عورت، پيار۽ قربانيءَ جو مثالي ڪردار
سنڌي عورت ته اسان جي معاشري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، اسان سڀ جيڪي شهرن ۾ رهون ٿا پر اسان جون پاڙون سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي علائقن سان جڙيل آهن. ان ئي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ اسان جو ننڍپڻ گذريو آهي. هاڻ گهڻو نه ته به ٿورو ئي سهي تعلق اڃا تائين ڳنڍيل آهي. پنهنجي ماحول سان ٻهراڙيءَ جي سنڌي عورت محنت ڪش ۽ همت واري آهي. هوءَ زندگي ٺاهي به ڄاڻي ته تباه ڪرڻ به ڄاڻي. ٿوري خوشي اُن کي مضبوط ڪري ٿي ته گهڻا غم کيس ارڏو به ڪري ڇڏيندا آهن. مان وچولي طبقي جي ڳالهه بعد ۾ ڪندس پهرين ذڪر ايندو اسان جي غريب ۽ پوئتي پيل گهرن ۾ رهندڙ عورتن جو جيڪي هارياڻيون ٿي ڪري پنهنجي ورن سان گڏ زمينن تي ڪم ڪن ٿيون يا وري اهي جيڪي گهرن ۾ پورهيت ٿي ڪم ڪن ٿيون. اُنهن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي جيڪي پنهنجي گهرن ۾ ويهي هٿ جو پورهيو ڪري پنهنجو وقت پيون گذارين. هڪ دفعو هڪ پورهيت کان پڇيم تون ايتري ننڍي عمر ۾ هيترن ٻارن جي ماءُ ٿي ويئي آهين ڀلا ايترو جلدي تنهنجي شادي ڇو ٿي ويئي. ٻڌايائين ته ٿوري وڏي ٿيس ته هاءِ گهوڙا مچي ويئي. پيءُ منهنجو بار لاهي ڦٽو ڪيو.... جهڙو ابي جو گهر، تهڙو مليم مڙس جو گهر. نه ڪمائي نه ڪرتي. مٿان وري ٻارن جي لانڍ.....پوءِ مان نه ڪندس انهن جي ته ڪير ڪندو. انهن کي بکيو ۽ انگ اگهاڙو ڏسي منهنجي هنياءُ ۾ ئي ته وڍ هوندا، باقي آهي ڪير انهن جو يا منهنجو......هڪ ٻي مائي جنهن جي ٻي شادي ٿيل هئي اُن پنهنجو داستان هيئن ٻڌايو ته پهريون مڙس گذاري ويو. رڳو هيم ٻه ڌيئرون جيڪي ڏيرن کسي ورتيون. پٽ هجي ها ته اصل ڪونه کسين ها ڇو ته ڌيئرون ته ٽڪن تي وڪامنديون آهن. گهر مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيائون. چون تون ڪير ٿيندي آهين اسان پنهنجن جي ڀاءُ ۽ اُن جي ٻچن جا وارث آهيون. ابو امان ته مري ويا هئا ڀائرن جي درن تي وڃي ڪريس. آخر هو به مون کي نه سنڀالي سگهيا. زوريءَ ٽڪن تي وڪڻي مون کي ٻيو مڙس ڏنو اٿائون بس امڙ اها آهي اسان جي قسمت ابي ڄاوا به ڪسر ڪونه ڇڏين ۽ پيٽ ڄاوا به ڇني ڌار ٿيو وڃن......
اهڙا ڪيترا مثال لکي سگهجن ٿا. آخر ائين ڇو آهي اسان جي معاشري ۾......؟ سنڌي مرد ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو غيرت وارو نظر ايندو آهي باقي ذميواري کڻڻ لاءِ اُنهن جي اُها غيرت سمهي پوندي آهي. سڄو ڏينهن ڳوٺ ۾ ٺهيل مانڊڻين ۽ چانهه جي هوٽلن تي ويٺا ٽيپ تي گانا ٻڌندا، باقي ڪم ڪرڻ کان ٻرو هوندن......
تازو يونيسيف طرفان جڏهن اسان ڪوٽڙي اسپتال جي سروي ڪرڻ ويا هئاسين ته اُت هڪ عورت کي ڇهون ٻار ڄائو هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته سندس گهر وارو بيروزگار آهي. اسان جي گروپ جي ميمبر جن ۾ فتاح عابد، نسرين نوري ۽ ٻيا سماجي ڪارڪن ۽ اديب به هئا اُنهن اُن مائي جي گهر واري کي گهرايو. پڇا ڪرڻ تي اُن جواب ڏنو ته مان بيمار ۽ ڪمزور آهيان انڪري ڪمائي نه ٿو سگهان. سڀن اُن کي سمجهائڻ چاهيوته جڏهن بيروزگاري هجي ۽ زال به بيمار هجي ته ڀلا هروڀرو ايترا ٻار ڄڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جواب مليو ته اُهي ته الله ٿو ڏئي...... الله ڏنا آهن ته پاڻهي ئي وڏا به ٿي پوندا... مان امالڪ چئي ويندس الله اهو ته ڪونه ٿو چوي ته زالن سان سمهو ٻار ڄڻيو ۽ پوءِ الله جي آسري تي ڇڏي ڏيو......
الله ڏنا آهن ته انهن جي ذميداري به توهان تي آهي ته اُنهن جون ضرورتون پوريون ڪريو..... وري ساڳيو جواب مليو مان ته بيمار آهيان ڪمائي نه ٿو سگهان. ان وقت منهنجي وجود ۾ ايتري نفرت ڀرجي آئي جو ڪرڀ مان چيومانس ته زالن سان سمهڻ مهل بيمار ۽ لاچار ڪونه آهيو، باقي ڪمائي لاءِ محنت ڪرڻ لاءِ بيمار آهيو.........
سچ پچ اسان جي معاشري ۾ غريب عورت ته قابل رحم آهي. ننڍا هوندا هئاسين ته روزانه اخبار ۾ ڌيان طلب جا اشتهار پڙهندا هئاسين ۽ اڃا تائين اهڙن اشتهارن ۾ ڪمي نه آئي اهي. هيءُ اُها ئي عورت آهي جيڪا ڪنهن گهر ۾ ابي امان جي ستايل آهي ته ڪئي واري مڙسن جي ستايل آهي. ابو امان ٽڪن تي وڪڻن ۽ وري مڙس لاءِ ۽ ٻچن لاءِ محنت مزوري ڪري ٽڪا ڪمائين.... اهڙيون ئي پيار ۽ محبت کان محروم عدم توجه ۾ پلجڻ واريون عورتون عزت داءُ تي لڳائي گهران نڪريو پون. پوءِ روزانه اخبارن ۾ اشتهار پيا ڇپجن ڌيان طلب جا اهي ئي ڌيان طلب جا اشتهار ئي اسان جي معاشري جو اهڙو ناسور آهن جنهن جو اڃا تائين ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو آهي.
غريب طبقي کان ٿورو مٿڀرو طبقو جن جون عورتون برقعو پائينديون آهن اُنهن جا وري الڳ وڏا مسئلا آهن. اُنهن جي گهرن جا مرد به گهڻو ڪري ٽوٽي ۽ هڏ ڀڳل آهن ۽ هو ويچاريون گهر ويٺي هٿ جو پورهيو ڪري ۽ سلايون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو گذران ڪنديون آهن. ٿوري گهڻي ڳالهه تي برقعو پائي گهر مان نڪري پاڙي ۾ پيون گهمنديون آهن. دنيا جهان جا قصا ڪري پنهنجي اندر جون باهيون ڪڍي پيون وقت گذارينديون آهن. گهر ۾ ويهي پورهيا ڪرڻ ٿڪجي ذهني سڪون لاءِ برقعو پائي گهر کان ٻاهر نڪرڻ دوران رستي ويندي ڪري ڪير طنز، ڪير پيڇو ۽ ڪير به مٺا ٻول ته بس مائي جو عقل اصل کڙيءَ ۾ وري اهي ئي اخبارن ۾ ڇپيل ڌيان طلب جا اشتهار......!!! هاڻ اڃا ٿورو مٿي مڇي ماني کائڻ وارن پڙهيل لکيل گهرن جو ماحول......اُن لاءِ ته مثال مان پنهنجي ننڍپڻ جي ساٿياڻي جيڪا پهرين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين مون سان گڏ پڙهي هئي اُن جو ڏئي ٿي سگهان. سڪينه جنهنجو والد ريلوي اسٽيشن تي نوڪري ڪري ريٽائر ٿيو هو. وڏا ڀائر شادي ڪري الڳ ٿي ويا. باقي گهر ۾ بچيا ٻه ڀائر ڀيڻ ۽ پوڙها ماءُ پيءُ، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ سڪينه پرائمري اسڪول ۾ ماستري ورتي ۽ گهر جو بار کڻي بيٺي. اڃا سک جو ساهه به ڪونه کنيائي ته سندس ماءُ پيءُ ٻئي گذاري ويا..... سندس ننڍي ڀاءُ کي ڀٽي صاحب جي زماني ۾ ڪراچي ۾ اسڪول ماستري ملي سو به اوڏانهن هليو ويو هاڻ سڪينه اڪيلي رهجي ويئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ مان ٻڌو ته سڪينه پاڻ کان وڏي عمر جي هڪ ڪوجهي مرد سان شادي ڪئي آهي ۽ اهو شخص اڳ ۾ ئي شادي شده به هو....حيراني ٿيم ڏاڍي، هڪ دفعو عيد تي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته سڪينه کي پاڻ وٽ گهرايم ۽ احوال ورتم. اُن ويچاري ٻڌايو ته سڀ مون کي اڪيلو ڪري هليا ويا. هجي ها امڙ ته ڪو بلو ڪري ها منهنجي شاديءَ جو.....گهر ۾ رات جي وقت ڪمهلا آواز ٿين دروازا پيا کڙڪن. اسڪول وڃان ته واٽ تي ڪونه ڪو پٺيان لڳو وتيم. غليظ ۽ فحش ڳالهيون ٻڌي ٿڪجي پيس. اکيون هيٺ ڪري ڪن ٻوڙا ڪري پيئي اسڪول ايندي ويندي هيس. اصل ظلم ته وري اهو ٿيو ته منهنجي شرافت ڪم نه آئي، اُهي ئي ماڻهو جن کي مون لفٽ نه ڪرائي تن ئي وري اوڙي پاڙي ۾ بدنام ڪرڻ شروع ڪيو پوءِ ڇا ڪيان ڇپر ڇانو جي ضرورت ٿيم. پوءِ جهڙو تهڙو رشتو آيو ته کڻي قبول ڪيم. هاڻ اُن کي به ويٺي پاليان. فرق صرف اهو آهي ته هاڻي شادي شده وات وڪيل آهيان ان ڪري هاڻ ڪير به منهنجو نالو ڪين ٿو وٺي.........
سڪينه جيڪا هاڻ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ ايم اي به پاس ڪئي اٿس. گذريل سال اُن سان ورهين کان پوءِ مليس. ڪمزور بيمار، بلڊ پريشر هاءِ، دل جو ڌڙڪو خبر نه آهي ڪيترين بيمارن ۾ ورتل سڪينه جيڪا هاڻ اسڪول ۾ هيڊماسترياڻي آهي. پر سندس چهري ۾ سڪون ۽ اطمينان جهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. هو مون کي اها پريشان حال پڙهيل لکيل عورت لڳي جيڪا صرف پنهنجي وجود جي ٽٽل ٽڪرن کي وکيرڻ بجاءِ گڏ ڪرڻ ۾ پوري آهي ۽ ائين ئي زندگي پئي گذاري.
اڄ عورتن جي حوالي سان ڳالهيون اُن ڪري پيئي ڪيان ته اڄ ڪلهه منهنجي هڪ پياري دوست جيڪا آفيسرياڻي آهي ٻارهن هزار پگهار اٿس. گذريل هفتي ٽي چار دفعا مون وٽ آئي آهي. اڄ ڪلهه وڏن مسئلن ۾ گهريل آهي. هوءَ مون سان سڀ دل جون ڳالهيون اوريندي آهي. ننڍا وڏا ڏک سک ته هونئن ئي هوندا آهن پر اڄ ڪلهه هوءَ هڪ وڏي اذيت مان گذري پئي. هوءَ ڪيتري دير بغير فل اسٽاپ جي ڳالهائيندي رهندي آهي. سندس اکين ۾ ڳوڙهن جي نمي، اکين ۾ ڳوڙها ۽ هٿ پيا ڏڪندا اٿس. انهيءَ ڪيفيت ۾ جڏهن مان کيس آٿت جا ٻه لفظ به چئي نه سگهندي آهيان ۽ سندس ڏڪندڙ هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي آهيان ته هوءَ يڪدم مون کي چوندي آهي ته هن کي ڪنهن جي به پرواهه نه آهي. آئون مڙوئي ائين تو سان ڳالهيون پئي ٿي ڪريان. مان پاڻ به هميشه ائين محسوس ڪندي آهيان ته دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ نٽهڻ اُس ۾ پيرين اگهاڙي هڪ پلصراط تي هلندي رهي آهيان.پر هئڙا پيار انسان ۽ دنيا ۽ معاشري جون زيادتيون مون کي اڃا وڌيڪ ڏکوئينديون آهن. پڙهيل لکيل معاشي طور مضبوط عورت به ڪيتري نه ويچاري ٿي وڃي ٿي. علم جي روشني ۽ معاشي طور مضبوطي اُن عورت جو سهارو آهن. ان ڪري ئي هڪ مضبوط عورت جو ڪردار سامهون ٿو اچي. نه ته حالتون ته اهڙيون آهن جو شايد اخبارن ۾ رڳو عورتن جي تصويرن سان ڌيان طلب جي اشتهارن ۾ اڃا به اضافو ٿيندو رهندو.
آچر 7 مارچ 1993ع