ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سنڌ ۾ نياڻين جو ڪاروبار

سنڌ ۾ جتي ونين ۽ ڄاين جي مٿان سر قربان ڪبا آهن، ات انهن جو ڪاروبار به ٿيندو آهي. هي ڪاروبار سڄي سنڌ ۾ نه پر ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي اڳ وڏي پيماني تي هوندو هو ۽ اها لعنت اڄ به موجود آهي.
نياڻي جيڪا سنڌ جي ڪن گهرن ۾ پيدا ٿيندي آهي ته لوڪن جا منهن لهي ويندا آهن. گهر ڀاتين جا ته تڏا وڇائجي ويندا آهن. جيڪو پيو ايندڙ نڪ کي موڙو ڏيئي پيو چوندو: آئي امان ايندي ئي ڌيءَ ڄڻي ڪڍيائين پهرين لپ کير ڀري ته ڪنهن جي به نه وڃي. جنهن جو پهريون ئي پير اهڙو ٿيو سو هاڻ خاندان کي ڪهرا پٽ ڄڻي ڏيندي!! جنهن عورت ويچاريءَ کي لڳاتار ٻه چار ڌيئر ڄايون ته سائين ان جو جيئڻ وهه ٿي ويندو آهي. سندس مڙس ته ڪيترائي مهينا منهن نه ڏسندو اٿس، سس ۽ نڻاڻون اٿندي ويهندي طعنا پيون ڏينديون . اسان جي سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ کي ست قرآن ڪري ليکيو ويندو آهي. نياڻيون ميڙ وٺي وڃڻ سان سالن جون رقابتون ختم ٿي وينديون آهن، ان جي ڄمڻ تي خبر نه آهي ڇو اهڙو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي . نياڻيون ئي ماءُ پيءَ جون همدرد ۽ هڏ ڏوکي هونديون آهن. گهر ۾ نياڻين سان ئي رونق هوندي آهي. رشتا ناتا وڌائڻ ۾ به هنن جو وڏو هٿ هوندو آهي.
اڄ هن ترقي يافته ۽ پڙهيل لکيل دور به اهڙا ڪيترائي گهر آهن جت نياڻيءَ جي ڄمڻ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي. ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل جاهلن تي ڪهڙي ميار، جڏهن شهرن ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل ماڻهو به اهڙو رويو اختيار ڪن ٿا ۽ ڌيءُ جي ڄمڻ تي منهن سڄائين ٿا. ڪي ماڻهو اگر منهن نه سڄائيندا آهن ته به انهن جي لهجي ۾ بي وسي هوندي آهي. هو ائين پيا چوندا “سائين نياڻي به الله ڏني آ شڪر ٿيو.” ان نياڻيءَ جي ڄمڻ تي نه ته اهڙي ڇٺي ڌوم ڌام سان ملهائبي ۽ نه وري گهر گهر مٺائي ورهائبي آهي. ها جي ڄمي ٿو پٽ سائين واه واه جي بسم الله لڳي پئي هوندي، گهر جا ڀاتي پيا خوش ٿيندا. پٽ ماءُ جو ته ڪَرُکڄيو پيو هوندو آهي. پٽ ڄمڻ سان چهري تي اها خوشي ڦهليل هوندي اٿس جو ڄڻ ته سور ئي ڪو نه کاڌا اٿس، دل ۾ پئي سوچيندي پٽ ڄڻي هن خاندان ۾ ڪلو کوڙي ڇڏيو اٿم، هاڻ ته مان پٽ جي ماءُ آهيان، هاڻ ڪنهن جي پرواهه يا ڪاڻ ڪا نه ڪڍنديس.
اهي سڀ ڳالهيون ڏسي سوچجي ٿو ته مرد کي ته پٽ کپن ئي کپن پر عورتون به چاهين ٿيون ته انهن کي پٽ ڄمن اسان جي معاشري جا طور طريقا ۽ رسم ۽ رواج ڪجهه اهڙا آهن جو عورت کي جيستائين پٽ نه ٿو ڄمي تيستائين هوءَ عدم تحفظ جو شڪار رهي ٿي. ها اٽي ۾ لوڻ برابر اهي گهر به آهن جت ڌيئن جي ڄمڻ تي خوشيون ملهائبيون آهن، گهر گهر مٺايون ورهائبيون آهن. ڌوم ڌام سان ڇٺي ملهائبي آهي. ڏسندڙ ٻڌندڙ پيا حيرت کائيندا ۽ چوندا ته “ائي امان ٻڌو فلاڻي ڌيءَ ڄمڻ تي اهڙيون خوشيون ملهايون ڄڻ ته پٽ ڄائو هجيس.”
هاڻ وري ڪجهه اهڙا گهر به آهن جت ڌيئن ڄمڻ تي گهر ڀاتين جا چهرا مهڪجي پوندا آهن. گهر ڀاتين جي هلڻ گهمڻ جي لوڏ ئي ڦري ويندي آهن. گهر جو ابو پيو آئيندي جا منصوبا ٺاهيندو. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي نياڻين کي ٽڪن جي ملهه وڪڻندا آهن. ماما جمال ابڙي هڪ دفعي ٻڌايو ته سندن هڪ عملدار ڏاڍو خوش خوش آفيس ۾ آيو ۽ پاڻ سان مٺائي کڻي آيو. جڏهن خبر پئي ته هو شخص پنهنجي ڌيءَ جي ڄمڻ تي مٺائي پيو کارائي ته ماما جن کي نه صرف حيرت ٿي پر خوشي به ٿي. هو شخص گهٽ پڙهيل ۽ ٻهراڙيءَ جو هو. ماما جن ان کي گهرائي مبارڪ ڏني ته جواب ۾ ان شخص واڇون ٽيڙي ۽ ڏند ڪڍندي چيو ته: “سائين پنجاهه هزار ته ڪاڏي ڪو نه ويا، اڃا به وڏي ٿيندي، رنگ روپ ڪڍندي ته لک کي وڃي ڌڪ هڻندي.”
هي نياڻين جو واپار سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ اڄ به آهي. غريب ماڻهن کي پٽ ڄمندو ته پيا دعائون گهرندا ته هاڻ ڌيءَ ڄمي، جيئن بدلو ڏيئي پٽ جي شادي ڪرائي سگهن ڇو ته هو هزارن، لکن ۾ ٻانهن خريد ڪري ڪو نه سگهندا آهن. جيڪا نياڻي ڀاءُ جي بدلي ۾ ويندي آهي ننڍي هوندي کان ئي ان کي لاڏ ڪوڏ سان پاليندا آهن. وڏي هوندي پرڻائڻ مهل ڀاءُ لاءِ ته ڪنوار ملوڪڙي وٺندا پر بدلي ۾ ڏنل ڀيڻ جي ڏک سک جو قدر نه ڪندا. جهڙو به هوندو ڪجهه به نه ڪندو هوندو پر لائي ڇڏيندا ان جي پڍيان. فخر سان پيا سڀني کي ٻڌائيندا ته سائين ڀاءُ جي بدي ۾ وئي آهي. ڀاءُ جو بدو نه ٿيو ڄڻ ته فخر جي ڳالهه ٿي. ان جي جيڪا زندگي زهر ٿي، ان جي ته ڪنهن کي به پرواهه ڪا نه هوندي آهي......
حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن علائقن ۾ رهندڙ ڪي اهڙا ماڻهو الله جي خوف کان نياڻيون ٽڪن تي نه وڪڻندا آهن ۽ ائين ئي پرڻائي ڏيئي ڇڏيندا آهن ته انهن تي شڪ جي نظر رکي ويندي آهي. سڀڪو پيو چوندوته الائي ڇو ڌيئر ائين ڏئي ڇڏيائين؟ ضرور ڪا ڳالهه هوندي. ان الله واٽ تي ڏنل نياڻيءَ جو ساهرن ۾ به قدر ڪو نه هوندو آهي. ڏينهن رات پيا پورهيو ڪرائيندس ۽ طعنو پيا هڻندس ته تنهنجو ته ڪو ملهه ئي ڪونهي .
ها باقي ملهه تي خريد ڪيل ٻانهن جيڪا هزارن لکن جي عيوض ورتي ويندي آهي، ان جي اٿڻ ويهڻ تي بسم الله لڳي پئي هوندي آهي، ان جو ائين خيال رکيو ويندو آهي ته متان ڪٿان جهري ۽ ڀُري نه پوي. بيمار ٿيندي ته علاج چڱي طرح ڪرائينداسين، متان مري نه پوي لکن جو نقصان نه ٿي پوي.
ڪجهه علائقن ۾ جيڪي جابلو علائقا آهن. ات جبلن ۾ رهندڙ ماڻهو هيٺ لهي ڳوٺن واهڻن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ پنهنجون ڌيئر وڪڻي پئسا گڏ ڪري هليا ويندا آهن. انهن جو تعلق نياڻين سان نه پر دولت سان هوندو آهي. هو نياڻين کي وڪڻي هليا ويندا آهن، ته وري موٽي انهن جي سار ئي نه لهندا آهن. ڏکي آ سکي آ. گهر ڀاتين جو رويو انهن سان ڪهڙو آ هو ڪڏهن به موٽي اچي انهن جي سار سنڀال ڪو نه لهندا آهن. هو ويچاريون نياڻيون ڏکن سکن ۾ ڪانگ اڏايو پيون مائٽن کي ياد ڪنديون آهن. حيرت جهڙي ڳالهه ته هيءَ آهي ته اگر ان عورت جو مڙس مري ٿو وڃي ته ان جا ماءُ پيءُ وارث بڻجي وري نازل ٿي ويندا آهن، چوندا ته اسان جي نياڻي آ، اسان جو هن تي حق آ. جنهن جي پٺيان لاتيسون جيڪو وارث هو سو ته مري ويو، هاڻ هيءَ وري اسان جي آهي. حالانڪ اها عورت هاڻ ٻارن ٻچن واري هوندي آهي ته به زوريءَ ان کي گهر مان ڪڍي ٻارن کي جدا ڪري وٺي ويندا آهن. انهن کي ڪو ان عورت سان همدردي ڪا نه هوندي آهي. دراصل هاڻ هو وري ان عورت کي وڪڻندا آهن ۽ پئسا ڪمائيندا آهن.
ان غريب لا وارث عورت جي پنهنجي زندگي، پنهنجا احساس ۽ جذبا ڪا به حيثيت نه رکندا آهن. ماءُ پيءُ جي لالچ ۽ لوڀ اولاد جي جدائي ۽ نئين گهر ۾ جت ان کي ڪو پوڙهو کڳ مڙس ملندو آهي، جيڪو پنهنجي نفسياتي خواهشن لاءِ ان سان شادي ڪندو آهي يا وري پنهنجن ٻچن کي پالڻ لاءِ ان کي گهر ۾ هڪ عورت جي ضرورت هوندي آهي. ڪيڏو نه ظلم آهي ته هڪ عورت کي پنهنجي گهر ۽ ٻچن کان جدا ڪري ٻئي گهر ۾ آندو وڃي ۽ ان کي پراوا ٻار پالڻ لاءِ چيو وڃي.
هي ريتون رسمون ۽ هي قاعدا قانون جيڪي اسان جي معاشري ۾ ڦهليل آهن ۽ هي قاعدا قانون ۽ رسمون اسان جون پنهنجون ٺاهيل آهن. انهن کي اسان ختم ڪرڻ جي جرئت ڇو ڪين ٿا ڪيون؟ انسانيت جي حوالي سان ۽ انساني همدردي جي حوالي سان اسان کي سجاڳيءَ جي لهر ڦهلائڻي پوندي. قلم جي ذريعي، علم جي ذريعي ۽ عمل جي ذريعي اسان سڀني کي گڏجي هنن غلط ڳالهين جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو. جيستائين اسان جي معاشري ۾ ذهن تبديل نه ٿيندا، سوچن ۾ وسعت نه ايندي، جيستائين انسان جي بنيادي قدرن ۽ احساسن جو قدر نه ٿيندو، اوستائين ڪجهه به نه ٿيڻو آهي ۽ ڪجهه به ڪو نه ٿيندو .

آچر 21 اپريل 1991ع