنڌي ۽ موجوده رسم الخط جي وجود کان اڳ واري جيڪا تاريخ آهي اُها اسان کي اهڙي طرح ملي ٿي. ٻڌو اٿئو ته جڏهن هو ڀَٽَ فقير قصا کڻندا هئا ته اُهي قصا راتين جون راتيون ڪين کٽندا هئا. هو ڳالهه سان ڳالهه ڳنڍيندا ۽ ڪڙي سان ڪڙو ملائي پيا هلندا. هي ڀَٽ فقير ملڪن جا ملڪ پيا گهمندا هئا. هُو اکين ڏٺل واقعن کي قصن جي صورت ۾ بيان ڪندا هئا. سنڌ جا هي ڀَٽ فقير اُن کان پوءِ مورخ ۽ تاريخدان، دانشور ۽ اديب قدر شناس هئا. سچ ۽ ڪوڙ جي وچ واري وٿيءَ کي هو سمجهندا هئا. ان ڪري ئي هيءَ به تاريخ جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته قاضي قاضن جهڙو ماڻهو جنهن حضرت مخدوم بلاول جي شهادت ۾ وڏو حصو ورتو هو. اُن جي اُن عمل کي تاريخدانن ننديو ضرور آهي پر گڏوگڏ اُن جي ادبي پورهئي جي مانَ ۽ مرتبي کي ڪين گهٽايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي تاريخ قاضي قاضن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي.
چچ نامو، سنڌ جون ادبي تاريخون، رحيم داد مولائي شيدائي ۽ رچرڊ برٽن جو لکيل تاريخون، پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي ته هيءَ ولينَ، اوليائن، عالمن ۽ هنرن جي ماهرن جي ڌرتي هئي. هتان جا رهاڪو اعليٰ ظرف وارا، محنت ڪندڙ هئا. هو مذهبي مت ڀيد جا قائل نه هئا نه وري منجھن ڪو نسلي تفاوت هو ۽ نه وري پاڻ ۾ نفرت. هر آيل چاهي ڪٿان به آيو، ڪير به هو، جڏهن هو هت اچي رهيو هو ته بس هتان جو ئي ٿي ويو. عجب ڪشش آهي هن ڌرتيءَ ۾ جيڪا پراون کي به پنهنجو ڪريو ڇڏي. هر ٻاهران ايندڙ هن ڌرتيءَ جو حق ائين ادا ڪندا رهيا جو هو سڀ سنڌ جي تاريخ ۾ امر ٿي ويا. ڌارين ايندڙن هتان جي تهذيب ۽ ٻولي کي پنهنجو ڪيو ۽ هو هتان جي رهواسين جهڙا ٿي ويا.
وقت بدليو، حالتون بدليون، آيا ڌِڪجي نوان ماڻهو اصل ڪاهجي پيا هن ڌرتيءَ تي، هتان جي رهواسين ساڳيون روايتون قائم رکي پنهنجو پرايو مال اسباب جايون جڳهيون انهن جي حوالي ڪيون. هتان جا اٻوجهه ماڻهو انهيءَ ۾ ئي خوش هئا ته هي سڀ اسان جا مسلمان ڀائر آهن. هنن ويچارن کي پنهنجن گهرن مان تڙيو ويو آهي. انهن لاءِ انهن جي ابن ڏاڏن جي زمين تنگ ٿي ويئي هئي. مذهبي توڙي سماجي طور انهن کي ڪي به حق ڪو نه هئا. انهن جا گهر انهن جون عزتون محفوظ نه رهيون هيون. اُتي جي رهندڙ حاوي گروپن انهن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو هو. انهن آيلن جي اچڻ کان اڳ ئي هتان جي رهندڙن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدانن انهن جي لاءِ قلمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. اُن جدوجهد جو مقصد اهو ئي هيو ته انهن ويچارن کي سندن ئي ڌرتيءَ تي حق ڏنا وڃن، تحفظ ڏنو وڃي. اگر نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ انهن لاءِ هڪ الڳ ملڪ اُتي ئي ٺاهيو وڃي. سڀ کان پهرين هت سنڌ ۾ ئي هڪ قرارداد پاس ڪئي ويئي ته مسلمانن جو هڪ الڳ ملڪ هجي ۽ ان کان پوءِ لاهور جي قرارداد پاس ڪئي ويئي. هتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري ٿي سمجھان ته انهن قراردادن ۾ اها ڳالهه ڪٿي به لکيل ڪانهي ته هن موجوده روپ ۾ جيڪو ملڪ آهي، ان کي ٺاهيو وڃي. بهرحال سياست ۽ انقلاب تاريخون مٽائي ڇڏيندا آهن. اُن اٿل پٿل ۾ هي ملڪ ٺهي ويو ۽ هو سڀ لوڌجي، ڌڪجي هت اچي پهتا. غريب جن کي لٽو به تن تي نه هوندو هو. رکي سکي کائڻ تي هريل هٿ تي رکي ماني کائيندا هئا ۽ کليل آسمان ۾ ويهي حاجتون ڪندا هئا ۽ چوندا هئا اصل شرم ته اکين ۾ آ. انهن کي ملي ويا هت سڀ سک، اُهي محل ملي وين جيڪي هتان جا رهواسي ڇڏي ويا. انهن گهرن جون زمينون ۽ ڀتيون ائين چمڪنديون هيون ڄڻ ته آئينو هجي. هيءَ ڳالهه ڪنهن کان ٻڌي اٿم ته هڪ گهرجي فليش جي غسل خاني کي بورچي خانو سمجهي انهن اُت ڪوئلا وجهي رڌڻ پچائڻ شروع ڪيو. مٿان جو زنجير ڇڪيائون ته پاڻي به اچي ويو. حيران ٿي اچرج ۾ پئجي ويا ته واه واه هت ته باهه وسائڻ جو به انتظام ڪيل آهي. هيءُ ڪو لطيفو نه آهي تاريخ جو سڀ کان وڏو سچ آهي، هن ڌرتيءَ تي به اهڙا ڪيترائي اٻوجهه ماڻهو موجود آهن ۽ هئا، اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اُن وقت جيڪي به هت آيا اُهي اهڙي ئي قسم جا ماڻهو هئا.
تاريخ ۾ پهريون دفعو هتان جي رهواسين هڪ وڏي غلطي ڪئي. ان غلطي جو حساب ڪتاب اڄ تائين هتان جا رهواسي ڏين پيا. اُها غلطي اها هئي ته هميشه جڏهن به ڪو ڌاريو هت ايندو هو ته هتان جي رهواسين جهڙو ٿي ويندو هو. هاڻ پهريون دفعو ائين ٿيو جو هو جيستائين هو هن ڌرتيءَ کي پنهنجو ڪن، هتان جا رهواسي پاڻ مٽائي انهن جي تقليد ڪرڻ لڳا. انهن آيلن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ هتان جي رهواسين انهن جي گهرن مان شاديون ڪيون. پنهنجي ٻولي ڇڏيائون ۽ پنهنجي تهذيب کان پاسيرا ٿي ويا. انهن کي ايڏي ته عزت ڏنائون جو هو انهن مٿان حاوي ٿي ويا. ڪجهه خوبيون به هيون اُنهن ۾ هڪ محنت ٻيو چاپلوسي. انهيءَ محنت ۽ چاپلوسي جي ڏاڪڻ تي هو چڙهندا ويا ۽ آخر آسمان جي بلندين تي پهچي ويا. هتان جا رهواسي جيڪي انهن پٺيان سڀ ڪجهه ڇڏي ويٺا هئا. اُنهن جو مقابلو نه ڪري سگهيا. حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون.
سائين منهنجا هاڻ وري ٻڌون پيا ته اصل تاريخ جي جاءِ تي اُهي آيل هڪ نئين تاريخ لکن پيا. اُنهن جو چوڻ آهي ته اسان شروع کان وٺي ئي خوشحال هئاسين. حويلين ۾ رهندا هئاسين. اُنهن حويلين ۾ نوڪرن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونه هوندو هو. علم وارا ۽ وڏا آفيسر انهن منجهه ئي هئا. اُنهن ته وڏو احسان ڪيو آهي هتان جي ماڻهن تي ڇو ته هتان جا رهواسي ظلمن ۽ قهرن ۾ هئا. اُنهن ويچارن قربانيون ڏئي جدوجهد ڪري هي ملڪ ٺاهيو. آزادي ڏياري، پوءِ هو قرب جا پير ڀري هت آيا. هتان جي رهواسين تي وڏا احسان ڪيائون. انهن هتان جي رهواسين کي تهذيب ۽ رهڻ ڪهڻ سيکاريو. هتان جي جاهلن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪيو. هي ملڪ ٺاهيو ئي انهن آهي ۽ انهن لاءِ ئي ٺاهيو ويو آهي. ٻيا سڀ هتان جا اصل رهواسي ته ڪا حيثيت ئي نه ٿا رکن، انهن آڏو. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ جي ٺهڻ واري تاريخ تائين ڪي به اهڙا فساد نه ٿيا نه وري ڪو هنگامو. اصل هنگاما ٿيا لڏ پلاڻ وقت. اُن لڏ پلاڻ جي دوران جانيون ڪم آيون. هي ماڻهو اهي سڀ به هتان جي رهواسين تي احسان رکڻ چاهين ٿا چون ٿا اسان جانين جون قربانيون ڏئي هت آيا آهيون. ڪير انهن کان اهو ته پڇي ته توهان پنهنجي تحفظ ۽ بچاءُ جي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ هت اچي اُن جي عيوض سک ماڻيو، اهو احسان هتان جي رهواسين مٿان ڪيئن ٿيو؟ هيءُ ملڪ اسلام جي نالي پٺيان ٺهيو. ان وقت اهڙي ڪابه ڳالهه ڪوبه قانون موجود نه هو ته ڪير غير قوم جي غير زبان کي هتان جي قومي ٻولي ٺاهي وڃي. اهو فيصلو بهرحال ٿي ويو. هاڻ حال وڃي هي بيٺو آهي ته هتان جي علائقن جا ماڻهو پنهنجي ٻولي جي ڳالهه ٿا ڪن يا اُن جي بقا لاءِ جدوجهد ٿا ڪن ته يڪدم فتوائون جاري ٿي ٿيون وڃن ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن.
غلطيون ڪوتاهيون بحرحال هتان جي رهواسين جون به آهن. جن کي اسلام جي نالي پٺيان بليڪ ميل ڪيو ويو هو ڪجهه عقل سمجهه کان ڪم وٺن ها ته حالتون هن حد تائين خراب نه ٿين ها. اڄ جي نوجوان ٽهي کي ته هي حالتون اڳئين نسل جي غلطين عيوض مليون آهن وري به وقت ويو ڪونهي. هاڻ به متحد ٿي هڪ واٽ وٺي هلجي. محنت جو جذبو هن قوم ۾ پيدا ڪجي. هڪ سچي ۽ صاف گو ليڊرشپ مهيا ڪئي وڃي ته پوءِ شايد ڪافي مسئلن جو حل نڪري اچي.
آچر 9 سيپٽمبر1990ع