سانئڻ مارئي منهنجي ساهه ۾
مارئي هڪ سنڌي عورت جو ڪردار آهي. ان ڪردار جي مان شيدائي آهيان. مارئي تي ٿيل ظلم ۽ پيڙائون ۽ ان ظلم ۽ پيڙائن ۾ مارئي جو ڪردار پاڻ ڏي ڇڪي ايندو آهي. ان وقت جڏهن مارئي ملير ڏي موٽ کائيندي آهي ۽ واپس پنهنجي مارن ڏي ايندي آهي. ان جا مائٽ ان کي قبوليندا آهن. کيت سين به ان سان شادي ڪندو آهي. شاديءَ کان پوءِ جون حالتون ۽ پيڙائون جيڪي مارئيءَ صبر سان برداشت ڪيون، اهي حالتون مارئيءَ جي اند ڀور ڀور ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون. جيئن ته مارئي هڪ بلند ڪردار ۽ باهمت عورت هئي، ان انهن ڏکن طعنن، ظلم زيادتين کي زندگيءَ جي کليل حقيقت سمجھي قبول ڪيو. اڄ اسان هن ترقي يافته زماني ۾ به تلخين ۽ سچاين کي برداشت ڪرڻ جي همت نه ٿا رکون ۽ هوءَ مارئي جيڪا اٻوجھه ۽ گگدام هئي، دنيا جي لاهين چاڙهين کان واقف نه هئي، ان کي زماني جي حقيقتن ان هنڌ تي وڃي پهچايو جو هوءَ پاڻ پچائي سخت جان ٿي ويئي. جڏهن هوءَ عمر ڪوٽ جي محل جي اڱڻ جي چبوتري تي ويهي ماروئڙن کي ياد ڪري ڪانگ اڏائيندي هئي. يا وري محل جي دريءَ مان اُن واٽهڙن کي ڏسي سوچيندي هئي ته من اُن ۾ اهو به هجي جيڪو منهنجي ملير جي مارن وٽان آيو هجي، مون کي ڳوليندو هجي، مون کي ٻڌائڻ آيو هجي ته مارئي ايترو ته روءَ نه رڙيون ڪر. جيترو تون مارن کي ياد پئي ڪرين اُن کان وڌيڪ تنهنجا مارو تنهنجي لاءِ بيقرار آهن. هاڻ اُها ئي مارئي جڏهن واپس ملير ۾ آئي ۽ جن مارن جي لاءِ اُنهن جي طعنن کي برداشت ڪرڻ. مٿان وري ور جي بيپرواهي. اهي سڀ ڳالهيون ۽ حالتون مارئي کي ڏکوئڻ لاءِ ڪافي هيون. يقينن مارئي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ چانڊوڪين راتين توڙي اونداهين راتين ۾ جاڳي اهو ضرور سوچيو هوندو ته آخر هوءَ ڪهڙن ڏوهن جي سزا ڪاٽي رهي آهي؟ عمر سومري جي ڪوٽ کان وڌيڪ اُن کي پنهنجي جون ميارون ڏکوئينديون هونديون. اُن ويل مارئي ڇا سوچيندي هوندي؟ ڪيئن اُنهن حالتن جو صبر سان مقابلو ڪيو هوندائين. مارئي هڪ وڏي دل جي مالڪ هئي. ڏکن جي اوڙاهه مان پچي ٻاهر نڪتي هئي، تڏهن ته اُن ۾ صبر هو. اُن صبر جي ڪري ئي، حقيقتن کي تسليم ڪرڻ جي ڪري ئي ته اُن وٽ جيئڻ جي واٽ کليل هئي.
هوڏانهن هو عمر سومرو، عادل حڪمران جيڪو مارئي کي کڻڻ جي غلطي ڪري چڪو هو جڏهن جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت مان ٻاهر نڪتو ۽ جڏهن ڪوشش جي باوجود به مارئي کي حاصل ڪري نه سگهيو . اُن واپس وڃڻ کان پوءِ به سک نه ماڻيو. اُن جي نالي سان گڏ عمر سومري جو نالو ماروئڙن وٽ ڳائڻ ۾ آيو.
انهن ڳالهين جا پڙاڏا عمر سومري تائين به پهتا. هو شينهن مڙس وري ڪاوڙ ۾ اچي جذباتي فيصلو ڪري مارئڙن ڏانهن حملي لاءِ فوج وٺي روانو ٿيو. عمر سومرو فوج سنڀرايو پيو اچي، هو سڀ ماروئڙا ڊپ وچان ڀڄي ويا لڪي ويا. ها مارئي، اها ئي مارئي همت ڪري ٻاهر نڪري آئي اُن وڃي عمر سومري جي اُٺ جي مهار ۾ هٿ وڌو. کيس چيائين ڇو آيو آهين اسان غريبن کي ستائڻ؟ عمر جواب ۾ چيو ته جڏهن ته مان ڏوهدار ئي نه آهيان. جڏهن ته مون امانت ۾ خيانت ئي نه ڪئي آهي ته پوءِ تنهنجو ور ۽ تنهنجا مارو تو کي منهنجو طعنو ڇو ٿا ڏين؟ مارئي جواب ۾ چيس ته عمر بادشاهه اها سچائي آهي ته مان تنهنجي قيد ۾ تو وٽ رهي آهيان. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجو تو سان ۽ تنهنجو مون سان ڪهڙو ورتاءُ هو. شڪ ڪرڻ طعنو ڏيڻ منهنجي ور کي ڀلي جڳائي. اُن جي عيوض هو منهنجو ور مون کي ماري به وجهي ته به ڪو ڀؤ ڪونهي. اي عمر بادشاهه نه تون اهڙو گندو ڪم ڪرين ها نه پاڻ کي مصيبت ۾ وجهين ها ۽ نه وري مون کي. انصاف ته ڪيئي؟ اٽلو آيو آهين اسان ڏکويلن کي وڌيڪ ڏکوئڻ.....
هاڻ هن هنڌ هن ڪردار ۾ جڏهن مارئي اُٺ جي مَهار کي پڪڙي عمر سومري سان مخاطب ٿي آهي جهڙي طرح اُن عمر کي سندس غلطين جو احساس ڏياريو آهي ڇا اُها مارئي ڪنهن گهٽ قوت جي مالڪ هئي؟ مان اُن مارئي جي اُن ڪردار جي شيدائي آهيان جيڪو ماروئڙن وٽ موٽڻ کان وٺي عمر سومري جي اُٺ جي مهار جهلڻ تائين آهي.... ڪيترن ئي تنقيد نگارن عمر سومري جي ڪردار کي ننديو آهي پر مان عمر جي ڪردار جي واکاڻ ڪندس. عمر اهو ڪردار آهي جيڪو مارئي جي حسن جو عاشق ٿي اُن کي کڻائي آيو. جيڪڏهن هو چاهي ته ڪجهه به ڪري پئي سگهيو پر هن اخلاقي قدرن جو ساٿ نه ڇڏيو. هوڏانهن وري مارئي جي همت ۽ جرئت عمر کي هر گناهه کان روڪيو چاهي اُهو شاديءَ جي صورت ۾ ئي هو. عمر سومري پڻ پاڻ کي اُنهن پريڪشائن مان گذاريو جيڪي اُن وقت جي حالتن مطابق موجود هيون. مارئيءَ کي کڻي وڃڻ جو گناهه عمر ضرور ڪيو هيو، پر پوءِ ان گناهه کي ڌوئڻ لاءِ اُن جيڪي وس ڪيا، اُن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمر عقلمند انسان هو ۽ ان پنهنجي غلطيءَ کي محسوس ڪيو هو. منهنجي هن لکڻ جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪو عمر مارئيءَ کي کڻي ڪو چڱو ڪم ڪيو هو. مان اِهو ڏسي رهي آهيان ته ان گناهه کي جيڪو فطري طور حسن ۽ عشق جي ڪري ٿيو اُن کي عمر سومري ڪيئن نڀايو. هڪ ته غلط ڪم ڪجي نه، اگر ڪجي تو پوءِ اُن کي ڪيئن نڀائجي اصل مسئلو ته اهو ئي آهي. اگر مارئي جبل جيڏو اڏول ۽ مضبوط ڪردار آهي ته عمر سومري به پنهنجي بچاءُ لاءِ وسان ڪين گهٽايو.
جيڪڏهن مارئي ايڏي مضبوط ڪردار جي مالڪ نه هجي ها ته پوءِ هن تاريخي واقعي جو رخ ئي ٻيو هجي ها. ممڪن آهي ڪهاڻيءَ جو وجود ئي نه هجي ها..... سنڌ ۾ مرد جو ڪردار جيڪو رهيو آهي، اُن سان گڏوگڏ عورت به گهٽ نه آهي. جڏهن مردن سامون جهليون ته اُت عورت به پنهنجي زندگين جا ٻليدان ڏنا آهن. هي سڀ اسان جي سنڌ ڌرتي جون عظيم روايتون آهن. گڏيل گهر، مليل خاندان پاڻ ۾ محبتون، هڪ کي تڪليف ٿئي ته سڀن کي سيڪ اچي. اُن ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته اُن وقت اُن ماحول جا به پنهنجا مسئلا هئا. اهي مسئلا به اُت پيدا ٿيندا آهن جت پيار ۽ پنهنجائپ هوندي آهي. ماڻهو وڙهندو ته به پنهنجن سان شڪوه شڪايت ڪندو ته به پنهنجن سان. اُن وقت اڄ جي ماحول وانگر تنهائي ۽ ويراني نه هئي.
اڄ انسان ٻئي انسان کان پري ٿيندو ٿو وڃي. ويچارو انسان ذهني توڙي جسماني طور ايترو مصروف ٿو رهي ۽ ٿڪجي ٿو پوي جو هر ويجهي کان ويجهي رشتي کي به مڙوئي پيو هلائي. ذميدارين جا احساس ختم ٿي ويا آهن. پنهنجائپ ۽ پيار مصنوعي رهجي ويو آهي. هن مشيني دور ۾ انسان پاڻ به مشين ٿيندو ٿو وڃي. ان سبب جي ڪري ئي جڏهن ڪنهن انسان تي ڪو به ڏکيو وقت اچي ٿو ته ان وقت کي منهن به اُن کي اڪيلو ئي ڏيڻو پوي ٿو. هن ائٽمي دور جي ترقيءَ ۾ آهستي آهستي انسان اڪيلو ٿيندو ٿو وڃي ان اڪيلائپ جي حل جي تلاش انسان کي ڪرڻ کپي. اگر انسان آهستي آهستي هنن تهذيبي روايتن ۽ اخلاقي قدرن کان هٽندو ويو ته ساري انساني وجود جي ڀڄڻ ۽ ڀرڻ کان علاوه ڪجهه نه ٿيندو. پنهنجي وجود جي بقاءُ لاءِ انسان کي ڪجهه نه ڪجهه سوچڻو پوندو.
آچر 11 نومبر 1990ع