ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سنڌ ۾ ڏاڍن جون ڏاڍايون

پنهنجي ننڍپڻ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو ناول “سانگهڙ” پڙهيو هئم. اهو سڄو ناول ناول حُرن جي تحريڪ جيڪا عام ڪري سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سانگهڙ ضلعي ۾ هلي هئي، اُن تحريڪ جي حوالي سان هي سانگهڙ ناول لکيل آهي. اُن تحريڪ جو زور سانگهڙ ضلعي ۾ گهڻو هو. سال ٿيا آهن هن ناول کي پڙهندي پر اُن ۾ لکيل ڪجهه ڳالهيون ذهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود آهن، جيڪي اڄ ياد اچي ويون.
حرُن جي هن تحريڪ ۾ هندو سنڌين ۽ مسلمان سنڌين گڏجي حصو ورتو هو. هن تحريڪ ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن به حصو ورتو هو ۽ قربانيون ڏنيون هيون. اڄ اُنهن عورت ڪردارن جا نالا ته ياد ڪونه اٿم پر اُنهن جي ڪيل جدوجهد ۽ قربانيون جيڪي اُنهن ڏنيون هيون هن ناول ۾ وضاحت سان لکيل آهن. اُهي ڪجهه ڳالهيون منهنجي ذهن تي ڇٽيل آهن. ناول سانگهڙ ۾ مصنف هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “اها تحريڪ ايتري ته زور وٺي ويئي جو انگريزن جي چيلهه ئي ڀڄي پيئي ۽ اُنهن هتان جي رهواسين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. انتها ته اها ڪيائون جو اُنهن جي اڳيان هر سنڌي ڳالهائڻ وارو حُر هو”. مصنف ناول ۾ اهو به لکيو آهي ته اُن وقت سانگهڙ ضلعي جو ڪو اهڙو گهر نه هو جنهن جو ڀاتي نه مئو هجي. اهڙ اگهڻا گهر هئا جن جا مرد ته بچيا ئي ڪونه هئا.
سانگهڙ ناول جو حوالو مان انڪري ڏنو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ سانگهڙ ضلعي وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. اها حُرن جي تحريڪ هئي جيڪا اڳتي هلي ٻين تحريڪن سان ملي انگريزن کي هتان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي. برصغير پاڪ هنڌ ۾ سنڌ اُهو واحد صوبو آهي جت انگريزن کي اچڻ مهل “مياڻي” ۽ “دُٻي” (علائقن جا نالا) واري جنگ ۾ مقابلو ڪرڻو پيو ۽ وڃڻ مهل حُرن جي تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن سان مقابلو ڪرڻو پيو.......
هاڻ ڏسو اُن تحريڪ جي باني ۽ هڪ مهان انسان جو اولاد ڇا پيو ڪري؟ هي اُهي ماڻهو آهن جن کي کپي ها ته هو سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جي مٿي تي هٿ رکن ها. اُنهن لاءِ اسيمبلين ۽ سينٽ ۾ ڪجهه ڳالهائين ها. هيڏا جو سنڌين مٿان ڪلور ۽ ظلم ٿي چڪا آهن اُنهن مسئلن تي وات کولين ها. پر اُنهن ائين نه ڪيو. اُنهن جي قول ۽ عمل جو تضاد سنڌين جي تڪليفن کي وڌائي پيو. هو مانَ مرتبي ۽ عزت وارا ماڻهو گهڻو نه ته رڳو ايترو ڪن ها جو صرف سچ چوڻ جي همت ڪن ها ته شايد اُنهن جو شان مان رهجي اچي ها.....هاڻ ٻڌو سائين جن نئين ڳالهه پيا ڪن. اُنهن جي وڏن سنڌ لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ هو چون ٿا ته ڪراچيءَ کي الڳ ڪري مرڪز سان ملائڻ گهرجي.....
معنيٰ ته سائين جن جي راءِ آهي ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري ڇڏجي....!!! اها خبر پڙهي سنڌ سان محبت رکڻ وارن جي جيڪا حالت ٿي هوندي سان بيان نه ٿي ڪري سگهجي. پر هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي ڳالهه ان شخص ڪيئن چئي؟ ڇو چئي؟ پيشنگويون ڪرڻ ۽ کل مسخري ڪري وڏيون ڳالهيون ڪرڻ انهن جون اسان کي به وڻن ٿيون پر سنڌ جي مستقبل جي فيصلي جو اختيار يا وري سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو اختيار هنن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ هي ماڻهو پنهنجي علائقي مان به اليڪشن هارائين ٿا. هي ماڻهو جن کي پنهنجي ڳوٺ راڄ وارا به ووٽ ڪونه ٿا ڏين اُنهن کي اهو چوڻ جي جرئت ڪيئن ٿي ته هو ويهي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن.
هاڻ سائين ذڪر ٿي ڪيان سانگهڙ ضلعي جي هڪ ٻئي ڪردار جو سانگهڙ ضلعي جو هڪ وڏو زميندار نوابي خاندان جو چشم چراغ ڪروڙن جو وارث. اُن جي شادي کي جڏهن ٻه ٽي سال گذري ويا ۽ اولاد نه ٿيو ته سُسُ پُسُ شروع ٿي ويئي. هيڏي وڏي ملڪيت جو وارث ۽ اُن جي پيڙهي پيدا نه ٿئي هي ته هڪ وڏو مسئلو هو. ننڍن وڏن، مٽن مائٽن، دوستن، همدردن سمجهايو ته سائين اها چڱي ڳالهه نه آهي. اسان کي ته پٽ جي ڇٽيءَ جي ڀتَ کائڻ جي آس اميد آهي ۽ هت سال پيا گذرن ڪا خوشيءَ جي خبر ئي نه آهي. اهو سمورو احوال اُن نواب جي مرشد تائين به وڃي پهتو. اُهو مرشد به هلي آيو پنهنجو فرض نڀائڻ. مرشد سائين به سمجهاڻي ڏني ته سائين شرع ۾ ڪو شرم نه آهي مڙس ماڻهو پيا شاديون ڪندا آهن، هن گهرواريءَ مان اولاد نه ٿيو آهي ته پوءِ ٻي شادي ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي. هن عقلمند ۽ سمجهدار انسان جواب ڏنو “ته سائين منهنجي گهر واري منهنجو گهر آهي (اُن جي زال اُن جي چاچي جي ڌيءُ هئي) هاڻ جو مان ٻي شادي ڪيان ته معنيٰ ڌارين مان ڪيان ڇو ته خاندان وارا سنڱ ڪونه ڏيندا. مان جو ڌارين مان شادي ڪريان ته معنيٰ منهنجو نسل ڌارين ماءُ مان هلندو. اها ڳالهه مان برداشت نه ٿو ڪري سگهان. ها باقي توهان منهنجا مرشد آهيو، منهنجي لاءِ دل سان دُعا ڪيو ته منهنجي هن گهرمان ئي منهنجو گهر آباد ٿئي..... اُن نيڪ ۽ عقلمند انسان نيت جي سچائي ۽ مرشد جي دُعا به الله اهڙي ٻڌي جو چوڏس رنگ ڦهلجي ويا.
الله به نوازيو ته هو نواب ڪيترن ئي پٽن جو پيءُ ٿي ويو. سڀ لائق پٽ.... اُنهن پٽن مان هڪ پٽ جي هٿ ۾ سنڌ جي واڳ آهي. اُن شخص سنڌ کي صفا اُٿلائي ڦٿلائي ڇڏيو آهي. هي شخص هن مهل جيڪو ڪجهه ڪري پيو سو سمجهه کان ٻاهر آهي. هي شخص جنهن جي والد ۾ ايتري غيرت هئي جو ڌارين سان سنڱ ڪرڻ ۽ پيڙهي پيدا ڪرڻ پنهنجي لاءِ خراب پيو سمجهي. اڄ اُن جي پٽ سڄي سنڌ ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ هڪ خوني باب لکيو ويو وڃي. اُن جا ڪيل فيصلا پنجوڙ تي سنڌين مٿان ڪريا آهن. هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڪيترا سنڌي بي روزگار ٿيندا؟ سنڌين جا گهر ۽ ملڪيتون تباهه پيون ٿين. ڇا ٿيندو مستقبل ۾؟ بهرحال تمام ڏکيو وقت آهي سنڌين لاءِ ڇو ته هن شخص جا ڪيل فيصلا تمام خطرناڪ ۽ نقصان ڏيندڙ آهن............
هاڻ سائين سانگهڙ مان نڪري بدين ڏي ٿا اچون. هو بدين شهر جو رهواسي ايم آرڊي جي تحريڪ جو اڳواڻ. جنهن قربانيون ڏنيون. جنهن سور سختيون سٺيون ۽ آخر زندگيءَ جي ٻليدان ڏيئي شهيد ٿيو. اُن جو پٽ قوم پرست سنڌيت جي نالي تي ووٽ وٺڻ وارو. جيڪو سنڌ جي عوام جي سورن لاهڻ جي ڳالهه ڪندو هو. هن جو چوڻ هوندو هو ته سنڌي ماڻهو قوم پرستن کي ووٽ ڪونه ٿا ڏين. اگر قوم پرست کٽي اسيمبلين ۾ ويندا ته هو سنڌين جي حقن لاءِ وڙهندا. سنڌين کي حق وٺي ڏيندا ۽ سنڌي قوم جي دشمن جو مُنهان مُنهن مقابلو ڪندا..... هاڻ ته ٻڌو اٿئون ته هن ٻه مهينا اڳ ئي معاهدو ڪيو هو سنڌ دشمنن سان اُن ڪري ئي اليڪشن جو دوران ان جي تڪ ۾ اهڙا آفيسر موڪليا ويا جيڪي اُن جي مڪمل مدد ڪن پيا. آخر هو قوم پرست کٽي ويو. هاڻ هو به وڃي اسيمبلي ۾ ويٺو آهي. کٽڻ کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌواسي اُن کان وسري ويا آهن. اُن اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي. سو برداشت کان مٿي آهي.
هاڻ هلون ٿا دادو ضلعي ڏي. دادو ضلعو ۽ اُن جا سياسي ڪردار اصل ذڪر کان مٿي آهن. اُنهن ڪردارن ۾ هڪ جبل جيڏو ڪردار. اُن سنڌين کي سنڌيت جي سوچ ڏني، وجود جو احساس ڏياريو. سندس نالو دشمن لاءِ ڪات ڪهاڙي کان گهٽ نه آهي. هو پوڙهو شينهن اڄ به ڪجهه ڳالهائي ٿو ڪجهه چوي ٿو ته حال في الحال زلزلو اچي ٿو وڃي. ڪيترائي جوان اُن جي تحريڪ پٺيان شهيد ٿيا آهي، جيلن ۾ مصيبتون پيا ڪاٽين.... اڄ هو شخص ڪٿي بيٺو آهي؟ اُن جي پٽ اسيمبلي ۾ اچي ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي. حيدرآباد جي نسيم نگر قاسم آباد ۾ قائم ڪيمپن جا رکوالا اُن جا پوئلڳ آهن. اُنهن کين ضرور ٻڌايو هوندو ته اُنهن ڪيمپن ۾ آيل نياڻين، ڀيڻن ۽ جوانن جا قاتل ڪير آهن. اڄ هو اُنهن قاتلن کي ووٽ ڏيئي. اسيمبلي ۾ عهدا پيا ڏيارين. اُنهن قاتلن سان گڏ هڪ گلاس ۾ سُرڪيون پيا ڀرين....... اُنهن کي اها همت پيا ڏيارين ته توهان ڇا به ڪيو، ڪجهه به ڪيو، اسان ڪُرسين جا ڪوڏيا آهيون. ڪو مري ڪو جيئي اُن ۾ اسان جو ڇا؟ هاڻ مان اُن مهان شخص ۽ ان جي پٽ بابت وڌيڪ نه ٻڌائيندس، ها پر تاريخ پاڻهي فيصلو ڪندي ته هنن جي قول عمل جي تضاد سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي.....؟
هاڻ دادو ضلعي جي ٻي قد آور شخصيت جنهن ون يونٽ ٺاهڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي. گهڻي ڪوشش ڪئي هئائين ته ون يونٽ نه ٺهي. آخر جڏهن وس نه هلي سگهيس ته سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس دوران ڪاوڙ وچان جوتو اُڇلايو هئائين اُن شخص ڏي جنهن ون يونٽ جي قراداد پاس ڪرائي هئي. پوءِ وٺي اُتان ڀڳو. پوليس پويان پاڻ اڳيان جيپ ۾ آخر پڪڙجي پيو قيد ڪاٽيائين، سخيتون سٺيائين پر ثابت قدم رهيو. اُن جي خاندان جا ٻه چشم چراغ سياست ۾ اچي ويا. هو ٻئي به قوم پرست. هڪ ڄڻو ته اهڙو جنهن پنهنجي گهر ٻار جي به پرواهه نه ڪئي آهي. سنڌين جي حقن لاءِ پيو وڙهي. سينٽ ۾ به سنڌ جي مسئلن کي چڱي طرح اُٿاريو اٿس. هاڻ هو اليڪشن ۾ هارائي ويو آهي. سندس ٻيو ڀاءُ جيڪو پهرين ئي ڪُرسي تي ويٺل هو هٿ پير هڻي ڏاڍ مڙسي ڪري کٽي ويو. هاڻ هو اسيمبلي ۾ ڇاپيو ڪري.......؟ اُها به هڪ طوطا مينا جي ڪهاڻي آهي.
هاڻ اچون ٿا لاڙڪاڻي طرف اڳ چيو ويندو هو ته “سنڌڙي تو کي جڏهن ڪڏهن قنڌار مان ڌوڪو.” اڄ ائين چوڻ کپي “سنڌڙي تو کي جڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ڌوڪو.” لاڙڪاڻي جي اهم ڪردارن مان هڪ ڪردار جنهن سڀ کان پهرين سنڌين کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو ون يونٽ ٺاهي..... اُن ڌڪ جا ڦٽ اڃان به سُڪا نه آهن. اندرئي اندر اُهي ڦٽ ناسور ٿي پيا آهن. اُن شخص جو اولاد اُن ڪوشش ۾ مشغول آهي ته ڪهڙي طرح هو سندن والد جي ڪيل غلطين جو ازالو ڪري سگهن. هو سڀ قوم پرست آهن. سڄو ڏينهن جيئي سنڌ، جيئي سنڌ ٻي ڪائي وائي ناهي وات ۾.......
اُن اولاد مان هڪ ڌيءَ پڙهيل لکيل سمجهدار، باهمت، حوصله مند، سنڌ جي نالي ڪير به گهرائي اُت موجود. ڪجهه عرصو پهرين جي ڳالهه آهي نورالهديٰ شاهه ٽي وي جي لاءِ ڊرامو لکيو جنهن جو نالو هو “جنگل” جيڪو ڏاڍو ڪامياب ٿيو هو. اُن ڊرامي جي ڪاميابي جي سلسلي ۾ هڪ پروگرام رٿيو ويو هو. ان ۾ اُن قوم پرست عورت کي به دعوت ڏني ويئي. اُن عورت نفرت جو اظهار ڪندي چيو ته نورالهديٰ شاهه اردو ۾ ڊرامو لکي سنڌ سان غداري ڪئي آهي. سو مان اهڙين دعوتن ۾ ڪونه ويندس... ايڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ ايڏين وڏين بلندين تي اُڏامڻ واري عورت دشمنن سان سنڌ جي ماڻهن جي رت جي راند کيڏيندڙن سان وڃي وزارت ۾ ويٺي. هاڻ اليڪشن ۾ ته هارائي ويئي آهي پر ٻڌون پيا مشير جو عهدو ملڻ وارو اٿس...
هي منهنجو ڪالم پڙهڻ وارا پيارا سنڌيو هي سڀ ڪجهه لکڻ جو سبب صرف اهو آهي ته آخر اسان سنڌي ڪاڏي وڃون؟ ڪنهن کي پنهنجو سمجهون؟ گذريل حڪومت غلطيون ڪيون دلين تان لهي ويئي. سڀني پئي چيو ته قوم پرستن کي کٽرائجي ته سڀ صحيح ٿي ويندو. هو قوم پرست اسيمبلين ۾ اچي واڄٽ وڃائيندا. ائين گجندا، ائين گوڙ ڪندا جو دشمن جا ڏيل به ڏڪي ويندا. هاڻ ڏٺوسين هنن قوم پرستن کي، هاڻ هيٺ ڌرتي ٽامو آهي ۽ آسمان مٿان باهه جا اُلا، هاڻ سنڌي ويچارا ڇا ڪن؟ سمجهه ۾ نه ٿو اچي سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ ها پر هڪ ڳالهه جو مون کي يقين آهي، ايمان آهي ته هي سڀ ماڻهو تاريخ جي ٽياس ته ضرور ٽنگبا.... پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا... اُن وقت عام سنڌي ماڻهو فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري ضرور چوندو ته شڪر آهي ته اسان هنن ماڻهن کي ووٽ ڪونه ڏنو. هو ڪُرسين، وزارتن ۽ مشيرن جي عهدن تي ويساگهاتي ڪري پڳا آهن. هي سڀ سنڌين جا چونڊيل نمائندا نه آهن. پر جيڪي چونڊجن ٿا اُهي ڇا ٿا سنڌ لاءِ ڪن اهو به هڪ وڏو سوال آهي؟

عوامي آواز 18 نومبر 1990ع

نوٽ: منهنجو هي ڪالم ڄام صادق علي جي حڪومت ۾ شايع ٿيو هو. مون ٻڌو آهي ته ان وقت خالد سيتائي چيف منسٽر هائوس ۾ انفارميشن آفيسر هو، ان کي اهو چيل هو ته منهنجو هر ڪالم اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ان ئي ڏينهن چيف منسٽر هائوس ۽ ٻين ڊپارٽمينٽن ۾ پهچايو وڃي. (خالد سيتائي پاڻ ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو)ان ڏينهن جڏهن ڄام صادق علي صاحب جي هٿن ۾ منهنجو اهو ڪالم پهتو ته ان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هڪدم عوامي آواز جي آفيس مان سهيل سانگي ۽ امداد اوڍو کي گهرائي ڏاڍي ڪاوڙ جو اظهار ڪيائين. آخر ڄام صاحب پڇيو ته هيءَ سلطانه وقاصي ڪير آهي؟ کيس ٻڌايو ويو ته مان سينٽ جوزف ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيان. ان اهو چيو ته مان اڄ جو اڄ اُن کي ٿر جون ڀِٽون ٿو ڏيکاريان. اُت علي نواز وفائي جن به ويٺا هئا. (وفائي صاحب به منهنجي والد جا گهرا دوست هئا) ان ڄام صاحب کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هو سخت ڪاوڙ ۾ هئا. اصل ڪرسيءَ تي اڀا ٿي بيٺا هئا. آخر جڏهن علي نواز وفائي جن کين اهو ٻڌايو ته مان ٽنڊي آدم واري خانصاحب عبدالحق وڪي جي ڌيءَ آهيان ته هو خاموش ٿي ويو ۽ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو.......
ڄام صادق علي صاحب جيڪو منهنجي بابا جو گهرو دوست ۽ منهنجو چاچا ڄام صادق علي هو. مونکي ننڍي هوندي پيار به ڪندو هو. اهو وقت ياد اٿم جو اسان جو بابا سائين ڌيئن جي پڙهائي جو خيال رکندو هو. مان روز هڪ پنو سٺن اکرن ۾ لکي بابا سائينءَ کي ڏيکاريندي هيس ته بابا جن مونکي خرچي ڏيندا هئا. هڪ ڏينهن عادت موجب مان پنو لکي اوطاق ۾ بابا سائين وٽ ويس ته بابا مونکي خرچي ڏني، اهو ڏسي چاچا ڄام صادق علي ۽ چاچا ڪرم علي ۽ ٻيا جيڪي اتي ويٺا هئا سڀني مون کي خرچي ڏني هئي. مونکي هنن سڀن وڏن لاءِ احترام آهي. ڇو ته اسان جي خاندان ۽ ڄامن جي خاندان سان اسان جي وڏن جي پراڻي دوستي آهي. ڄام صادق علي جو والد نواب ڄام ڪانڀو خان لاءِ چوندا آهن ته سانگھڙ جي علائقي ۾ هن کان وڌيڪ ڪو سخي ڪو نه هو. ڪو به سوالي سندس در تان هٿين خالي نه موٽندو هو. پر مان چري سنڌ جي مفادن خاطر انهن کي درگذر ڪري نه سگهيس.
هن ڪالم ڇپجڻ کان پوءِ مان جڏهن عيد تي ٽنڊي آدم ويس ته بابا جن جيڪي پاڻ ادب دوست ۽ سنڌ دوست هئا، انهن صرف مونکي ايترو چيو ته، اڪرم توکي هن ڳالهه جو خيال رکڻ کپي ها جو منهنجي دوستن جي دل نه رنجائين ها .........
ياد ٿوا چيم ته ماما جمال جون چمڪندڙ اکيون جن هي ڪالم پڙهي منهنجي مٿي تي هٿ رکي چيو هو، “ اڪرم ڏاڍن سان منهن اٽڪايو اٿئي، پوئتي موٽ نه کائجان . .......”
الطاف شيخ هن ڪالم جي حوالي سان هڪ هنڌ لکيو آهي “ جنهن ڏينهن اهو ڪالم ڇپيو هو ان ڏينهن مان هڪ دعوت ۾ موجود هئس. اُن دعوت ۾ جنهن ٽيبل تي مان ماني کائي رهيو هوس اتي سڀئي جج ويٺل هئا. ڳالهين دوران انهن سلطانه وقاصي جي ڪالم جو ذڪر پئي ڪيو، ڪا دير ان جي تعريف ڪندا رهيا ته جتي مردن ۾ به ايڏي همت نه آهي اُت سلطانه عورت ٿي ڪري جنهن بي ڊپائيءَ سان هي ڪالم لکيو آهي شاباس اٿس. منهنجي خيال ۾ سلطانه وقاصي لاءِ ايڏي وڏي ڪيليبر جا ماڻهو اها ڳالهه ڪن ته ان کان وڌيڪ ان کي ٻئي ڪهڙي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي.”)