فيصلو ڪرڻ گهرجي
ڪيترن ڏينهن کان وٺي دماغ ڄميل آهي. گولين جي ڪڙڪن وچ ۾ مان ويٺي آهيان. ڀلا ڪاڏي وڃان؟ پنهنجو گهر ڪيئن ڇڏيان؟ سڀڪو منهنجي همت تي داد ٿو ڏئي، سڀ ڪو حيران آهي ته مان اڃان تائين اهڙي خطرناڪ علائقي ۾ ڪيئن ويٺي آهيان. سچ ته اهو آهي ته منهنجو گهر منهنجي پناهه آهي. ڪافي مهينن کان مان ڪوشش ۾ آهيان ته هن پناهه کي وڪڻي ڪنهن اهڙي هنڌ وڃي پناهه وٺان جت زندگي گهارڻ سولي هجي. خير اِهي ته ڳالهيون پوءِ جون آهن. مقابلو ڪرڻ جي همت ته گھڻي اٿم. پر ذلت جي زندگي ۽ ذلت جي موت کان نفرت اٿم. اهڙين حالتن کان پاڻ کي بچائڻ چاهيان ٿي. مان پاڻ هڪ يارهن سالن جي ڌيءُ جي ماءُ آهيان. هي سڀ واقعا، هي سڀ ڳالهيون نه صرف مونکي ڏکوئين ٿيون پر ذهني اذيتون به ڏين ٿيون.
ڪيترن ڏينهن کان وٺي هراس ۾ ڊپ ۾ ويٺي آهيان. دماغ ڄڻ ته مائوف ٿي ويو آهي. ها پر اڄ مان رُني آهيان. دل کولي رُني آهيان ته ڪير مون کي پرچائڻ وارو هو ۽ نه وري ڪنهن منهنجا ڳوڙها اُگهيا آهن. روئي روئي ٿڪجي مان پاڻ ئي چپ ٿي ويئي آهيان. ڀلا اهو ته مان توهان کي ٻڌايان ته مان ڇو رُني آهيان؟ چڱو ڀلا ٻڌو! منهنجي روئڻ جو ڪارڻ....... ها اڄ جڏهن اها خبر پيم ته ڪالهه ڪنهن چيو آهي ته هو اسان جا دشمن نه آهن. هو اسان جا ڀائر آهن. اسان مهمان نوازي جو ثبوت ڏيئي سينو کولي انهن جي جاءِ ڏني. مشڪلاتون گهٽائڻ لاءِ اسان انهن سان ڀرپور تعاون ڪيو. اڄ اسان انهن کي درخواست ٿا ڪيون ته هو اسان سان زيادتي نه ڪن. اسان هٿ ٻڌي انهن کي عرض ٿا ڪيون ته هو اسان کي پنهنجي گهرن ۽ زمينن تان بي گهر نه ڪن. مذهبي رستي سان اسان ڀائر آهيون ۽ هن زمين جي وسيلن تي اسان جو ۽ هنن جو برابر جو حق آهي. دراصل هو اسان جا دشمن نه آهن. وچان دشمن ڪو ٻيو آهي. هن ڀاءُ اهو به چيو ته حڪومت قلعي تي چڙهائي ڪري اسان جي ڀائرن تي جيڪي زيادتيون ڪيون آهن، حڪومت ان ڳالهه جي معافي وٺي.......
وڌيڪ جيڪو ڪجهه چيو ويو آ، اها لکڻ جي همت نه اٿم. ها پر هي اهي سڀ ڳالهيون ڪرڻ وارو اسان جو هڪ سنڌي ڀاءُ آهي. هن محفل ۾ اهي ڳالهيون انهن ماڻهن سامهون ڪيون آهن، جيڪي اُن شخص جي پارٽي کي ڪافرن، غدارن، هندستان جي ايجنٽن جي پارٽي ۽ خبر نه آهي ڇا ڇا چوندا آهن. اهو سڀ ڇا آهي؟ هيءَ ڪهڙي سياست آهي؟ هيءَ ڪهڙي اک ٻوٽ آهي؟
مان ڄاڻان ٿي ۽ مان اُن ڀاءُ کان اهو به نه پڇندس ته هن وقت تائين ان پنهنجن ڀائرن هٿان قتل ٿيل ڪيترن سنڌي جوانن کي ڪفن پهرايو آ. يقيناً انهن جو تعداد لاتعداد هوندو. انهن پڙهيل لکيل سنڌين جو تعداد يقيناً اُن وٽ لکيل هوندو جيڪي لاوارثن وانگر قبر داخل ٿي ويا. ڪيترين سنڌي عورتن ۽ نياڻين جا لاشا هُن ڏٺا ۽ اُنهن نياڻين جون عزتون انهن ڀائرن هٿان پائمال ٿيندي ڏٺيون هونديون، ڪيترن ئي بي آسرا، گهرن مان ڏتڙيل ماڻهن کي سندس ئي پارٽيءَ پناهه ڏئي آسرا ڏنا اجهو ڏنو ۽ اڃا تائين ڏين پيا.
دشمن سامهون نروار لڳو بيٺو آهي اسان جا ڀائر اها همت به نه ٿا رکن ته هو دشمن کي دشمن چوڻ جي همت ڪن.
مون کي ته ڪجهه به نه ٿو سمجهه ۾ اچي. ممڪن آ توهان کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو هجي. مان سمجهان ٿي ته هن ويهين صديءَ جي آخر ۾ هن سائنسي ۽ ايٽمي دور ۾ اسان ويهي ائين چئون ته دشمن هڪ ٿڦڙ ماري ته اُن کي ٻيو ڳل به پيش ڪجي. اها ته چريائپ آهي. اسان ويهي اهو چئون ته ڇو ته اسان جي سنڌ جي اها تاريخ آهي ته اسان مهمان نواز آهيون ۽ اُن ڪري مهمان کڻي اسان کي ماري به وجهن ته اسان کي اُن تي اُف به ناهي ڪرڻو. مان دعوا سان ٿي چوان ته سنڌ جي اها تاريخ نه آهي. سنڌ جي ڌرتي دل ۾ جايون ڏنيون انهن کي جن اُنهن جو قدر ڪيو آهي. ڌڪي ٻاهر ڪڍيو آهي انهن قومن کي جن هت خون ۽ فساد پيدا ڪيو آهي. آخر هيءَ ڌرتي ڪيستائين اسان سنڌين جو تحفظ ڪندي. جڏهن ته اسان پنهنجي هٿ سان اُن جو قدر ۽ اهميت وڃايون پيا ڊڄڻ کپي اسان سڀني سنڌين کي جو ڪن ٿورن ماڻهن جي غلط اعمالن جي ڪري هيءَ ڌرتي اسان کي ڌڪي ٻاهر نه ڪڍي ڇڏي. وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ته ليڊرن کي اچن. اسان جهڙا ننڍڙا اديب ڪري به ڇا ٿا سگهن. اديب ته محبت ۽ امن جو پيامبر هوندو آهي پر اها منافقت نه اديب کي ڪرڻ کپي ۽ نه وري اسان جي ليڊرن کي ته هو سچ کي سچ نه چون. چاهي اُهو سچ ڪهڙي ئي خوفناڪ روپ ۾ ئي ڇو نه هجي. اهڙيون حالتون ڏسي ڪري ڪو اديب مون وانگر سڌي سنئين ڳالهه ته چوي ته اديب امن جو پيامبر آهي، هو ماڻهن کي نفرت جو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي جو هو پڙهندڙ کي اهو پيغام ڏئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ يا جنگ جوٽڻ ۾ ڪابه خرابي نه آهي! اڳرائي نه ڪجي پر جي ڪو حمله آور ٿئي ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همت هئڻ کپي. تاريخن جا وڏا فيصلا ۽ بقاءَ جون جنگيون بندوقن جي نوڪن تي ئي ٿيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زهر کي زهر سان ئي ختم ڪبو آهي. قوم جي بقا ۽ امن لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اهي فيصلا ڪير ڪندو؟ آهي ڪو جو هن ڏتڙيل قوم جي مٿي تي هٿ رکي؟ سچ ٻڌايو ته سڀني سنڌين جو ڪير آهي؟ آخر اسان ڪنهن جي پٺيان هلون، جيڪي هن خوفناڪ ماحول ۾ درخواستون ٿا ڪن ۽ هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪن؟ ڇا اسان کي زالين مڙسين ٻاهر نڪري هنن سڀني ليڊرن کي پري هٽائي وجود جي جنگ وڙهڻي پوندي؟ ڇا اسان جو انت اهو ٿيندو جو حيدرآباد جي سنڌين کي ڄامشوري ۾ ۽ ڪراچيءَ جي سنڌين کي سمنڊ ۾ وڃي اجتماعي خودڪشيون ڪرڻيون پونديون؟
اربع 13 جون 1990ع