ڳالهيون مائي حبل ۽ جمل جون
مائي حبل ۽ جمل جڏهن اسان وٽ اچي رهنديون هيون ته اسان وٽ مزا مچي ويندا هئا. هو قصا ٻڌائڻ جون ڪاريگر هيون. رات جي اونداهيءَ ۾ مٿي ڇت تي جڏهن اهي ڪهاڻي کڻنديون هيون ته اسان جي اڳيان فلم پئي هلندي هئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن جا قصا کٽندا ئي ڪو نه هئا ..... هڪ دفعو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته منجھند جي ٽائيم امان سان ڳالهيون ڪندي هن هڪ واقعو ٻڌايو. اهو واقعو ٻڌائيندي اُن قسم کڻندي چيو ته اها ڳالهه ڪو خيالي قصو نه آهي، بلڪه حقيقت آهي. اها ڳالهه ان وقت جي آهي جڏهن مائي حبل پاڻ ٻارهن چوڏهن سالن جي مس هئي. ان ٻڌايو ته سندس پاڙي ۾ هڪ شخص الله بخش نالي رهندو هو. هو غريب هو ۽ محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو. سندس شادي پنهنجي سوٽ سان ٿيل هئي، ان مان هڪ پٽ به ڄايس. پٽ جڏهن ٻن سالن جو ٿيو ته قضا الاهيءَ سان سندس زال مري ويئي. زال جي مرڻ جو ڏاڍو ارمان ٿيس، دل واري زال جو هيس. ان ڪري ٻيهر شادي ڪو نه ڪيائين.پنهنجي پٽ کان سواءِ گهڙي به ڪانه سرندي هيس.وقت ويو گذرندو ۽ ٻارهن چوڏهن سال گذري ويا.
مائي حبل به پاڻ به ان وقت ٻارهن چوڏهن سالن جي هئي، جڏهن الله جي حڪم سان الله بخش گذاري ويو. الله بخش جو پٽ جنهن جو نالو مولابخش هو، هاڻ هو سورهن سترهن سالن جو جوان هو. شام جي وقت الله بخش کي دفن ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هڪ واٽهڙو لنگهيو، ان واٽهڙوءَ کي قبرستان مان آواز آيو، کيس ڪو سڏي رهيو هو. ان آواز تي ڪن ڏنو، ڏٺائين ته الله بخش جي قبر مان آواز اچي رهيو هو، “مولا بخش کي مون کي موڪليو. رات به ان کان سواءِ مون ڏاڍي اڪيلي گذاري آهي، مولا بخش کي چئو ته اچي منهن ڏيکاري وڃي. ......”
هو واٽهڙو ته ڊپ وچان وٺي ڀڳو. وڃي ڳوٺ وارن کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. ڳوٺ جي ماڻهن اهو سمجھيو ته شايد الله بخش جيئرو آهي، غلطيءَ وچان ان کي مئل سمجھي دفن ڪيو ويو آهي. هاڻ ڳوٺ وارا اچي قبرستان ۾ جمع ٿيا.قبر کي کوٽي ڏٺائون ته اتي ته ڪا به شيءِ ڪا نه هئي. الله بخش جو لاش ساڪن پيو هو، جنهن ۾ زندگيءَ جو ذرو به اهڃاڻ ڪو نه هو سو قبر تي وري مٽي وجھي ڪري سڀڪو پوئتي موٽيو ته پٺيان وري آواز آيو، ڏاڍي سڪ لڳي آهي مولابخش جي، ان کي چئو ته اچي منهن ڏيکاري وڃي. هاڻ ته ڳوٺ راڄ وارا پريشان ٿي ويا، ڳوٺ جو مولوي صلواتون پڙهندو وڃي قبر جي مٿان بيٺو. الله بخش باقائدي قبر مان مولويءَ سان ڳالهائڻ لڳو. ماڻهو اچرج ۾ هئا، ڏندين آڱريون هين. پيءُ ۽ پٽ جي مثالي محبت جا قصا ٻڌڻ ۽ ڳائڻ ۾ آيا. هوڏانهن وري مولابخش پيءُ جي مرڻ کان پوءِ کٽ تي پئجي ويو نه کائي نه پئي، بخار ۾ ٻڙٻٽ. اهڙي طرح سان پنجين ڏينهن مولابخش به انتقال ڪري ويو. ڳوٺ جي ماڻهن مولابخش جي قبر الله بخش جي قبر سان گڏ ٺاهي. اندر لحد ۾ ته رڳو هڪ سر جو فرق هو. جڏهن مولابخش کي دفن ڪري سڀ ورڻ لڳا ته وري ساڳيو آواز آيو ته “اڙي مولابخش کي چئجو ته مون وٽ اچي، اچي منهن ڏيکاري وڃي.”
ات بيٺلن مان ڪنهن جواب ڏنو ته الله بخش هاڻ هن وقت ئي مولابخش کي تنهنجي ڀر ۾ سمهاري پيا وڃون، ڀر ۾ ڏس ته ڪير اٿئي، اهو تنهنجو مولابخش ئي ته آهي. تو سان اچي مليو آهي.
چون ٿا ته الله بخش رڙ ڪري ڏک مان چيو، “ مون کي ته خبر ئي ڪو نه پئي ته مولابخش منهنجي ڀر ۾ اچي ستو آهي. ڪهه ڄاڻان ڪهڙي واٽ وٺي آيا سُپرين.” ان کان پوءِ ڪنهن به الله بخش جي قبر مان آواز نه ٻڌو.
هي ٿيو اهو واقعو جيڪو مائي حبل حلفيه چوندي هئي ته سندس ٻڌل نه پر ڏٺل آهي. ممڪن آ ته ائين به هجي. بغير ڪنهن تبصري جي مان ان ڳالهه تي سوچيندي آهيان ته موت الائجي ڇا آهي؟ هر هڪ کي هن واٽ وڃڻو آهي. اڪيلو تنها. اهو سڀڪجهه چوڻ صحيح آهي الائجي غلط ته ان بقا جي بستيءَ ۾ به ڪي ملاقاتون ٿين ٿيون يا نه.....؟ الائجي ڪهڙي دنيا آهي اها؟ اڪيلي تنها سڀڪو پنهنجي اعمالن جو جوابدار آهي .... موت معنيٰ جدائي. جسماني طور تي هن دنيا مان ماڻهن کان جدا ٿي وڃڻ، اهو انسان جيڪو هڪ پوري زندگي گذاري ٿو، ان جي شڪل ان جو آواز، سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ٿو. اهو انسان هن دنيا ۾ وري ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ايندو. بس رهجي وينديون آهن سندس ڳالهيون. چڱو هليو هوندو يا ڏکيو هليو هوندو سندس ڳالهيون پيون ڳائجنديون.
مان سمجھان ٿي ته هن دنيا ۾ هر انسان جي وچ ۾ هڪ رشتو آهي انسانيت جو ۽ محبت جو رشتو، انسانيت جو رشتو ته تمام وسيع آهي، ان ۾ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ رهندڙ هر انسان سان هڪ تعلق ڳنڍيل هوندو آهي. ٻيو رشتو آهي محبت جو جيڪو پنهنجن ويجھن سان ڳنڍيل هوندو آهي، ان رشتي ۾ عزيز ۽ رشتيدار به اچي وڃن ٿا. اڃان به وڌيڪ ويجھو محبت جو رشتو آهي گهر ڀاتين جو. اهي گهر جا ڀاتي جيڪي هڪ اڏيل گهر ۾ هڪٻئي سان گڏ رهن ٿا. انهن رشتن ۾ زال مڙس، ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينر، اولاد ۽ پوءِ ڦري اهي رشتا سس ننهن، ڏير ڏيرياڻي وغيره ۾ ٿي ويندا آهن. هي محبت جا رشتا، ذهني، دلي ۽ جسماني رشتا هوندا آهن. هڪ ٻئي جو تحفظ ڪرڻ، هڪ ٻئي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي محبت سان رهڻ ئي انهن جو فرض ۽ حق هوندو آهي. جڏهن ته اها خبر سڀني کي آهي ته هڪ ڏينهن مري وڃڻو آهي ۽ اها به خبر آهي ته مرڻ جي ۽ ان جدائيءَ جي ڪابه عمر نه آهي، ته پوءِ ڀلا هي سڀ انسان ۽ هي سڀ هڪ گهر ۾ رهندڙ ڀاتي خوش ٿي پرسڪون زندگي ڇو نه ٿا گذارين؟ مرڻ کان پوءِ ملاقاتون ٿين يا نه ٿين، پر هڪ زنده انسان جو انهن مري ويلن سان تعلق ضرور هوندو آهي، هو مري ويل انسان به زنده انسانن لاءِ پريشان رهندا آهن. ڪڏهن خوابن ۾ اچڻ، ڪڏهن تصور ئي تصور ۾ ڏيکاريون ڏيڻ، مصيبت مهل ڪنهن ازغيبي مدد جو تصور، اهي سڀ ڳالهيون سوچي اهو نتيجو نڪري ٿو ته اصل ۾ زندگي ئي اصل آهي ۽ حقيقت آهي. هن دنيا مان هرڪو انسان اڪيلو تنها پنهنجي واٽ وڃي ٿو، ميل ملاقاتون، پيار محبتون، شڪوه شڪايتون سڀ ڪجهه هن زندگيءَ ۾ ئي هونديون آهن.
هيءَ زندگي جيڪا اسان کي هڪ دفعو ملي ٿي، ان کي سک ۽ سڪون سان گذارڻ انسان جي ضرورت به آهي ته حق به ... پر ٿي ڇا رهيو آهي، هڪ ٻئي لاءِ پيار، همدردي ۽ احساس ختم ٿي ويو آهي، هڪ ٻئي تي جھلون ڪرڻ، طنز ڪرڻ، هيٺاهون ڪري پنهنجي اهميت جتائڻ عام فيشن ٿي پيو آهي. اسان جي سنڌي معاشري ۾ عورت ته اڃان وڌيڪ پيسجي رهي آهي، هڪ ان کي معاشري ۾ ايتري اهميت نه ملي آهي، مٿان وري هوءَ پنهنجو پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. اڳ به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻ به هي سڀڪجهه ٿي رهيو آهي. سس ننهن جا جھيڙا، ڏيراڻين جا وير ۽ مردن جون گهڻيون شاديون. آخر مرد ڪنهن رڍ ٻڪريءَ سان شادي ته ڪو نه ٿو ڪري، ان کي هر عمر ۾ ننڍڙي ۾ ننڍڙي ڪنوار ملي ٿي وڃي. انهن شادين پٺيان به ڪيترائي مسئلا موجود آهن، گهر جي بي سڪوني ۽ دولت جي گهٽائي، انهن مسئلن جو گهر آهي. عورت نه ته پنهنجو پاڻ کي مظبوط رکي، عقل سوچ سان هلي ته هوءَ پنهنجي لاءِ مسئلن کي گهٽائي سگهي ٿي.
دنيا چاهي ڪجهه به نه ڏي، پر پنهنجي لاءِ سڪون، خوشيون، جيڪي پنهنجي هٿ وس آهن، انهن کي نه وڃائجي. مرد چاهي عورت معاشري جا فرد جن جا رشتا ناتا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، ڪيترن ئي روپن ۾ هو هڪ ٻئي جي ساٿ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهن. پنهنجي هٿ وس جيڪي موتي آهن، خوشين جا مهڪندڙ گل آهن، انهن کي وکرڻ يا مرجھائڻ نه ڏجي. هيءَ زندگي هڪ دفعو ئي ملي ٿي. جڏهن مرڻو آهي، فنا ٿيڻو آهي، خاڪ سان ملي خاڪ ٿيڻو آهي ته پوءِ هي جھيڙا هي جنگيون هي نا اتفاقيون ڇا لاءِ؟
عبرت 27/28 اپريل 1991ع