ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

دل اندر جون ڳالهيون

اهو وقت ڪوشش جي باوجود به وساري نه سگهي آهيان. اهو وقت اهڙو هو جنهن سڀ کان پهرين منهنجي وجود ۾ جنگ جوٽي هئي. اها جنگ اڄ تائين وڙهندي پئي اچان. اڪيلي تنها . . . ڪيترائي ڪالم لکي دنيا جهان جا قصا ٻڌايا اٿم. اڄ دل چاهيو ته پنهنجي به ڳالهه ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو هانو به کولي ڇڏجي. ورهين اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن مان اڃا سنڌي پهرين درجي ۾ به داخل ڪا نه ٿي هئس. نٻل ڪمزور عام رواجي شڪل صورت رنگ، روپ به گهٽ. منهنجا ڀائر ڀينر سڀ رنگ جا گورا سهڻا. انهن وچ ۾ مان ڄڻ ته پرائي پئي لڳندي هيس. گهر ۾ ڪو مهمان اچي ته منهنجي پڇا ڪري ته هيءَ ڪير آهي؟ جڏهن خبر پويس ته مان به هن گهر جي ڄائي آهيان ته عجب وچان اکيون ڦاٽيو وڃنس. ان ويل مان ڪنڊون پاسا ڳولهي وڃي لڪندي هيس.
گهر ۾ سڀ سک، پئسو جام، نوڪر چاڪر پيا ڪم ڪن. ڀلا زميندارن جي گهرن ۾ ڪا ڪمي هوندي آهي ڇا. جيڪا شيءِ گهُر سان حاضر. ان ئي زماني ۾ اوچتو مان بيمار ٿي پيس ڳوٺ جي ڊاڪٽرن چڪاس ڪري گهر وارن جو هانو ئي ڏاري ڇڏيو. انهن چيو هن نينگريءَ کي ٽي بي آهي. امڙ ويچاري کڻي هيانو تي هٿ رکيو. گهر ۾ هئاسين اڳيان پويان نو ڀائر ڀينر، بيماري به اهڙي خطرناڪ. هاڻ مون کي ڪن ته ڪاڏي ڪن. سڀڪو چوي گهر جي ٻارن سان نه ويهي، نه ڪُڏي نه کائي نه پيئي. ان وقت اسان جي گهر ۾ هڪ مائي امان شاهل نالي رهندي هئي. (اڃان به رهندي آهي جهور پوڙهي ٿي ويئي آهي) ٻه ٽي سال اڳ جڏهن مانجهند شهر ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو ته هو ٽپڙ کڻي اچي اسان جي ڳوٺ ٽنڊو آدم ۾ رهي هئي. شاهل جو گهر جو ماحول مٽجندي ڏٺو ته ان کي ڏک ٿيو. ان صلاح ڏني ته جيستائين حيدرآباد شهر مان هن جي پوري چڪاس ٿئي ۽ علاج هلي، هيءَ هلي اسان جي گهر ۾ رهي. امان بابا جن خوشيءَ سان اهو فيصلو منظور ڪيو ڇو ته امان شاهل جي ڌيءَ امان کتان جنهن جي گهر ۾ مون کي موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويو سو به صفا ويجهو هو.
هڪ ڏينهن هڪ ننڍي پيتيءَ ۾ منهنجا لٽا ڪپڙا وجهي امان شاهل مون کي وٺي وڃي امان کتان وٽ ڇڏي آئي. ات پهچڻ سان منهنجي کير پيئڻ واري وٽڙي ۽ پاڻي پيئڻ وارو گلاس به اُت پيو هو . . . حال في الحال ته ڪجهه سمجهه ۾ نه آيم، ات ٻارن سان کيڏڻ شروع ڪيم. منجهند جو ماني گهران ڍڪجي آئي جيڪا مون کاڌي. هاڻ اچي شام ٿي ۽ مٿان رات به اچي ويئي. وري منهنجي گهران ماني ۽ کير کڄي آيا، ان وقت پهريون دفعو منهنجي دل ۾ خوف پيدا ٿيو. ضد ڪيم ته مان ماني هت نه کائيندس. گهر ويندس. هاڻ مون کي گهر جا ڀاتي ياد اچڻ لڳا. امان کتان مون کي هنج ۾ ويهاري پيار سان سمجهايو ته هاڻ تون ڪجهه ڏينهن اسان وٽ رهندين. ڏس تنهنجو هنڌ به هت وڇايو پيو آهي، رات جو توکي هت سمهڻو آهي. هي ويچارا غريب ماڻهو تن وٽ ان وقت بجلي به ڪا نه هئي. هٿ بتي ٻاريندا هئا. مان اهڙي ماحول جي عادي نه هئس. وڏي ڳالهه اها ته مان ڪڏهن پنهنجي گهر کان ٻاهر رهي ڪا نه هئس. سو مون هاڻ روئڻ شروع ڪيو. سڀ گهر جا ڀاتي گڏ ٿي ويا، مون کي پيار ڪرڻ لڳا سمجهائڻ لڳا. . . آخر مان مجبور ٿي وڃي پنهنجي منجيءَ تي ليٽي پيس. اها رات سڄي مون جاڳندي گذاري. ان رات کي مان اڄ تائين نه وساري سگهي آهيان. . . ٻئي ڏينهن صبح جو وري منهنجي لاءِ ناشتو ڍڪجي آيو ته وري مان ضد ڪيو گهر وڃڻ جو. پر ڪنهن به منهنجي ڳالهه نه ٻڌي مان به ٻار هئس وري کيڏڻ ڪڏڻ ۾ لڳي ويس. اهڙي طرح ٽي چار ڏينهن گذري ويا. هڪ ڏينهن امان شاهل آئي ۽ مون کي پاڻ سان گڏ گهر وٺي آئي، پريان جو منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن مون کي ڏٺو ته هو خوشيءَ وچان مون وٽ ڊڪندا آيا ته اڪرم اچي ويئي، اڪرم اچي ويئي. امان منهنجيءَ انهن کي دڙڪا ڏيئي پري ڪيو ۽ چيائين ته ايترو سمجهايو مانو ته جڏهن اڪرم گهر اچي ته ان کي پري کان ڏسجو ويجهو نه وڃجو. امان به منهنجي ويجهو نه آئي. پري پري کان مون کي ڏسندي رهي ۽ لڙڪ رئي جي پلاند ۾ اگهندي رهي. ٿوري دير اهڙي طرح گذري ويئي ۽ امان شاهل مون کي واپس پنهنجي گهر وٺي آئي. . . اُت اچڻ کان پوءِ پهريون دفعو منهنجي دل ۾ اڪيلائپ جو احساس پيدا ٿيو. اهو سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي سو منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو . . .
اهڙي طريقي سان ٽين چوٿين ڏينهن امان شاهل مون کي گهر وٺي ويندي هئي ۽ مان هڪ عجيب ڪيفيت مان گذرندي رهندي هئس. هاڻ مان هن گهر ۾ ٿورو هري وئي هيس، ڏهه ٻارهن ڏينهن گذري ويا هئا. منهنجي گهر مان جيڪو کاڌو ايندو هو، اهو مان ڪو نه کائيندي هيس. ضد ڪري انهن جي اڻڀي ماني ۽ غريباڻيون ڀاڄيون کائيندي هئس. امان شاهل جڏهن ماني کڻي ايندي هئي ته خبر پوندي هئس ته مان اڳ ئي ماني کائي ويٺي آهيان ته هو گهر جي ڀاتين تي ڪاوڙ ڪندي هئي. چوندي هئي ته جيجي پنهنجي نظرداريءَ سان سچي گيهه سان کاڌو پچرائي ٿي موڪلي ۽ هيءَ نه ٿي کائي، هاڻ جو جيجيءَ کي خبر پوندي ته هوءَ ناراض ٿيندي. امان کتان جواب ڏيندي هئي اسان ڇا ڪيون، اسان وٽ ڪُنو تيار ٿو ٿئي ته هيءَ ماني ٿي گهري ڀلا پوءِ ٻارڙيءَ کي انڪار ڪيئن ڪيون. ان گهر ۾ پاڻي ٻاهران نلڪي تان گهر جا ٻار ڀري ايندا هئا. صبح سان سڀڪو اٿي نل تان پاڻي جا دٻا ۽ چونئريون ڀري ايندا هئا. هاڻ مان به انهن سان گڏ پاڻي ڀريندي هئس ڏاڍو مزو ايندو هو. ان وقت هلڪي ٿڌ جي موسم هئي صبح جو نلڪي گيڙڻ سان هلڪو گرم پاڻي ايندو هو. سڀ ننڍا ٻار گوڏ ٻڌي گهر مان نڪرندا هئا ۽ وڃي وهنجي ايندا هئا. هاڻ مون به ضد ڪيو وهنجڻ لاءِ امان کتان مون کي دڙڪا ڏنا، کيس اهو ڊپ هو ته جيجيءَ کي خبر پوندي ته اصل صفا ڪاوڙجي ويندي. پر مان به اڳيان ضديري. روئي پٽي پنهنجي ڳالهه مڃائي وڃي نل تان وهنجي ايندي هئس. هي سڀ گهر جا ڀاتي پيا ڊڄندا هئا ته الله ڪري اهي سڀ ڳالهيون منهنجي گهر وارن کي معلوم نه ٿين...
هاڻ آهستي آهستي مان پنهنجي گهر وڃڻ کان ڪيٻائڻ لڳس. جڏهن امان شاهل مون کي وٺڻ ايندي هئي ته مان هلڻ کان انڪار ڪندي هئس. هوءَ مون کي جيجيءَ جا ڊپ ڏيندي هئي ته هل نه ته ماءُ تنهنجي ناراض ٿيندي. زوريءَ هوءَ مون کي وٺي ويندي هئي. ان دوران هڪ دفعو مون کي حيدرآباد به موڪليو ويو، جت منهنجا ايڪسري ۽ خون جون ٽيسٽون ورتيون ويون. اهي رپوٽون پندرهن ڏينهن کان پوءِ ملڻيون هيون. . .
هاڻ ان گهر ۾ رهڻ دوران محرم جو مهينو اچي ويو. هي سڀ گهر جا ڀاتي هئا ته سني عقيدي وارا پر احترامن محرم ملهائيندا هئا. ڪارا ڪپڙا پائيندا هئا ۽ رات جو پڙن (اما بارگاهن) تي ويندا هئا. هاڻ منهنجو انهن وٽ رهڻ انهي لاءِ مشڪلات پيدا ڪرڻ لڳو، ڇو ته گهر جا سڀ ڀاتي پڙن تي وڃن ته پوءِ مان اڪيلي ڪيئن رهندس. هاڻ انهن مون کي اهو سمجهايو ته تون به اسان سان هل، اتي ڏاڍو مزو ايندو آهي. کاڌي جون شيون ملنديون آهن. گهوڙا نڪرندا آهن، سيجون وڇايون وينديون آهن، حضرت امام اصغر جو جهولو هوندو آهي وغيره وغيره. انهن منهنجي لاءِ به هڪ ڪارو جوڙو گهر ۾ رنگي تيار ڪيو ۽ مان انهن سان گڏ روزانه رات جو مختلف پڙن تي ماتم ڏسڻ ويندي هئس. آخري ڏهين تاريخ تي وڏي پڙ تي وڃي گڏ ٿياسين. امان کتان ويچاري هر هنڌ منهنجي صحت لاءِ باسون پئي باسيندي هئي. اهو سڄو ماحول اهي ڳالهيون منهنجي لاءِ عجيب ۽ حيران ڪندڙ هونديون هيون.
جيئن وقت گذرندو ويو منهنجي وجود ۾ هڪ خلا پيدا ٿيندو رهيو. گهر جڏهن ويندي هئس ته عجيب لڳندو هيم. واپس امان کتان وٽ ايندي هيس ته دل ۾ احساس پيدا ٿيندو هو ته مان هنن جي ته نه آهيان. اهڙي طريقي سان اهي پندرنهن ڏينهن گذري ويا. هاڻ حيدرآباد مان منهنجون رپوٽون آيون جن مان اها خبر پئي ته مان بلڪل ٺيڪ آهيان، مون کي ڪا به بيماري ڪانهي. جنهن ڏينهن رپوٽ آئي، منهنجي منجي هنڌ ٽپڙ سڀ واپس منهنجي گهر پهچي ويا. اهو گهر جيڪو منهنجو گهر هو. امان مون کي ڀاڪر ۾ جهلي پيار ڪيو. ڀائر ڀينرون ڊڪندا مون وٽ آيا، پنهنجي کيڏڻ ۽ کائڻ جو شيون مون کي ڏيڻ لڳا. هاڻ مان هيس ته پنهنجي گهر ۾ پر اهو هڪ مهينو جيڪو مان هن گهر کان پري رهيس تنهن منهنجي وجود ۾ وڏي تبديلي پيدا ڪري ڇڏي. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ۽ پڙهائي دوران مون ۾ هڪ عجيب قسم جي تبديلي ايندي رهي. هاڻ مان اڪيلائپ پسند ڪرڻ لڳس. گهر جي ماحول کان ٿوري هٽي ويس. ڪتابن پڙهڻ ڏي گهڻو ڌيان ڪيم. اهڙي طرح مون پنهنجي الڳ دنيا وسائي ڇڏي. شڪل صورت ۾ ته اڳيئي گهر ڀاتين کان مختلف هيم. هاڻ طبيعت به اهڙي مٽجي وئي هئي جو ڪو ٻاهريون ماڻهو ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هوندو هو ته ڪا مان به هن گهر جي ڀاتياڻي آهيان. بابا زميندار ماڻهو، اسان کي پئسو جام ڏيندو هو. حيدرآباد ۾ جڏهن پڙهڻ آياسين ته بابا جن ٻه ڪارون وٺي ڏنيون، هڪ ڀينرن لاءِ ٻي ڀائرن لاءِ. بابا سائين جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي هئي ته نياڻيون به سٺي تعليم حاصل ڪن. اسان ڪڏهن به پيرين پنڌ يا رڪشا ۾ گهر مان ڪو نه نڪتاسين. رڪشا ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسي ڊپ لڳندو هو ته اهي ڪري نه پون . . . بابا پئسو جام ڏيندو هو. ٻيون ڀينرون خوب لٽا ڪپڙا سبرائينديون هيون ۽ منهنجو شوق هو ڪتابن سان. ان ڪري امڙ منهنجي هر وقت پريشان رهندي هئي. اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو. انٽر پاس ڪيم ته بابا پنج هزار خرچي ڏني، بي اي پاس ڪيم ته ڏهه هزار ۽ ايم اي پاس ڪرڻ تي بابا ويهه هزار رپيا خرچي ڏني ۽ پنهنجا قيمتي سونا بٽڻ به ڏنا. پر نه مون کي پئسي جي پرواهه هوندي هئي ۽ نه وري قدر . . .
ها قدر ٿيو پيسي جو جڏهن مان ٻن ٻارن جي ماءُ ٿيس ۽ زندگي جي هڪ وڏي حادثي مون کي آڻي چوواٽي تي بيهاري ڇڏيو. ان وقت مان سال موڪل ورتي هئي. هاڻ مون کي ٻيهر نوڪري ڪرڻي هئي. ست مهينا موڪل جا گذري چڪا هئا. ماما جمال ويچاري وٺ پڪڙ ڪري منهنجي لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ لڳو. مائٽ منهنجا پريشان، چون هاڻ تون ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهندينءَ. بدلي ڪرائي حيدرآباد اچ. منهنجي انڪار ڪرڻ تي سڀ ناراض. هت ماما جمال ڪوشش ڪرڻ ۾ جيئن مان ٻيهر نوڪري تي چڙهي سگهان. ان لاءِ ڪڏهن اي جي سنڌ طارق روڊ وڃڻو پوندو هو ته ڪڏهن ڊائريڪٽر جي آفيس ته ڪڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ. پئسو مون وٽ صفا ڪو نه، رستن روڊن کان صفا ناواقف، پوءِ نڪرندي هيس پنڌ پنهنجي ٻن سالن جي ڌيءَ کي پاڙي ۾ ڇڏي ۽ اٺن مهينن جي پٽ کي هنج تي کڻي. ڪراچيءَ جي رستن تي مان ميلن جا ميل پنڌ ڪيو. هڪ ته پئسو گهٽ مٿان اها به خبر نه هوندي هئي ته ڪهڙي بس ڪهڙي پاسي پئي وڃي. آفيس ۾ وڃ ته ڪير ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه. هڪ ڪم جي پٺيان ڪيترا ڏينهن پيا لڳن. آخر آهستي آهستي بچيل پيسا به ختم ٿي ويا. سڄو ڏينهن بک تي پنڌ ڪري گهر اچي پاڻيءَ جو گلاس پي سمهي رهندي هيس. شڪر رڳو اهو ته منهنجي ٻارن لاءِ گهر ۾ کير موجود هوندو هو. اهو ڏينهن به ياد اٿم ٽن ڏينهن جي لنگهڻ کان پوءِ مجبور ٿي پاڙي وارن وٽان پٽاٽا گهُري آيم ۽ انهن کي اوٻاري کاڌم، اي جي سنڌ ۾ آغا صدرالدين مرحوم (جيڪو پوءِ ڪار جي حادثي ۾ انتقال ڪري ويو) سان ملاقات ٿي اهو منهنجي لاءِ رحمت جو فرشتو ثابت ٿيو. ان منهنجي ڪم کي ترت اڪلائڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪئي. منهنجو سڄو ڪم ان پنهنجن ماڻهن کي موڪلي ڪرايو. آخر اهو ڏينهن به آيو جو مونکي جوائننگ رپوٽ سان گڏ ساڍا ڇهه هزار پگهار جا مليا. ڪيترن ڏينهن جا ڌڪا کائي بکون ڪاٽي، ذهني پريشانين کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته پئسو ڪهڙي شيءِ آهي. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته پئسو هجي جو انسان پنهنجون ذاتي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. . .
انسان اهي ڳالهيون لکي ۽ ٻڌائي سگهندو جيڪي لکڻ ۽ ٻڌائڻ جهڙيون هونديون آهن ڪي اهڙيون وارتائون به هونديون آهن جيڪي سلي نه سگهبيون آهن. شايد منهنجي زندگيءَ جو اهو هڪ مهينو جيڪو مان امان کتان جي گهر رهي هئس، اها منهنجي بنيادي تربيت هئي جنهن مون کي عام زندگيءَ ۾ آڻي جيئڻ جو سبق ڏنو. مقابلي ڪرڻ جي قوت ڏني. جيڪڏهن مان به پنهنجين ٻين ڀينرن وانگر عام رواجي تربيت حاصل ڪيان ها، ڪتابن جي دنيا کان پري هجان ها. ان ويل هي زندگيءَ جا حادثا مون تي گذرن ها ته مان يقينن مري وڃان ها يا ته پاڳل ضرور ٿيان ها.
انسان زندگيءَ ۾ مختلف قسم جون محبتون ڪندو آهي. پنهنجن پيارن سان، گهر ڀاتين سان، زماني سان پر مون گهڻي ۾ گهڻو پيار پنهنجو پاڻ سان ڪيو آهي. مون کي پنهنجي موجود سان زندگيءَ سان، ڏاڍو پيار آهي. همت سان مقابلي سان، جبلن جيڏن غمن کي پوئتي اُڇلي، اڪيلي تنها مون جيئڻ جو حق دنيا کان کسي ورتو آهي.

آچر 9 جون 1991ع