سياسي ماحول ۾ انسانيت جو موت
اسان هن ويهين صديءَ جا رهواسي جيڪي ايڪويهين صديءَ ڏي قدم وڌايون پيا. اسان سڀ اڄ جي ترقي يافته ماحول ۽ ڪمپيوٽر ائيزڊ زماني ۾ رهون ٿا. چوڻ لاءِ اسان ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. چنڊ تي به پهچي ويا آهيون ۽ تريءَ تي بهشت به ٺاهي سگهون ٿا. آسمانن جون بلنديون ۽ زمينن جون اونهايون اسان جي عقل ۽ محنت جون تابع ٿي ويون آهن. هاڻ هت سوال اهو ٿو اڀري ته ايتري ترقيءَ جي بلندين تي پهچڻ جي باوجود اسان وٽ اخلاقي قدر پاڻ ۾ احساس ۽ پيار محبت اها رهي آهي جيڪا اسان جي وڏن ۾ هئي؟
اسان جا اهي وڏا جن هي ترقي يافته زمانو ڪين ڏٺو هو. ڪتابن ۾ پڙهيو اٿئون خود اسان جي موجوده وڏن جون ڳالهيون ٻڌي ته اهي سڀ پنهنجي محدود دائري ۾ رهندا هئا ۽ خوش به گذاريندا هئا. انهيءَ دائري ۾ رهي ڪري پنهنجن مسئلن جو حل به تلاش ڪري وٺندا هئا. اسان جي سنڌ جي قديم تاريخ مان اسان کي جيڪي به قصا ڪهاڻيون ۽ روايتون ملن ٿيون. انهن ۾ اها حقيقت موجود آهي ته پيار پنهنجائپ جو رشتو هر ڳالهه تي حاوي هو. گهڻو پري نه ٿا وڃون صدي ٻه صدي اڳ جي تاريخ کي ڏسجي يا وري هاڻ به اسان جي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ وڃجي ته ڪن هنڌن تي اهڙيون ريتون رسمون موجود آهن. ان ۾ توهان کي فردن جا گڏيل ڏک ۽ گڏيل خوشيون ملنديون مهمان نوازي پيار محبت ڄڻ ته انهن جي وجود ۾ ڀريل آهي.
ڪنهن جي گهر ۾ ڪو چور داخل ٿيو سڀ ڪو پنهنجا ڏنڊا کڻي هڪ رڙ تي ڀڳو ايندو اهي. هاڻ ڇا ٿو ٿئي جو خطرناڪ هٿيار کڻي حملا ڪيا ٿا وڃن. اڄ ڪلهه رڙ ۽ واڪي تي ڪو به ڪو نه ٿو ڀڄندو اچي. الٽو پنهنجي گهرن جا دروازا ۽ دريون مضبوطيءَ سان بند ڪيون ٿيون وڃن. واٽ ويندي ڪو ظلم ٿيندو ڏسي اسان پاڻ پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ لڳي ويندا آهيون. حقيقت ۾ ڪي ماڻهو چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن. ڇو ته اسان سائنسي ترقيءَ ۾ ايتريون ته خطرناڪ ايجادون ڪيون آهن جو هاڻ اسان پاڻ وڏي پئماني تي ان جو شڪار ٿي رهيا آهيون. اڳ چور ڏنڊا کڻندا هئا ۽ ڌاڙيلن وٽ بندوقون يا پستول هوندا هئا. انهن هٿيارن سان هڪ وقت ۾ هڪ ماڻهو متاثر ٿيندو هو. پر هاڻي موجوده هٿيارن تي آڱر رکڻ سان سوين گوليون ٺڪاءُ ڪيو نڪريو پون. ان ۾ بي گناهه رستي ويندڙ سڀ ڪو شڪار ٿيو وڃي. اڳ هٿيار ڳرا هوندا هئا انهن کي هٿن ۾ جهلي نشاني سان وار ڪيو ويندو هو. هاڻ ته سائين ڪاڳر جهڙا هٿيار آهن. شاني وٺڻ جي به ضرورت نه آهي. رڳو اڱر رکڻ جي دير آهي. بس ٺڪاءُ، ٺڪاءُ ۽ ٺڪاءُ پوءِ ڪجهه به ته ڪين ٿو بچي......!!!
سياست ۽ ذاتي دشمنيون اهي مردن جا مامرا آهن. عورتون ۽ ٻار ان ۾ متاثر نه ٿيڻ کپن. هاڻ ڏٺو اهو ويو آهي ته جنهن سان دشمني آهي اها کڻي ذاتي هجي يا وري سياسي ان ۾ نياڻين سياڻين جو قدر ڪونه ٿو ڪيو وڃي. پنهنجي دشمنن کي اهو باور ڪرايو ٿو وڃي ته منهنجي مقابلي نه اڄ تو وٽ به ته ايتريون نياڻيون ۽ نهون آهن، جوان ۽ خوبصورت.......!!
اڄ جي دور ۾ خوشحالي ۽ پئسي جي گهڻائي ٿي آهي، شهرن جا رهواسي خاص ڪري انهن کي هر قسم جون سهولتون ميسر آهن.
غلط رستي کان ڪمايل پئسو والدين پنهنجي ٻارن ۽ پاڻ مٿان پاڻيءَ وانگر خرچ ڪن ٿا. والدين پنهنجي اولاد کي پئسي جي زور تي هر قسم جي ذهني، جسماني توڙي تعليمي سهولتون مهيا ڪري ڏين ٿا پيا.....اهو سڀ ڪجهه ڪري هو سمجهن ٿا ته اسان هاڻ هن معاشري جا خوشحال ۽ پڳدار رهواسي آهيون... انهن سببن جي ڪري ئي اسان جو معاشرو بجاءِ اڳتي وڌڻ جي تباهه ۽ برباد پيو ٿئي. اڄ ڪلهه پئسو عيب ڍڪي ٿو پئسو وڏا جرم ڪري پاڻ ڇڏائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو...... هر طرف نفسانفسي ۽ پئسي جي راند آهي. انهن سببن جي ڪري ئي اسان جي معاشري ۾ اخلاقي قدر ۽ رسمن رواجن جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي. سياستدان هجي يا ڪامورا يا وري وچولي طبقي جا ماڻهو سڀ ڪو ان ٻيڙيءَ جو سوار آهي. زيادتيون ڪرڻ جا طريقا جام آهن ته پاڻ بچائڻ لاءِ پئسي کي استعمال ڪرڻ جا طريقا به جام آهن. هاڻ ٿي ڇا رهيو آهي جو ڏوهن ۽ ڏاڍاين جو تعداد وڌندو پيو وڃي پر مجرم گرفتار ڪونه ٿا ٿين. روزانو شهر ۾ گاڏين جي ڦر، بئنڪن ۾ ڌاڙا، عورتن، نياڻين ۽ ٻارن جو اغوا اهي سڀ معمول جا ڌنڌا آهن.
ايڏي وڏي پئماني تي ڪيل جرمن ۾ مجرم الائجي ڪاڏي گم ٿو ٿي وڃي؟؟....
ڏٺو اهو ويو آهي ته اليڪشن جي زماني ۾ تشدد اڃان به وڌيڪ وڌي ٿو وڃي. سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي مد مقابل هڪ ته زبان خراب استعمال ڪنديون آهن. ٻيو وري هڪ ٻئي مٿان خوفناڪ قسم جون هلائون ڪندا آهن. شهر ۾ اهڙي قسم جون حالتون پيدا ڪيون وينديون آهن جو عام ماڻهو ان جو شڪار ٿيندو آهي. اهي حقيقتون ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهن پر افواهون ايڏيون ته وڌي وينديون آهن جو ڪن حالتن ۾ ڪوڙ به سچ ٿي پوندو آهي.
اڄ ڪلهه ڪراچيءَ ۾ ٻارن جي اغوا جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي ان ۾ ڪيتري حقيقت آهي ان جي خبر پئجي نه سگهي آهي. پر ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي واقعا بلڪل ڪونه ٿيا آهن....اليڪشن جي زماني ۾ ڪي سياسي گروهه ٻاهر نڪري ڪري اهڙا ڪم ڪندا آهن. ڪافي ڏينهن کان وٺي سياسي گروهن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ هڪ ٻئي تي حملا، ٻارن ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جي ڇوڪرين جو اغوا تمام گهڻو وڌي ويو آهي. اسڪول جي بسين جي ٻارن سميت اغوا، روزانه اڻ سڃاتل مليل لاش، ٻورين ۾ وڍيل ڪَٽيل لاش اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟
ڇا اڄ جو انسان اخلاقي طور ايترو ڪري چڪو آهي. ان مان انسانيت ايتري ختم ٿي چڪي آهي جو مرڻ مارڻ ڪنهن کي اذيت ڏيڻ معمولي ڳالهه ٿي پئي آهي؟
ايڏي سائنسي ترقي ڪرڻ کانپوءِ انسان جو وير انسان سان وڌندو پيو وڃي. سائنسي ايجادون ترقي پيون ڪن. اهڙي ترقي جيڪا انسان ذات لاءِ هاڃيڪار آهي انسان پنهنجي وجود کي فنا ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي گهاٽ پيو گهڙي.
اڃا اليڪشن ٻه ٽي ڏينهن پري آهي. هن مهل تائين گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. انهن حالتن ۾ ووٽ ڪير وجهڻ ويندا؟ اڳيئي هن ملڪ جا ماڻهو اليڪشن کان بيزار ويٺا آهن. ملڪ جي حالتن ۽ هتان جي سياستدانن جي قول ۽ عمل جي تضاد هونءَ ئي انهن کي باغي ڪري ڇڏيو آهي. لڳي ائين ٿو ته يا ته اليڪشنون ٿينديون ئي ڪونه اگر ٿيون به ته ايتريون حيرت انگيز هونديون جو دنيا کي ڏندن هيٺ آڱريون هونديون.
آچر 3 آڪٽوبر 1993ع