سنڌين جي بقا ۽ فنا وچ ۾ پلصراط
ڏکيو ته هر ڪم آهي، هر مسئلو آهي. ها مرڻ سولو آهي سنڌين جو ۽ جيئڻ ڏکيو آهي. سنڌين جو رت نه ٿيو. رنگ ٻڏل پاڻي جيڪو جت به هارجي، جت به وهائجي ثواب جو ڪم آهي. سنڌي غدار آهن، سنڌي ڪافر آهن، سنڌي ڌاڙيل آهن. سنڌي ڀُوڪ آهن. هت بي عقلن جي بادشاهي آهي. عام ماڻهوته ڍور ڍڳو آهي. انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو قصو لڳو پيو آهي.
هاڻ ڏسڻو هي آهي ته هن انڌير نگري چرٻٽ واري ماحول ۾ جيڪو سالن کان وٺي جاري ساري آهي. ڇا اُن ۾ عام سنڌي ماڻهو بي عقل آهي؟ ڍور ڍڳو آهي؟ ڇا اڄ به اُن کي ڏنڊي جي زور تي هڪلي سگهجي ٿو؟ سچ ته هي آهي ته عام سنڌي ماڻهوءَ کي هميشه جانور سمجهي، بي عقل ۽ اٻوجهه سمجهي هڪليو ويو آهي. جڪڏهن اُن بي سمجهه عام سنڌيءَ کي ڪم ٽپائي پوءِ ظلم جي انڌيري ۾ ڦٽو ڪيو ويو ته اُن بعد هو عام سنڌي ماڻهو، اڪيلو، پريشان ۽ بدحال ٿي ويو ته پوءِ اها خطري جي ڳالهه آهي جيڪڏهن هن پاڻ کي اُن انڌيري مان ڪڍڻ جي لاءِ هٿ پير هنيا، جدوجهد ڪئي، قربانيون ڏنيون. اُن جدوجهد ۽ قربانين ۾ ساٿ ڏنو قلمڪارن واٽون ٺاهيون رستا کوليا، روشنيون ڦهلايون اديبن ۽ دانشورن .....
ان مليل جليل جدوجهد جنهن ۾ هر ڪنهن پنهنجو ساٿ چڱي طرح نڀايو. انهيءَ جدوجهد ۽ قربانيءَ جو حاصل اهو ٿيو جو هر سنڌي چاهي هو شهر ۾ رهندڙ هجي يا ٻهراڙيءَ ۾، واهڻ ۾ رهندڙ هجي يا جبلن ۾، اُن هڪ متفق فيصلو ڪيو. اُهو فيصلو ايڏو ته مضبوط ڪيو. اُهو فيصلو ايڏو ته مضبوط، ايترو ته طاقتور هو جو وڏا وڏا اڙٻنگ وڃي پٽ پيا. ان بحث ۾ پوڻ اجايو آهي ته اُهو فيصلو صحيح هو يا وري غلط، پر سنڌي ماڻهن تان اهو طعنو لٿو ته سنڌي ڀوڪ آهن، بي عقل آهن، يا وري جانور آهن..... جن کي ڏنڊي جي زور تي هلايو ويندو هو. شعور، جاڳرتا ۽ سچائيءَ عام ماڻهوءَ کي اهڙي واٽ ڏيکاري جو اُن واٽ تي هلندي، ڪنهن به پير، مير، ۽ سرمائيدارن جي دڙڪن، دهمانن، واعدن ۽ قسمن، ظلم ۽ زياتيون ڪنهن به طريقي سان اُن کي روڪي نه سگهيون.
مطلب ته اها ڳالهه واضح ٿي ويئي ته سنڌي متحد ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪير انهن کي متحد ڪرڻ چاهي.... عام سنڌيءَ جو هي فيصلو ڪو معمولي فيصلو نه هو. اُن فيصلي هن ملڪ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اُن عام سنڌيءَ جي قوت ۽ فيصلي وڃي ماڻهن کي تخت تاج جو وارث بنايو .....
وزارتون ۽ سفارتون ڏياريون.... افسوس جي ڳالهه ته هيءَ آهي ته ايڏو وڏو انقلاب اچڻ کانپوءِ قدر نه ٿيو ته اُن عام سنڌيءَ جو نه ٿيو جيڪو اصل طاقت، اصل بنياد هو اُن انقلاب جو دهشتگردن باهه ٻاري ڏني. هيڏا قتل ٿيا. هيڏا ظلم ۽ زيادتيون ٿيون پر ڪنهن به سنڌيءَ جي مٿي تي هٿ نه رکيو. ڪنهن به اُنهن جي رکوالي نه ڪئي. ڏوهه ڪنهن جو آ، جوابدار ڪير آهن؟ سڀ ڪنهن کي خبر آهي. اُن ڪري اُن پس منظر ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي نه آهي. هاڻ ته فيصلو هي ڪرڻو آهي ته آئينده ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻ وري اچي ويو آهي هڪ وڏو انقلاب. اُن اٿل پٿل ۾ اسان جهڙن قلمڪارن کان وٺي هر سنڌي حيران پريشان آهي. آهن به ته پريشان ڪندڙ حالتون! اڄ سنڌ ۾ زندگي گذارڻ هڪ مسئلو آهي، اڄ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واريون حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن. مطلب ته فنا ۽ بقا جي پلصراط تي بيٺل سنڌيءَ جون حيرت وچان اکيون ڦاٽي ويون آهن. دماغ مائوف ٿي ويو آهي. سوچن جي سمنڊ ۾ غلطان آهي اڄ جو سنڌي آهي به ته حيراني جهڙي ڳالهه؟اچرج ۾ وجهندڙ آهن هي حالتون...... سنڌ جي حالتن تي لکيل تاريخ جو هي صفحو جيڪو هاڻ لکيو پيو وڃي ۽ اُن تي جيڪا ڪارنهن ملي پئي وڃي. ڪنهن سوچيو آهي ته سنڌين جو آئينده نسل (جيڪڏهن بچيو) ڇا سوچيندو، ڇا راءِ قائم ڪندو؟ اڄ جي اُنهن سياستدانن جي باري ۾ جيڪي بي ضميريءَ جي انتها تائين پهچي ويا آهن. وڏ گهراڻا سياستدان جن کي هر حالت ۾ ڪرسي کپي، گهر جي ڀاتين مان هڪ حزب اقتدار ۾ آهي ته ٻيا حزب اختلاف ۾، بهانو اهو آهي ته سائين منهنجا! اهو اُن منهنجي ڀاءُ جو ذاتي فيصلو آهي. آهي ته اسان جو ئي ڀاءُ پر جهل اصل نه ٿو ڏئي. اهي ماڻهو جن کي سچو سمجهيو ويو. جن کي سنڌي عوام پنهنجو هڏڏوکي سمجهيو اڄ اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٽپ ڏيئي وڃي ڪرسين تي ويٺا آهن ۽ چون ٿا ته اسان قوم پرستيءَ جي حوالي سان خدمت ڪرڻ آيا آهيون...... وزارتون ۽ سفارتون وٺڻ ڪو ڏوهه جو ڪم نه آهي. آخر سنڌي ڇو نه وزير ٿين ڪامورا ٿين. اها ڳالهه ته خوشيءَ جو باعث آهي. افسوس ته صرف اُن ڳالهه جو آهي ته ٿوري وقت لاءِ پنهنجو ضمير وڪڻي اُنهن سان گڏ وڃي ويهجي جيڪي سنڌين جي جوانن جي خونن جا جوابدار آهن. جيڪي سنڌين جي نياڻين ۽ ڀيڻن جي عزتن جا قاتل آهن، اُهي جن سنڌين کي اقتصادي توڙي سماجي طور تباهه ڪيو آهي. اُنهن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي وڃي ويهجي ته هي اسان جا ڀائر آهن....مان سمجهان ٿي ته جيستائين سنڌي متفق ٿي اهو فيصلو نه ڪندا ته ڪير اسان جو دشمن آ ۽ ڪير اسان جو سڄڻ آهي، اوسيتائين ڪا به روشن واٽ نه ملندي. عام سنڌي سجاڳ آهي. اُن جي ذهني تربيت ٿي چڪي آهي. هاڻ تربيت ڪرڻي آهي سنڌي سياستدانن جي اُهي سياستدان ڳالهه ته ڪن ٿا سنڌ جي ماڻهوءَ جي، اُن جي مسئلن جي پر هو سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿي متحد ٿي نه ٿا سگهن. پنهنجن هٿن سان هٿ ملائي هڪ مضبوط قوت نه ٿا بڻجي سگهن، سڀ ڪو پنهنجي الڳ چلهه ٻاريو، ڪنو چاڙهيو ويٺو آهي. مٿان وري دعويٰ اها آهي ته اسان ئي سنڌين جا همدرد ۽ هڏڏوکي آهيون. جڏهن ٿا ملن ووٽ اُنهن کي ۽ پهچن ٿا هو اسيمبلين ۾ ته اها ڳالهه ئي انهن کان وسريو وڃي ته اُنهن کي اُن رتبي تي پهچائڻ وارا ڪير آهن. اها خواهش ته هاڻ هر سنڌيءَ جي دل آهي ته ڪاش هي سڀ سياستدان هڪ هنڌ متحد ٿي هڪ مضبوط پليٽ فارم ٺاهين. پنهنجي ذاتي خود غرضين ۽ انا کي ڇڏي گڏجي پون ته پوءِ هن ڌرتيءَ جو پيٽ ئي ٺري پوندو.
آچر 2 سيپٽمبر1990ع