نه وسارڻ جهڙيون ڳالهيون
منهنجا پيارا سنڌيو سچ پڇو ته مان اوترو سچ لکي ئي نه سگهي آهيان، جيترو مان لکڻ چاهيان ٿي. وجود ۾ جوٽيل جنگ، اندر ۾ ٻرندڙ آڙاهه جيڪي يقينن اوهان جي دلين ۽ سوچن ۾ پڻ ٻرندا هوندا، ان جو کلي طرح اظهار ئي نه ڪري سگهي آهيان. مان، توهان سڀ هن معاشري جا رهندڙ اکين سان جيڪو ڪجهه ڏسون پيا يا وري ڪنن سان جيڪو ڪجهه ٻڌون پيا، سو سڀ ڪجهه لکجي وڃي ته توهان يقين ڪيو ته دنيا جا سڀ جيل خانا، قاتلن، چورن ۽ ڌاڙيلن سان نه پر، اديب، دانشور ۽ شعور رکندڙ ماڻهن ۽ انهن سڀني ماڻهن سان آهي جيڪي قلمي سگهه سان عملي جدوجهد ڪن پيا انهن سان ڀريل هجن ها . هي قلم جي حرمت ۽ لکندڙ سچ لکي ۽ امين ٿي فيصلا ڪري ته پوءِ توهان سوچيو ته ڇا آس پاس جو ماحول اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري ويندو. سچ ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ لاءِ دل گردو گهرجي، سچ لکڻ لاءِ به همت گهرجي ۽ سچ تي عمل ڪرڻ لاءِ به قوت گهرجي انهن سڀني ڳالهين جي گهٽتائي آهي. اسان سڀني ۾ ڪيترين ئي تڪليفن جي باوجود به سچ جو علم ٿورو ڪي گهڻو سڀ ڪو پنهنجي وت آهر مٿي کنيو ويٺو آهي.
هر اهو انسان جيڪو “شعور” رکي ٿو، ظلم دهشتگردي، سچ ۽ امن جي وچ ۾ سنڌو رکي ٿو اهي سڀ قابل احترام آهن. اصل ڳالهه آهي شعور جي جيڪو اديب ۾ هجي چاهي، سياست دان ۾ هجي يا وري هاري، مزدورن ۾ هجي، يقينن هڪ لکندڙ اهي سڀ حق ۽ فرض پورا ڪري ئي نه سگهيو آهي جيڪي ان تي عائد ٿين ٿا . لکندڙ قلم جي جنگ ته جوٽي سگهي ٿو پر ڪلاشنڪوف واري جنگ جوٽي نه ٿو سگهي . ڪي ماڻهو اديب مان، لکندڙ مان اها توقع رکندا آهن ته هو سڀ ڪجهه تياڳ ڪري اصل روڊن ۽ رستن تي نڪري پوي. نوڪرين تان هٿ کڻي، آفيسري يا ڪلارڪي ڇڏي اصل ترارون ۽ ڀالا کڻي اچي ميدانن تي بيهي . هر معاشري ۾ مختلف روپ آهن مزاحمت ۽ جنگ جا، هن معاشري ۾ مختلف حدبنديون ۽ ان حدبندين ۾ رهندڙ هر فرد جا مختلف حق ۽ فرض آهن. هي معاشرو انهن سڀني حقن ۽ فرضن جي پورائيءَ سان مڪمل ٿئي ٿو. هر فرد پنهنجي جاءِ تي سچو هجي ته پوءِ هي سڀ مسئلا هوند پيدا ئي نه ٿين . ها، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته جڏهن به هن ڌرتيءَ جون حالتون بگڙيون آهن. جڏهن به ڪي خطرناڪ موڙ آيا آهن ته سڄو بار ليکڪ، دانشور ۽ شعور واري طبقي تي اچي ڪرندو آهي. سياستدانن کي جيڪي ان سڄي ماحول جا جوابدار هوندا آهن ايترو ننديو نه ويندو آهي يا انهن کان حساب ڪتاب جي گهر نه ڪئي ويندي آهي . . . .
ليکڪ، دانشور ۽ شعور وارو طبقو، مان شعور وارو ان کي چوندي آهيان جيڪي ضروري نه آهي ته ليکڪ يا دانشور هجن پر هو ڌرتيءَ جي حالتن کي سمجهندا هجن. اگر اهي ڪٿ ڪوتاهي ڪن ٿا ته سڀني کي حق آهي ته هو انهن کي سر عام ڦاهي چاڙهين. قلم جي حرمت نه سمجهڻ وارو، پنهنجي قوم جي ڏکن سکن کي سنڌ جي مسئلن تي گهڻو ڪري هو متفق آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪي اديب دانشور ضرور هوندا جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو هوندو، پر جيئن ته هو اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ان ڪري هو سڄي “شعور” واري طبقي کي لوڙهي نه ٿا سگهن . . . . .
هو نئن به دانشور ۽ اديب جي هٿ ۾ ڇا آهي؟ سواءِ ان جي ته هو قلم جي ذريعي ماڻهن کي سچ ۽ ڪوڙ جي حقيقت ٻڌائي . پر ٿي ڇا رهيو آهي ته هر ڳالهه هر مسئلي جو جوابدار اديب کي ٺهرايو ٿو وڃي هو سڀ سياستدان جيڪي ووٽ وٺي، اسيمبلين ۾ ويهي قومن جي قسمتن جا مهندار ٿي ٿا وڃن، انهن کي وٺ ڪرڻ يا انهن کان حساب ڪتاب وٺڻ وارو ڄڻ ته ڪو آهي ئي ڪو نه .
هڪ ڪالم ۾ مون لکيو هو ته “ماريو آهي، پراين کان وڌيڪ پنهنجي ڪوتاهين. سنڌي سياستدان ته اهڙا آهن جو انهن کي وچ چوڪ تي بيهاري ڦاهي چاڙهجي يا وري سنگسار ڪري مارجي. هو سڀ ٻيڙو غرق ڪندا رهيا آهن، سنڌ ۽ سنڌين جو ان ڪري ذڪر ڪرڻ يا انهن وٽان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي” .!! ان ڪالم جو پس منظر جيڪو مون پيش ڪيو هو سو اهو ئي هو ته سنڌ اسان جي آهي، ان ڪري سنڌ جا سڀ ادارا اسان جا آهن. اسان کي انهن ادارن مان هٿ ڪڍڻ نه گهرجي. انهن ۾ گهڙي وڃي پنهنجو حق ڄمائجي. جڏهن اسان اهو چئون ته سنڌ اسان جي آهي ته معنيٰ سڀ ڪجهه اسان جو آهي. اسان جي هٿ ڪڍڻ يا پوئتي هٽي وڃڻ سان ٻيا گروهه طاقتور ٿي ٿا وڃن ۽ هو اسان جي ئي ملڪيتن جا دعويدار ٿي ٿا وڃن . . . . ان ڪالم جي جواب ۾ هڪ ڀاءُ ڪافي طويل مضمون لکيو سو به “عوامي آواز” ۾ ڇپيو. ان ڀاءُ جي خيالن جو احترام ڪرڻ مون تي فرض آهي ۽ اختلاف رکڻ منهنجو حق آهي، اها ڳالهه ان ڀاءُ به لکي آهي. ان ڀاءُ سنڌ جي باشعور طبقي کي هٽائي سنڌ جي سياستدانن کي سنڌ جي نجات ۽ ڀلو چاهيندڙ لکيو آهي، ان اهو به لکيو آهي ته سنڌ جي سياستدانن ۽ اديبن کي هڪ ٻئي جي سامهون نه بيهارجي . مان ان ڳالهه تي بلڪل متفق آهيان ته سياستدانن ۽ اديبن کي هڪ ٻئي جي سامهون نه بيهارجي. هنن ٻنهي جا رستا ۽ جدوجهد جا طريقا بلڪل مختلف آهن. اگر هي ٻئي ڄڻا پنهنجي جاءِ تي سچا هجن ته پوءِ شايد ڪي اهڙا مسئلا نه اڀرن ها.
پر اصل مسئلو هميشه اهو رهيو آهي ته جڏهن به حالتون بگڙيون، جڏهن به سنڌين تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته جيتري سنڌي اديبن جي ڪردار جي مذمت ڪئي ٿي وڃي يا وري انهن کي انهن حالتن جو جوابدار ٺهرايو ٿو وڃي اوترو سياستدانن کي بلڪل ڪو نه . حالانڪه اهي سڀ گناهه اديبن جا ڪيل ئي ڪو نه هوندا آهن. گهڻن ڀائرن ڀينرن مون کي ان مضمون جي جواب لکڻ لاءِ چيو، ڪي ته پاڻ به لکڻ تي تيار هئا. مان انهن سڀني کي جهليو، چيم ته راين ۽ سوچن جو احترام ڪرڻ اسان جو فرض آهي. باقي حالتون ۽ وقت سڀني کي سيکاري ڇڏيندو آهي. سو سائين اهي حالتون ۽ وقت جيڪي هميشه سنڌين لاءِ اڀا ڀالا ۽ باهين جا اُلا کنيو آيا آهن اهي هاڻ به مٿان بيٺا آهن. “پندرهن تاريخ وارو ڏينهن” جنهن ڏينهن “سنڌ جي تاريخ” کي ڪاري ڪفن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي. اچو ته اسان سڀ امين ٿي اهو فيصلو ڪيون ته ان جو جوابدار ڪير آهي. ڇا هن حالتن جو ذميدار اهو عوام آهي جن ووٽ ڏيئي (يا زوري ووٽ وٺي) هنن سڀني کي اسيمبلين تائين پهچايو؟ ڇا هنن سڀني حالتن جو ذميوار اديب، دانشور ۽ شعور رکندڙ طبقو آهي، جن وقت به وقت انهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪيا آهن. ؟ ڇا سنڌين کي ڏنل قربانين جو نتيجو اهو آهي ته دهشتگرد، قاتل جن جا هٿ سنڌين جي رت ۽ عزتن جي پائمالي ۾ ڀريل آهن، تن کي ايڏا وڏا عهدا ڏنا وڃن؟ ڇا هي سڀ حالتون انهن سڀني اسيمبلي ميمبرن لاءِ (پارٽين جي حوالن کي ڇڏي جيڪا انهن جي سڃاڻپ آهي) هڪ سنڌي هئڻ جي حيثيت ۾ انهن جي منهن تي چماٽ نه هنئي آهي ته سڀ تعداد ۾ چوهتر آهن ۽ ڇويهه سيٽن کڻڻ وارا جيڪي بنهه اقليت ۾ آهن، اهي انهن مٿان حڪمراني ڪن؟ هن معاشري ۾ رهندڙ هر شخص هڪ عام حيثيت رکي ٿو، اصل حيثيت انهن شخصن جي هوندي آهي جيڪي اليڪشنون کٽي اسميبلين ۾ وڃي ويهن ٿا. پئسو انهن کي هٿ ۾ ملي، نوڪريون ڏيڻ يا نه ڏيڻ جا جوابدار اُهي آهن. مطلب ته جنهن علائقي مان هو اليڪشن کٽي ٿا وڃن ان جي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ٿا وڃن. سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن غيرسنڌي اسپيڪر چونڊيو ويو، سينيٽ جون سيٽون انهن جي حوالي ڪيون ويون، پوليس جي اعليٰ عملدارن کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر، سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري ڌاريا مقرر ڪيا ويا، اهم وزارتون انهن جي حوالي ڪيون ويون. پبلڪ سروش ڪميشن ۽ مقابلي جي امتحانن ۾ جيڪي به آفيسر مقرر ٿيا آهن سي سڀ انهن جا، سنڌ پوليس ۾ جيڪا ڀرتي ٿي آهي ان ۾ به انهن جي اڪثريت. تازو شهداپور ۾ جيڪا پوليس پريڊ ٿي ان ۾ ڏٺو ويو ته پناهگيرن کي عام رواجي پوليس ٽريننگ نه پر ڪمانڊو ٽريننگ ڏني ويئي آهي. پنج ڪروڙ رپيا نقد هنن کي ملن ٿا. مطلب ته ڪهڙا سور ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن. هر هنڌ جون واڳون انهن کي مليل آهن. اهي سڀ واڳون انهن کي هٿ ۾ ڏيڻ وارا، انهن کي مٿي تي ويهارڻ وارا ڪير آهن؟ هاڻي اچو ته پنهنجي دلين تي هٿ رکي پنهنجو پاڻ کي پرکي اهو فيصلو ڪريون ته هنن سڀني حالتن جو جوابدار ڪيرآهي، اديب، دانشور يا ووٽ ڏيئي اسيمبليون ٺاهڻ وارا؟ يا اهي سڀ جيڪي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا؟
سائين منهنجا اسان سڀ جوابدار آهيون هن سڄي وايو منڊل جا. مان پنهنجا پلئه به آجا نه ٿي رکي سگهان. گنهگار آهيون اسان سڀ. اُهي گناهه جيڪي اسان سڌيءَ طرح نه ڪيا آهن، پر اڻ سڌيءَ طرح اسان سڀ ان جا ذميوار ضرور آهيون. اڄ اسان پنهنجي هٿن مان سڀ واڳون ڪڍي ڇڏيون آهن. اڄ ڪوتاهين مٿان ڪوتاهيون ڪري غلط اعمالن جي ڪري اسان هڪ پاڪ ڌرتي، صوفين ۽ ولين جي ڌرتيءَ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. اسان سڀ سنڌي قابل نفرت ۽ قابل مذمت آهيون، جيڪي هن ماحول ۾ ساهه کڻون ٿا، ڀلا ساهه به ڇو ٿا کڻون. اسان کي ته ڪڏهوڪو شرم وچان مري وڃڻ گهرجي ها. هاڻ به ڇا ٿيندو، مون وانگي سڀ ڪالم لکندا. مذمتي بيان ڏيندا، پر عملي طور ڪير ڪجهه ڪري ڪونه سگهندو. ڪنهن ۾ به ايتري همت ڪونه آهي ته جان جي پرواهه نه ڪري اڳتي وڌي همت سان رستن ۽ گهٽين ۾ نڪري. هي ٽرينون ۽ بسون بند ڪرائي. سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرائي. پنهنجي اهميت ڏيکاري ته اهو حق ڪنهن کي به مليل نه آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌين جي مستقبل جا فيصلا ائين ويهي ڪري.
ههڙي زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي. اسان قربانيون ڏينداسون ته آئينده نسل جو مستقبل روشن ٿيندو. سنڌي اديبن جي طرفان مان حق رکي انهن جي جوابدار سمجھان ٿي ته اسان سڀني اديبن کي گوليءَ سان اڏايو وڃي يا ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي. سنڌي اديب هر سزا قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر هڪ شرط آهي ته اسان کان پوءِ هنن گناهگار سياسي ليڊرن کي به گوليءَ سان اڏايو وڃي. انهن جون مال ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن. ڳوٺ راڄ ۾ انهن جو اچڻ وڃڻ بند ڪيو وڃي. اقتصادي ۽ سماجي طور انهن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي جو تاريخ جو پنهنجن ورقن ۾ انهن جو نالو لکڻ کان ڪيٻائي ۽ شرمائي. ڪاش ڪو همت ڪري، ڪو ته اڳتي وڌي .... ڪاش ڪجهه ته ٿئي ... ڪاش ڪجهه ته ڪيو وڃي....... !!!!
آچر 20 آڪٽوبر 1991ع