ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

نوڪري ڪرڻ وارو اديب، ويڪائو اديب نه آهي

سنڌي اديبن جي ڪردار تي اڄ تائين الائجي ڪيترن لکيو ۽ ڳالهايو آهي. سنڌ جون حالتون جڏهن به ڪنهن انتهائي خطرناڪ موڙ تي اچي وينديون آهن، ان ويل اسان جا ئي ڪي سڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو اديب جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪندا آهن. اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهي سڀ سوال گردش ڪندا رهندا آهن. سنڌي اديب جي چوڌاري سنڌ جون حالتون هميشه اهڙيون رهيون آهن جو سنڌي اديب قلم ذريعي مزاحمتي جنگ وڙهندو رهيو آهي. هڪ اردو رسالي ۾ سنڌي ادب تي ڪيل جائزي ۾ لکندڙ اهو لکيو ته سنڌي ادب ۾ زندگي آهي، ويڙهاند آهي، ماڻهن جي مسئلن جون ڳالهيون ۽ انهن جو حل آهي، ان لکندڙ اهو به لکيو ته سنڌي اديب بهادر آهي، هو جيڪا به ڳالهه ڪندو آهي ان جو اظهار کلي طريقي سان ڪندو آهي. . . . . .
ان راءِ کي سامهون رکي ۽ پنهنجي ادب ۽ اديبن کي نظر ۾ رکي سوچجي ته شايد روز ازل کان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي قسمت تي جيڪي چٽ چٽيل آهن جيڪي مهرون لڳل آهن صدين کان وٺي سنڌي ماڻهو پاڻ کي ان مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي . . . . . صدين کان وٺي اڄ تائين سنڌي باشعور، ماڻهو چاهي اهو شاعر يا اديب هيو، چاهي صوفي يا عالم، سيلاني فقير هيو يا وري ڀٽ فقير، هڪ مضبوط ڪردار رهيو آهي. ان جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪن ٿورن ماڻهن جي ڪيل ڪوتاهين جي ڪري سڄي سنڌ ۾ لکندڙ، قلم جي جنگ جوٽيندڙ جي ڪردار کي منڌيئڙو نه ٿو ڏئي سگهجي.
جڏهن به حالتون بدليون ڪو ڏکيو دور آيو، سنڌي اديب ئي اڳيان آيو آهي. ان پنهنجي قلم ذريعي تلخ کان تلخ ڳالهيون پنهنجي ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ جو دور جنهن ۾ اسان رهون ٿا سا سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ جو دور آهي. هن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر جي زماني ۾ رومال ۾ ويڙهي ڳالهه ڪرڻ جو دور نه آهي ۽ نه وري اٽي کي گهوٻاٽو ڪرڻو آهي. ور وڪڙ ڏيئي ڳالهه ڪرڻ وارو زمانو ڪو نه رهيو آهي. اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو سچ اهو آهي ته سچ کي سچي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي. ان سچ کي سچي روپ ۾ پيش ڪرڻ ڪري ئي سنڌي اديب گنهگار ٿي پيو آهي. حالتون خراب ٿين ته وٺو سنڌي اديب کي ڳچيءَ مان. ڇا لاءِ ماٺ ويٺو آهين ڪجهه ته ڪڇ. سنڌي اديب عادت موجب ڪڇي ٿو، لکي ٿو، ته سائين ڏنڊا اڀا مصيبتون نروار، وٺ پڪڙ ڇو ته سنڌي اديب لاوارث آ، گنهگار آ.
هت، مان هڪ سوال سڀني پڙهندڙن، سجاڳ ۽ شعور رکندڙ سنڌين کان پڇڻ چاهيان ٿي. اهو سوال اهو آهي ته جڏهن به ڪو ڏکيو وقت اچي ٿو، حالتون موافق نه ٿيون ٿين ته توهان سڀ اديب جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪريو ٿا ته سنڌي اديب ويهين ايڪيهين گريڊ جي نوڪريءَ ۾ عيش پيو ڪري، ضمير فروش آهي، غدار آهي پر جڏهن اهو ساڳيو ئي اديب اهڙي وقت تي همت ڪري ٿو. قلم جي وسيلي پنهنجي عمل جي ذريعي اڳتي وڌي ٿو. اهڙين حالتن ۾ تڪليفن ۾ ڦاسجي وڃي ٿو ته پوءِ توهان سڀ، اديبن تي تنقيد ڪرڻ وارا انهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ وارا ڪيترو ساٿ ڏين ٿا؟ ڇو توهان انهن اديبن جو ساٿ نه ڏيندا جيڪي قلم جي تلوار سان سچ جي پلصراط تي هلن ٿا، نه صرف پاڻ هليا آهن پر هن هن قوم جي ٻچي ٻچي کي ڇڪي ان پلصراط تي آڻين ٿا؟ جيڪا سچ ۽ حق جي پلصراط آهن؟. اسان جي وڏن اديبن کان پوءِ قطار ٿي هلي اسان واري ٽهي ۽ پوءِ ايندڙ اديبن جي، جن وڏن اديبن جي جاکوڙ سان کوليل رستي تي وڇايل ڪنڊن کي نه صرف هٿن سان صاف ڪيو آهي پر انهن ڪنڊن جا ڏنل ڏنڀ به برداشت ڪيا آهن. هن مهل مان سنڌي اديب کي ان جي ڪارڪردگيءَ لاءِ ڪو سونو ٻلو نه ٿي ڏيان ۽ نه وري ان جي اڳيان ڪو بچاءُ بند ٺاهڻ چاهيان ٿي مان صرف ۽ صرف هڪ سوال توهان کان پڇان ٿي ته توهان سنڌي اديبن کي موٽ ۾ ڇا ڏنو آهي؟
جڏهن به ڪو سنڌي اديب مشڪل ۾ پيو آهي ته توهان پاڻ امين ٿي ڪري سچ ۽ ڪوڙ جي ڪسوٽي کي پرکي ڪو فيصلو ڪيو آهي؟ ڪا همت ڪئي آهي اڳتي وڌي مدد ڪرڻ لاءِ. سنڌي اديب جي قسمت شايد اها ئي آهي. لکندو رهي ته هيرو آهي جي مصيبتن ۾ ڦاسي جهري پيو ته گنهگار آهي، بڇڙو آهي، چوندا سڀ، ضرور ڪجهه ڪيو هوندائين. آخر سڀ الزام ڪوڙا ته نه ٿا ٿي سگهن وغيره وغيره . . . . ان ويل اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي ته اديب اهو به سنڌي اديب آخر ڪيستائين مزاحمت جي جنگ ۾ وڙهندو رهندو؟ موٽ ۾ جڏهن ڪجهه به نه ملندو، اخبارن ۽ رسالن ۾ رڳو واه واه ڪرڻ سان ڇا ان تڪليف ۾ آيل اديب جون تڪيلفون گهٽجي سگهن ٿيون؟
ڪيترائي سنڌي اديب ڏکين وقتن کان گذريا آهن ۽ گذرن پيا. اڄ جو اهم ۽ ذهن ۾ ايندڙ مسئلو آهي قمر شهباز جو . . . . . قمر شهباز آفيسر آهي. اهو سنڌي اديب آفيسر جيڪو پنهنجي محنت سان، نانگن بلائن سان مقابلو ڪري، ماستر مان آفيسر ٿيو آهي. آفيسر به وڏي گريڊ جو جنهن اڃان تائين لکڻ نه ڇڏيو آهي ۽ نه وري ڳالهائڻ کان مڙيو آهي. مٿان وري سندس گهر واري ارشاد قمر مارئي فورم پئي هلائي. قمر شهباز ڇا آهي. ڇا نه آهي؟ ڏوهه دار آهي يا بي قصور آهي. اهو مسئلو اسان جو نه پر عدالت جو آهي. پر عدالت تي به هاڻ هر مسئلي کي نه ٿو ڇڏي سگهجي. عدالتن جي فيصلن جو احترام ڪنهن ڪيو آهي؟ تازو قادر مگسي جي سلسلي ۾ جيڪي حالتون سامهون آيون آهن ان مان اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي آهي ته ڪو به ڏوهه ڪو به جرم ڪا به حيثيت نه ٿو رکي. اصل ڏوهه جيڪو وجود جو ڏوهه آ، اهو ڏوهه آهي سنڌي هئڻ جو . . . . . ان سنڌي هئڻ جي ڪري بخشش جا سڀ دروازا بند ٿا ٿي وڃن . . . . . ملزمن کي چيو ٿو وڃي ته عدالت ۾ وڃو ۽ عدالت جڏهن فيصلو ڏئي ٿي ته صوبي جو سربراهه جيڪو بيان ٿو ڏئي سو پڙهي تاڪ لڳي ٿا وڃن. ايڏي وڏي دخل اندازي عدالتن جي فيصلن مٿان آهي ته پوءِ اسان جي ملڪ ۾ عدالتن جو وجود ختم ٿي وڃڻ کپي. ها مان ڪهڙي منهن سان اهو چوان ته قمر شهباز کي عدالت ۾ ڪيس هلائي سچ ۽ ڪوڙ کي ظاهر ڪيو وڃي . . . . . .؟
هوڏانهن ته ڏسو سڀ ڪوئا ٻرن مان ٻاهر پيا نڪرن، اسيمبلي جا ميمبر پيا بڻجن، انهن کي نه عدالت جي فيصلي جو انتظار آهي ۽ نه وري ملڪ جي قانون جي پرواهه. . . . .
مون کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته اسان مان ڪيترا باشعور اديب ان ويل سخت رويو اختيار ڪندا آهن جڏهن ڪو اديب ڪامورو هجي، ويهين ايڪيهين گريڊ جو آفيسر هجي . . . . نوڪريءَ جون به ڪي حد بنديون هونديو آهن. انهن حد بندين ۾ رهي هڪ اديب ڪامورو ئي حالتن کي سنڀالي سگهي ٿو. اسان هونئن ته گهڻي هاءِ گهوڙا ڪندا آهيون منهن مٿو پٽيندا آهيون ته اسان کي نوڪريون نه ٿيون ملن، اخبارن ۾ هر وقت تعداد پيو ايندو آهي ته فلاڻي ڪي فلاڻي اداري ۾ سنڌين جو تعداد گهٽ آهي، باقي جيڪي ٿورا آهن ڇا اسان انهن کي سهون ٿا؟ ماما جمال ابڙو چوندو آهي ته “مان ڪيترن ئي اهم ادارن ۾ رهيس، سون جي تعداد ۾ سنڌين کي نوڪريون ڏنم، ڪي اهڙا اهم مسئلا هوندا هئا سنڌين جي مفاد ۾ جن جي مخالفت ٿيندي هئي پر منهنجي انهن ادارن ۾ هئڻ جي ڪري اهي اهم مسئلا حل ٿي ويا . . . .” اسان جي اهم ادارن جون حالتون تباهه حال آهن ڇو ته اهي همدرد ۽ هڏ ڏوکي سنڌي نه آهن. اگر جيڪي سنڌي ادارن ۾ آهن، اسان ٿوري گهڻي ڳالهه تي انهن جي ٽوپيءَ ۾ هٿ وجهيو ويٺا آهيون، انهن کي بي عزت ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهيون.
اسان سنڌين جي ان ٻٽي پاليسي ئي اسان کي تباهه ڪيو آهي. جذباتي دائري مان نڪري هاڻ اسان کي اهو سوچڻ کپي ته نوڪري ڪندڙ اديب ويڪائو اديب نه آهن، سو مان هڪ پرسنٽ جي ڏوهن جي سزا توهان سڀني اديبن کي نه ٿا ڏيئي سگهو. ياد ٿي اچيم هڪ پراڻي ڳالهه هڪ وڏي نالي واري اديب کي جواني ۾ ئي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي. هو اديب سي ايس پي آفيسر هو. الائجي ته ڪيترا ڪوڙا سچا ان الزام هنيا ويا نوڪري مان ڪڍڻ مهل. پر اصل حقيقت ڪا ٻي هئي. اها حقيقت اها هئي ته هڪ دفعو اتفاق سان ڪنهن محفل ۾ ان سي ايس پي آفيسر هڪ قوم پرست اڳواڻ سان هٿ ملايو هو. اها تصوير ئي ان جي نوڪريءَ جو زوال بڻي . . . . . اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته قمر شهباز جو ڪراچيءَ جي ادبي فنڪشن ۾ کلي عام شرڪت ڪرڻ، هر قسم جي سياسي ماڻهوءَ سان ملڻ انهن کي مان ڏيڻ ئي ان جي تباهيءَ جو سبب هجي؟ سنڌي جو سنڌين سان ملڻ به جرم آهي. باقي اهي سنڌي جڏهن اسيمبلين جا ميمبر ٿي پارٽي ڇڏي ضمير وڪڻي ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا انهن کي ڪير چوڻ آکڻ وارو آهي ئي ڪو نه. هي اسان جا وڏا قوم پرست اڳواڻن جن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جرم آهي انهن جي هلندي پڄندي حڪومت وٽ ايتري آهي جو انهن سان واسطو رکندڙن فردن کي، سترهين گريڊ کان اوڻيهين گريڊ جي نوڪري ڏني ٿي وڃي. ادارن جي سينڊيڪيٽ جا ميمبر ۽ سربراهه مخالفت ڪن ٿا ته اهو غلط طريقو آهي ته سائين منهنجا گورنر صاحب نوٽيفڪيشن ٿو ڪڍي نوڪريءَ لاءِ . . . . .!! اهي نا اهل ماڻهو جيڪي نه ڳالهائي سگهن نه وري پنهنجي لکيل شيءِ پڙهي سگهن، سي ادارن جا سربراهه هڪ جمپ ۾ ٿي ٿا وڃن . . . . .!!
سمجهه کان مٿي آهن اسان جي سنڌ جون حالتون . . . . هتان جي ماڻهن جي نفسيات سمجهه کان مٿي آهي. حالتون مايوس ڪن آهن ۽ هر ڪو اذيت مان گذري پيو. مان ته اهو سمجهان ٿي ته اسان جي اديبن ۽ ڪامورن کي گڏجي اجتماعي استعيفائون ڏيڻ گهرجي. ڪهاڙيون ۽ ڪلاشنڪوف کڻي رستن تي نڪري اچڻ گهرجي ڇو ته اسان جي اديب تي تنقيد ڪرڻ وارو اها ئي توقع رکي ٿو. باقي ادارا، نوڪريون، سهولتون، خوشحاليون سڀ ڌارين جي حوالي ڪرڻ گهرجن. نه ڪو اديب ڪامورو هوندو نه ئي اهي طعنا ٻڌندو ته، اديب ضمير فروش آهي، غدار آهي، ويڪائو آهي. ان کان پوءِ سڀ گڏجي رستن روڊن تي ماتم ڪنداسين ته هاءِ ڙي هاءِ، اسان کي نوڪريون ڪونهن اسان کي حق به ڪو نه ٿا ملن، ظلم ڙي ظلم، قهر ڙي قهر، پوءِ آخر انت اهو ئي ٿيندو هڪ ٻئي کي ماريندا. هڪ ٻئي کي چڪ پائينداسين ۽ آخر فنا ٿي وينداسين. فنا آخر فنا، سڀ ڪجهه فنا، سنڌي قوم فنا. . . . . . .

آچر 31 آڪٽوبر1993ع