راڪاس برڙ باڪاس
هر انسان ۾ هر قسم جي برائي ۽ سٺائي موجود آهي. جذباتي جولان ۽ آس پاس جون حالتون ئي انسان کي اُن حد تائين پهچائين ٿيون.....
هر انسان ۾ هڪ ٻار موجود هوندو آهي. اُهو ٻار زندگي جي ويڙهاند ۾ ڊڪندو وتندو آهي. عمر ڪيتري ئي ڇو نه هجي پر وجود ۾ سمايل ٻار هميشه انگل ڪندو، پاڻ مڃائيندو ڀڄندو رهندو آهي. اُهو وجود وارو ٻار بي ڊپو ۽ بي خوف هوندو آهي. جڏهن ڪو وڏو سمجهدار ماڻهو ڪا اهڙي حرڪت ڪندو آهي ته اُن کي هميشهه چئبو آهي ته تون ٻار ته نه آهين، هي ٻاراڻيون حرڪتون ڇو پيو ڪرين. اهي ٻاراڻيون حرڪتون فطري طور انسان کان سرزد ٿي وينديون آهن.......
ٻار هجڻ سان گڏوگڏ انسان ۾ وحشانيت ۽ درندگي به ڀريل آهي. وجود جو معصوم ٻار ۽ پيار جي شدت اُن وحشانيت ۽ درندگي کي روڪي ڇڏيندي آهي. پيار ۽ پنهنجائپ جي ڪمي ۽ صحيح واٽ جي سڃاڻپ نه هئڻ سان ئي انسان ظالم ٿو ٿئي. انسان فطري طور پيار محبت ڪرڻ وارو آهي. هر انسان ڪڏهن به ظالم ٿيڻ نه چاهيندو پوءِ به هي ڇا آهي؟هن دنيا۾ ظلم ڪرڻ وارا به گهڻا آهن ته وري ظلم سهڻ وارا به گهڻا آهن. خير ۽ شر جي لڙائي روز ازل کان جاري آهي. هن ترقي يافته دنيا ۾ انسان جيترو هڪ ٻئي جي ويجهو آيو آهي ته ذهني طور هو هڪ ٻئي کان پري ٿيندو ٿو وڃي. آزادي اها به جسماني ۽ ذهني آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي. ها پر آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ وڏو فرق آهي. صحيح معنيٰ ۾ رهبري ۾ مليل آزادي انسان کي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيندي آهي. بي ترتيب ۽ غلط رستي واري ڇڙواڳي انسان کي برباد ڪري تهس نهس ڪري ٿي ڇڏي.......... ڇا اسان کي ان ڳالهه تي نه سوچڻ گهرجي ته اسان جو اڄ جو ٻار، اڄ جو جوان، ۽ اڄ جو پوڙهو ايتري هيجاني ۽ منتشر ڪيفيت ۾ ڇو آهي؟ ڇا انسان پنهنجي ٻارن کي اها تربيت اها راهه ڏيکاري آهي. جيڪا اسان جو فرض آهي؟ ڇا هڪ جوان انسان پوءِ چاهي اُهو مرد هجي يا عورت هن ارڏي ۽ بي پرواه جواني ۾، جذباتي جولان ۾ پنهنجن حقن سان گڏ فرض کي به ياد رکيو آهي؟ ڇا هڪ بزرگ جنهن پنهنجي سڄي زندگي هن خوبصورت دنيا ۾ گذاري آهي ته ڇا هو ٻين کي پنهنجي زندگي جون حاصلات ٻڌائي ٿو؟ ڇا اُن جي تجربن مان ان جي زندگي مان اڄ جو نوجوان ڪجهه پرائي ٿو؟......... ڪيترائي سوال ذهن جي پولارن ۾ اُڀرن ٿا ۽ ختم ٿي ٿا وڃن، هن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان هڪ ڏور ۾ ٻڌل آهي، هڪ زنجير ۾ جڙيل آهي. خبر نه آهي ڇو اوچتو ئي اوچتو اها ڏور کليو وڃي، اها زنجير ٽٽيو پوي.
منتشر، بي ترتيب، ڇڙواڳ، هي سڀ انسان ڄڻ ته ٻار ٿيو پون، اُهي سڀ ٻاراڻيون حرڪتون ڪرڻ لڳن ٿا جو معاشري جي وجود کي لوڏي ڇڏين......... اُهي ٻاراڻيون حرڪتون ئي ته آهن جڏهن انسان ظالم ۽ جابر ٿئي ٿو. قتل ڪري ٿو. خون جون نديون وهائي ٿو. ڀلا اهو به ته هڪ وڏو روپ آهي. اُن اندر جي ٻار جو، جيڪو ٻن مختلف روپن ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿئي ٿو. هڪ آهي ظلم ڪرڻ وارو ٻيو سهڻ وارو. ڀلا جي ظالم ڏاڍو آهي ته مظلوم به ته اوهڙو ئي هڏ ماس، جسم جان وارو آهي پوءِ ڀلا هي تضاد ڇو؟ شايد سڀ کان سولو آسان جواب اهو آهي، انسان جي بنيادي تربيت، گهر جو ماحول ۽ آسپاس جون حالتون!!!!! ڇا اسان اهو نه ٿا سوچي سگهون ته هن دنيا ۾ جنم وٺندڙ ٻار جيڪو فرشتو هوندو آهي طبيعت ۾ سو شيطان ڇو ٿو بڻجي............؟ ڇا پنهنجي حقن جون ڳالهيون ورجائيندي اسان پنهنجي جن فرضن جي به پوئواري ڪئي آهي؟ اُهي ٻار جيڪي سڀاڻي جا مهندار آهن انهن جي صحيح جسماني ۽ ذهني تربيت ٿي رهي آهي يا نه؟
يقيناً ٿي به رهي آهي. گهڻا والدين ٻارن کي تمام سهڻي نموني ۾ پالنا ڪري زماني جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪندا ٿا رهن. اصل ۾ مسئلو انهن گهرن ۾ آهي جت ٻار ڊڀن وانگر، ضرورت نه هوندي به ڄمي پوندا آهن. والدين مصروف پنهنجي زندگي ۾ مگن رڳو اهو سوچيندا آهن ته ٻارن کي سٺو کاڌو ۽ اعليٰ رهائش ميسر ڪري، انهن سڀ فرض پورا ڪري ورتا آهن. هي گهر ۽ در ديوارون ته بي جان آهن. هي ٽي وي، وي سي آر به ته انسان جي هٿن جون محتاج آهن. بنيادي طور ته انسان خراب آهي ۽ نه وري هي بي جان شيون، فرق آهي ته صرف استعمال جو. گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ ڪراچي جي ڪجهه وڏن تعليمي ادارن ۾ وڏا وڏا واقعا ٿي گذريا آهن. نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي ڇوڪرن هڪ ٻئي کي گوليون هڻي ماريو آهي. اُت به مسئلو عشق جو آهي. اُهي به ستين ۽ ڇهين ڪلاسن جي ڇوڪرين سان. هي سڀ ٻار ڄمندي ئي سان جوان ٿيو وڃن. دنيا جي سڀني لاهين چاڙهين کان واقف ٿيو وڃن. هنن ننڍڙن ٻارن، آئنده جي مهندارن جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟ اسان جا وڏڙا ٻارن ۽ پاڻ وچ ۾ هڪ سنڌو رکندا هئا. جتي چار وڏا ويٺا ٻار ات ايندا ئي نه هئا. ڪابه خراب ڳالهه يا گهٽ وڌائي وارا مسئلا ٻارن اڳيان آڻبائي نه هئا. اُن ڪري اُهي ٻار سچ پچ ٻار ئي هوندا هئا. پنهنجي عمر جي حساب سان ارڏي، بي پرواهه ۽ بادشاهي واري زندگي گذاريندا هئا. اڄ جو ٻار ٻار نه رهيو آهي. ذهني طور تمام اڳتي وڌي ويو آهي. اُن جي سڄي ذميداري ماءُ پيءُ، گهر جو ماحول ۽ وي سي آر تي هلندڙ فلمون آهن. اڳ فلمن جا هيرو پوڙها ڪتاب کنيو ڪاليج پيا ويندا هئا. اڄ جي فلمن جا هيرو هيروئن اسڪول جا ٻار جيڪي چڍي، بشٽ ۽ فراڪ پائڻ وارا آهن. عشق ڪندا نظر ٿا اچن.
معاشري کي سڌارڻو آهي ته اڄ جي ٻار جي صحيح تربيت ڪرڻي آهي. صحيح ماحول ميسر ڪري ڏيڻو آهي. اڄ جو ٻار جيڪو سڀاڻي جو سرواڻ آهي. ضرور پڇا ڪندو اسان کان ته توهان سڀ وڏا جيڪو جيون گذاريو پيا. ڇا ڪيو اٿو اسان جي لاءِ؟ هي ائين هڪ ٻئي کي ماريندڙ ٻار هي دهشتگردي، نفرتون، جهيڙا ۽ جنگيون ڪهڙو مستقبل ڏيئي رهيون آهن. اسان جي ٻارن کي هر عمر جي حساب سان وجود ۾ ويٺل ٻار اڪيلو ۽ ڊوڙندو پيو وتي. هن ڪنڊن ڀري واٽ تي اسان ڪيتري ڪوشش ڪئي آهي ڪنڊن هٽائڻ جي؟
هي اندر ۾ ويٺل ٻار جيڪو تنهنجو به آهي منهنجو به آهي هن ڌرتي جو مستقبل آهي. جيئڻ چاهي ٿو ۽ اڳيان موت جاکوه کوٽيا پيا آهن. ڏائڻ بلائن ۽ اجگرن جا وات کليا پيا آهن. هي سڀ ارڏا، بي چيا ۽ پنهنجو پاڻ کي ماريندڙ ٻار حق گهري رهيا آهن جيئڻ جو، خوشين جو، هڪ ڀرپور جيون گذارڻ لاءِ اُنهن جو جيڪو حق آهي، اهو اسان کي ڏيڻو پوندو ۽ ضرور ڏيڻو پوندو.....
آچر 15 مارچ 1992ع