ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اُستادن مٿان ڪيل ظلم

تازو وري ڪراچي يونيورسٽي ۾ اُستادن کي بيعزت ڪيو ويو. اُنهن جو جيڪو حال ڪيو ويو آهي سو ورجائڻ جي ضرورت نه آهي. اُهو سڀ ڪجهه اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. تعليمي ادارن ۾ استادن جي بيعزتي ڪانئين ڳالهه ڪانهي. ياد اٿم سال ٻه اڳ ڪراچي يونيورسٽي جي ئي سنڌي شعبي تي حملو ٿيو هو. اُت ڪافي زيان ڪيو ويو هو. وڏن اديبن ۽ مشهور عالمن جا پورٽريٽ ۽ تصويرون ٽوڙي ڦاڙي ڦٽي ڪيون ويون. سنڌي ڪتاب جن ۾ قرآن شريف جا تفسير ۽ اسلامي ڪتاب شامل هئا سي سڀ لائبرريءَ مان ڪڍي ساڙيا ويا. اُت ڪنهن چيو ته هنن ۾ قرآن جون آيتون لکيل آهن هنن کي نه ڦاڙيو ۽ نه ساڙيو ته جواب ڏنو ويو ته قرآن جون آيتون آهن ته ڇا آهي!!! آهن ته هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل...... اُت استادن کي مارڪٽ ڪئي ويئي. ۽ اُت تالا بندي ڪئي ويئي. چيو ويو ته هاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبو ٻيهر نه کلندو. اها خبر صرف سنڌي اخبارن ڏني. اردو پريس ته ان جو ذڪر به نه ڪيو. ڇو ته اهو سنڌي شعبو هو ۽ ات استاد به سنڌي هئا اُن ڪري اتان جي ٻين شعبن جي استادن به ڪو به تعاون نه ڪيو. آخر مڙيئي ڳالهيون هلائي زندگين جا تحفظ گهري وري ٻيهر سنڌي شعبو کليو. هاڻ جن استادن جي بي عزتي ٿي آهي ۽ هو سڀ سنڌي نه آهن ان ڪري اُنهن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. هاڻ ڏسڻو هي آهي ته هو پنهنجي تحفظ ۽ عزت لاءِ ڪهڙو ايڪشن کڻن ٿا.
منهنجي نظر ۾ اُستاد صرف استاد هوندو آهي. ان جي عزت ڪرڻ کپي ۽ هئڻ گهرجي. اردو پريس جو جيڪو ڪردار رهيو هو آهي سو ڪنهن کان لڪل ڪونهي. مان چوندي آهيان ۽ هنن هنگامن کي وڌائڻ ۽ نفرتن جي پاڙ وجهڻ ۾ جيترو هٿ سياستدانن جو آهي، اوترو ئي هٿ اردو پريس جو به آهي. هاڻ به ڇا ٿيو آهي. خبر صرف اها آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن گروهن ۾ تصادم ٿيو آهي. ڪنهن جا ڪيترا شاگرد زخمي ٿيا آهن. اهي ڇوڪرا جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اُنهن جو ڪهڙي تنظيم سان تعلق آهي. اهي چار ڇوڪرا جيڪي اُتان جي پروفيسر کي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ ان کي بيعزتي ڪري ڇڏي ويا. انهن مان هڪ ته ڀڄي ويو باقي ٽي گرفتار ٿيا آهن. اُهي ٽي ڪير آهن، اُنهن جو ڪهڙي تنظيم سان تعلق آهي. اخبارن ۾ اها خبر بلڪل موجود ڪونهي. ها باقي ان جاءِ تي هجي ها ڪا سنڌي تنظيم ته سائين خبرن ۾ اهم خبر اها هجي ها. خبر کان علاوه ائين لکيو وڃي ها. ته باوثوق ذرائع کان معلوم ٿيو آهي، يا وري معتبر ذرائع کان معلوم ٿيو آهي، بس پوءِ سائين نفرت انگيز پروپگنڊا شروع...... هاڻ تازو حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم ۽ لاڏلا گروپ ۾ جيڪا وٺ پڪڙ ٿي. اُنهن ٻنهي گروپن چار پنج ڏينهن جيڪا حيدرآباد جي حالت ڪئي هئي، سڄي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو، ڏينهن رات زبردست فائرنگ ٿيندي رهي. ماڻهو مرندا رهيا پر سائين اردو پريس کي صفا چپ، رڳو اها خبر ته حيدرآباد ۾ ٻن گروهن جو پاڻ ۾ تصادم پر اهي ڪير آهن، انهن جا نالا لکڻ جي ڪنهن ۾ به همت نه آهي. هن جاءِ تي هجي ها ڪا سنڌي تنظيم ۽ اُها رڳو اڌ ڪلاڪ فائرنگ ڪري ها ته ايتري ته وٺ پڪڙ ٿئي ها جو پندرهن ويهه ڏينهن اها خبر اخبارن ۾ گردش ڪندي رهي ها............
هنگامن جي دوران اگر اردو اخبارون پڙهو ۽ اُن تي سوچ ويچار ڪيو ته ڏسبو ته اردو پريس ڄاڻي ٻجهي هنن هنگامن کي هوا ڏين ٿيون. جڏهن به هنگامن جي دوران اخبارون پڙهو ته هڪ وڏي خبر هوندي ته شرپسندن، دهشتگردن پناهگيرن جا ٽي دڪان ساڙي ڇڏيا، يا اُنهن تي حملو ڪيو. اُن سان گڏوگڏ انهن پناهگيرن جي ليڊرن جا پنج ڇهه مذمتي ۽ ڌمڪي آميز بيان ڇپيل هوندا آهن. اُت اخبار جي وچ ۾ يا وري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هڪ ننڍڙي خبر هوندي ته فلاڻي هنڌ ويهن گهرن ۽ دڪانن کي پهرين لٽيو ويو ۽ پوءِ ساڙيو ويو. نامعلوم شرپسند سوزڪين ۾ چڙهي آيا ۽ هليا ويا. بس سائين ٿيو خبر! ڪنهن کي به خبر نه پئي ته هي ويهه دڪان ۽ گهر ڪنهن جا هئا. ڪنهن جي نظرهن خبر تي پئي ڪنهن جي نه پئي....... ٻي اهم پاليسي جيڪا اُنهن اختيار ڪئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي هنگامن ۾ شهيد ٿين ٿا ته هو اُنهن جا نالا ته اخبار ۾ لکن ٿا پر هو ڪٿان جا رهواسي هئا يا انهن جون ذاتيون ڪهڙيون آهن اهو سڀ ڪجهه هو نه لکندا آهن......نالا سڀ هڪ جهڙا پوءِ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته مرڻ وارا ڪير هئا. ها باقي ڪو سنڌي چورين ۽ ڌاڙن ۾ گرفتار ٿئي ٿو يا هنگامن ۾ گرفتار ٿئي ٿو ته پوءِ اُنهن جو پورو نالو ذات سان گڏ ۽ هو ڪٿان جو رهواسي آهي، اها سڄي هسٽري لکي ۽ ڇپي ويندي آهي. اردو پريس سالن کان وٺي اڄ تائين اها پاليسي رکي آهي جو انهن اڳيان سڀ سنڌي غدار آهن، ڌاڙيل ۽ چور آهن، ڀارت جا ايجنٽ ۽ “را” تنظيم جا نمائندا آهن. اگر واٽ ويندي به پوليس ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ کي گرفتار ڪندي ۽ اُن وٽان ڪو پستول هٿ اچي ويو. چاهي اُن شخص وٽ اُن پستول جو لائسنس هجي ۽ اُن اُهو پستول پنهنجي تحفظ لاءِ رکيو هجي. اخبار ۾ خبر اچي ويندي هڪ وڏو دهشتگرد جنهن هندستان مان ٽريننگ ورتي آهي ۽ “را” تنظيم جو ايجنٽ آهي سو گرفتار ٿيو آهي........ اردو پريس جي اڳيان ڪو به سنڌي محب وطن ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي. سنڌي لفظ جي معنيٰ ئي آهي اُنهن وٽ غدار ۽ ڪافر.....هر ملڪ ۾ ڪي قومون اقليت ۾ ته ڪي اڪثريت ۾ هونديون آهن جيڪي قومون اقليت ۾ هونديون آهن اُنهن کي سڀ بنيادي حق ۽ تحفظ حاصل هوندو آهي. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي اقليتي قومون آباد آهن. هو سڀ عزت ۽ آبرو سان رهن پيون. پر سنڌ ۾ جيڪي هندو آهن ۽ اُهي ويچارا سنڌي آهن. ان ڪري اُنهن کي جو ڀوڳڻو ٿو پوي ۽ زياديتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. اُهو صرف اُن ڪري نه آهي ته ڪو هندو آهن. هندو ته ٻيا به گهڻا آهن، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا پر سنڌ ۾ هندن سان ظلم صرف اُن ڪري آهي ته هو سنڌي آهن، تاريخ اُن ڳالهه جي شاهد آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو امن پسند، ڊڄڻا، واپاري ۽ علم وارا هئا.اُهي نه ڪنهن سان وچڙندا هئا نه وري وڙهندا هئا. هڪ ته هو ٿورائي ۾ هئا ۽ ٻيو ته هو هن ڌرتيءَ کي پنهنجو سمجهندا هئا. اُنهن جي ٻولي به سنڌي هئي. هو سياست ۾ بهرو وٺڻ کان سواءِ ئي سماجي ڪمن ۾ رڌل هوندا هئا. مذهبن جي بنياد تي جهيڙو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن انسان انتها پسند ۽ جنوني ٿي ويندو آهي. انگريزن سنڌ ۾ داخلي انتشار لاءِ پهرين ڪوشش اها ڪئي ته هو سنڌ ۾ هندن مسلمانن جو تصادم ڪرائين. جهڙي طرح هندستان ۾ هندو مسلمان هڪ ٻئي جي جان جا دشمن هئا. اها به تاريخ جي وڏي حقيقت آهي ته انگريز سنڌ ۾ هندن مسلمانن جو جهيڙو نه ڪرائي سگهيا. سنڌي مسلمان هندن جي عبادت گاهن جو احترام ڪندا هئا. هندو سنڌي ته اهڙا هئا جو هو مسلمانن جي مسجدن ۽ مزارن جو احترام ۽ عزت ايتري ڪندا هئا جو شايد مسلمان به نه ڪن. هندو ۽ مسمانن جو جهيڙو ته انگريز نه ڪرائي ئي سگهيا پر مسلمانن کي مسلمانن سان ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ورهاڱي کان پوءِ ٿيل مشهور شيعا سني فساد جيڪو خيرپور جي علائقي ٺيڙهي ۾ ٿيو سو به هڪ تاريخي واقعو آهي.......
اردو پريس جو هميشه اهو رويو رهيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي مسلمان ڪجهه به نه آهن ۽ تعليم ۽ اقتصاديات تي مڪمل ڪنٽرول هندن جو آهي. سنڌ جا سنڌي مسلمان هندن جا زيردست آهن.
ٻه سال کن اڳ هڪ شيطانن جي ٽولي جن جو مهندار اشتياق اظهر هو، اُنهن هڪ ڪوڙو ۽ نام نهاد سنڌ جو دورو ڪيو هو. خبر نه آهي ته هو سنڌ گهميا به الائجي نه، پر انهن جيڪا رپورٽ پيش ڪئي ۽ اها رپورٽ سڀني اردو اخبارن ۾ ڇپي هئي، اها برداشت جوڳي نه هئي. اُن ۾ انهن اهو ٻڌايو هو ته سنڌ ۾ اصل حڪمراني هندن جي آهي. لاڙڪاڻي شهر ۾ ته هندن جون خوبصورت عورتون جيڪي هندستان مان آيون آهن ۽ جاسوس آهن، انهن کي رستن ۽ روڊن تي نظر آيون. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پاڪستان زندهه باد جو ترانو ڳايو ڪونه ويندو آهي. اُت هندستان جو قومي ترانو “بندي ماترم” ڳايو ويندو آهي. سنڌي پاڪستان جا مخالف آهن، غدار آهن، اُنهن شيطانن کي سنڌ ۾ هڪ به چڱو محب وطن ماڻهو نظر نه آيو، سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا سنڌي ماڻهن جي منهن تي چماٽ هئي ۽ لعنت هئي سا اها هئي ته سنڌين جون ڪنواريون ڌيون هندن وٽ گروي رکيل آهن. اها ايڏي وڏي ڳالهه هنن شيطانن چئي. اها رپورٽ ڪافي طويل ۽ نفرت انگيز هئي. افسوس ته صرف اهو آهي ته ان رپورٽ جو قابل قدر جواب ڪنهن به سنڌي ليڊر ڪونه ڏنو. انهن جي همت تڏهن ئي ته وڌيل آهي. ڇو ته هو سمجهن ٿا ته اسان ڇا به چئون، ڪجهه به لکون اسان کي ڪو چوڻ آکڻ وارو آهي ئي ڪونه.
مان ڪا عالم دانش واري نه آهيان. سنڌي علم ادب جي اڃا شاگردياڻي آهيان. اڃا منهنجي ڄاڻ وسيع نه آهي. پر هيءَ ڳالهه مان اُن ڪري پئي چوان ته مان به هن معاشري ۾ رهان ٿي. سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ سان معمولي واقفيت اٿم، اهو ممڪن آ ته مان غلط هجان پر منهنجي ڄاڻ موجب جنهن وقت اسلام ۽ غلامن جي خريد فروخت ٿيندي هئي. غلام جن ۾ عورتون، مرد، ٻار ۽ نوجوان ڇوڪريون شامل هيون، انهن جو وڏيون منڊيون لڳنديون هيون. عرب ملڪن کان وٺي ايران ۽ ٻين ويجهن اسلامي ملڪن ۾ اهو انسانن جو واپار عام جام ٿيندو هو. پر سنڌ جي تاريخ ۾ (جيستائين مون کي ڄاڻ آهي) ته ڪڏهن به اهڙو انسانن جو واپار نه ٿيو آهي. سنڌ جي امير امراءُ کي به اگر غلام خريد ڪرڻا هوندا هئا ته ايران جي منڊين مان وڃي غلام خريد ڪري ايندا هئا. سنڌ جي معاشري ۾ عورت کي هميشه عزت ڏني ويئي آهي ۽ ان جو رتبو بلند رکيو ويو آهي. سنڌ جي مرد، عورت کي پنهنجي شان، مان ۽ عزت سمجهي اُن جي حمايت ڪئي. اهو بحث الڳ آهي ته ان حفاظت پويان عورت کي قيد بند ڪري ٻيا مسئلا پيدا ڪيا ويا پر ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪندو ته سنڌي مرد پنهنجي عورتن جا محافظ رهيا آهن، غيرت وچان ڪڏهن اُنهن پنهنجون زندگيون تباهه ڪيون آهن ته ڪڏهن وري اُنهن عورتن جو قتل عام ڪيو آهي. اهو ڪيئن ممڪن ٿو ٿي سگهي ته جڏهن ان جاهليت جي زماني ۾ جڏهن علم به ايڏو عام نه هو تڏهن به سنڌي عورت کي مرد جو تحفظ حاصل هو سو هاڻ هن ويهين صديءَ ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجون عورتون وڃي هندن وٽ گروي رکندا. وڪڻي ايندا ۽ هنن شيطانن جي ٽولي کي اهي سڀ ڳالهيون سنڌ ۾ نظر آيون............. اردو پريس جي پروپيگنڊا نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان ۾ سنڌين لاءِ نفرت پيدا ڪري ڇڏي آهي. توهان پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃو توهان اُت ويهي سنڌ جي سورن جي ڳالهه ڪندا ۽ اُنهن کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائيندا جيڪو ڪجهه پناهگيرن سنڌين سان ڪيو آهي ته ماڻهو توهان کي چريو ۽ پاڳل سمجهندا. جواب ۾ هو توهان کي بڇڙو ڪندا ته توهان صرف ڌاڙيل آهيون ۽ ويچارن پناهگيرن لاءِ باهه ٻاري ويٺا آهيو.............
انهن سڀني حالتن جا ذميدار سنڌي ليڊر آهن جيڪي صحيح وقت تي غلط ڳالهه، غلط وقت تي صحيح ڳالهه ڪندا آهن. موقع مهل سان جواب ڏيڻ يا سياست ڪرڻ ته اُنهن کي اچي ئي ڪانه. سڀ کان وڏو ظلم جيڪو سنڌين تي آهي ته پريس ميڊيا سنڌين جي خلاف آهي. مان هميشه مختلف جاين تي اهو چوندي رهي آهيان ته سنڌين کي هڪ مضبوط اخبار اردو ۾ ڪڍڻي پوندي. ٻيو ڪو طريقو ئي نه آهي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو، پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ جو. اچو ته گڏجي پنهنجي تحفظ جي بچاءُ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جا وسيلا پيدا ڪيون.......
آچر 2 ڊسمبر 1990ع