ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سهڻيءَ جو طارق اشرف

موت ايندو آهي ته هٿين خالي موٽي نه ويندو آهي. گهاءُ ڏيئي، جدايون ڏيئي پيارن کي پيارن کان وڇوڙي، ازل تائين پنهنجون مهرون هڻي ويندو آهي. سڀ ڪنهن کي اهائي وائي وات ۾ هوندي آهي.... فلاڻو مري ويو..... هي دنيا ڇڏي ويو، فنا جي رستي جو راهي بقا جي منزل تي پهچي ويو. موت اهڙي جدائي آهي جنهن ۾ مرڪندڙ مهڪندڙ چهرا.... جيون جي جدوجهد ۾ ارڏا ماڻهو، اوچتو ئي اوچتو ماٺ ٿي ويندا آهن. انهن جي هيءَ خاموشي سندن وجود سان گڏ زمين جي تهن تائين دٻجيو فنا ٿيو مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿيو وڃي..... ڪيڏائي ارڏا، جاهه جلال وارا ۽ معصوم پيارا کڻي جو اکيون ٻوٽين ته پوءِ پٺيان کڻي رڙيون واڪا ڪجن، چاهي لک حيلا وسيلا هلائجن پر ماٺ جي رستي جا راهي نه اکيون کولي ڏسن ۽ نه وري چپ چورين. انسان جي بي وسيءَ جي هيءَ انتها آهي. اُن ويل عقل سمجهه، منطق ۽ فلسفه ڪجهه به ڪين ٿا ڪم اچن... اهڙي ئي واٽ تي هليو ويو آهي سهڻيءَ جو، دانيال جو، شمسه جو سڀني جو طارق اشرف..... الاهي سال اڳ جڏهن ادب جي دنيا ۾ نئون نئون قدم رکيوسين. آهستي آهستي پير کوڙي ادب جي دنيا جي شاگردي حاصل ڪئي سون. اُن ويل اهڙو ڪهڙو رسالو يا اخبار نه هئي جيڪا اسان کي نه ڇپيندي هئي. نئون نئون جذبو هو، لکڻ جو جنون هو. پر اُن ويل پنهنجي حيثيت جو احساس ٿيندو هو جڏهن پنهنجون لکيل بهترين تخليقون سهڻي رسالي کي موڪليندا هئاسين ۽ موٽ ۾ اهو جواب ملندو هو ته توهان جون لکيل ۽ موڪليل شيون معياري نه آهن...... سالن جي محنت کان پوءِ جڏهن ٻيا رسالا اسان جي لکڻين کي اهميت ڏيئي شايع ڪندا هئا. اُن وقت سهڻي رسالي ۾ نون شاعري واري حصي منهنجي شاعري ڇپي هئي.....تون شاعرن جي حوالي سان ئي ڇپجڻ اهو به سهڻي رسالي ۾ اهو به وڏو مان هو جيڪو اُن وقت مون کي مليو....اهوئي ادبي معيار هو جنهن سهڻي کي وڌيڪ نمايان مقام ڏنو، شروع شروع ۾ سهڻي صرف ادبي رسالو هوندو هئي. ان ۾ ايڊيٽوريل نه هوندا هئا. بس مواد جي حوالي سان ٿورو مختصر تعارف هوندو هو. سهڻي جيئن ته خالص ادبي رسالو هو ان ڪري ان کي ادب ۽ اديبن تائين محدود رکيو ويو. پر حالتون ۽ سوچون پنهنجا رخ مٽائينديون رهنديون آهن. سنڌ جون حالتون ۽ سنڌين جي مٿان پنهنجن ۽ پراون جي هلان ۽ ڏاڍايون ڏسي سهڻي پاڻ کي آجو نه رکي سگهي. ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ۽ پڙهيو ته ڪيڏا نه طويل ۽ مسئلن سان ڀريل سهڻي جا ايڊيٽوريل ڇپجڻ لڳا بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي وڏن وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪئي ويئي. آخر اهو وقت به آيو جو مان وارا ماڻهو پنهنجو ئي چهرو آئيني ۾ ڏسي مڇرجي پيا ۽ طارق اشرف ٻاويهه مهينن جو طويل عرصو زندان ۾ قيد رهيو. جڏهن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ تقريبن سڀني سنڌي رسالن تي پابندي پئجي ويئي ته سهڻي به بند ٿي ويئي. ڏاڍ ۽ جبر جو جدوجهد سان مقابلو ڪري، ٻارهن سالن جي ظلم جي طويل عرصي کان پوءِ جڏهن روشني جا ڪرڻا اُڀريا ته اُنهن ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو سهڻيءَ جو وري ڇپجي ميدان ۾ اچڻ....... هي سهڻيءَ جو نئون جنم نئين رنگ ڍنگ سان هو. سائيز ۾ وڏو ۽ مواد ۾ سياست ۽ ادب کان علاوه فلمي دنيا به شامل ٿي ويئي. سهڻيءَ جو اصل خاڪو ۽ رنگ جيڪو ذهن ۾ ڇپيل هو اُن ڪري گهٽ ۾ گهٽ مون کي سهڻي جي هن نئين جنم خوش نه ڪيو. پڇيم طارق اشرف کان ته هي سڀ ڇا آهي؟ هيءَ اصل واري سهڻي لڳي ئي نه ٿي، اسان کي اصل واري سهڻي کپي. طارق اشرف ڏاڍي ڌيمي انداز سان وقت ۽ حالتن جي تبديلي ۽ عوام جون گهرجون ٻڌائيندي چيو ته اهو سڀ ڪجهه وقت ۽ حالتن جي ضرورت مطابق ڪيو ويو آهي.... ادب جي خدمت جيڪا سهڻي ڪئي اُن جي ٻڌائڻ يا چوڻ جي ڪا ضرورت ئي نه آهي. سهڻيءَ پاران ڇپيل اهي شاهڪار ادبي نمبر جن ۾ جيئرن جاڳندن اديبن کي مان ڏيئي هميشه لاءِ زنده جاويد ڪيو ويو. اها ادب جي خدمت سهڻيءَ جي حوالي سان طارق اشرف جي تمام وڏي آهي. اسان جي جيڪي جيئرن جو قدر ئي نه ڪندا آهيون. مئلن جا ماتمي آهيون.مرڻ کان پوءِ تعزيتي پيغام ڪڍي مضمون ۽ ڪالم لکندا آهيون. جڏهن اهي ماڻهو جيئرا هوندا آهن ته اُنهن جي ڏکن، پيڙائن ۽ خوشين ۾ شرڪت ته وڏي ڳالهه پر اُنهن جي خبر چار به نه لهندا آهيون. سهڻيءَ جا امر جليل نمبر، نسيم کرل نمبر ۽ شيخ اياز نمبر اهڙا ته شاهڪار آهن جن کي اڄ به پڙهڻ سان مزو اچيو ٿو وڃي. امر جليل نمبر ته مان اڃان تائين ساهه سان سانڍيو پئي اچان ڇو ته اُن ۾ امر جليل پنهنجي هٿن سان شاهه لطيف جي هيءَ سٽ لکي ڏني هئي “جت هلڻ ناهه هوت ريءِ”....... سهڻي رسالي کان علاوه طارق اشرف جو پنهنجو ادبي پورهيو به ته ڪو گهٽ ڪونهي. سٺو افسانه نگار، مضمون نگار ۽ ڪالم نويس وغيره. اُهو طارق اشرف اڄ اسان کان جدا ٿي اهڙي ماڳ تي وڃي پهتو آهي جتان ورڻ ناممڪن آهي. پرڇا موت اسان کان طارق اشرف سچ پچ کسي ورتو آهي؟ ڇا هڪ قلمڪار ۽ هڪ حساس انسان جي وجود مٽائڻ سان جدايون ٿي وينديون آهن؟ سچ ته اهو آ ته ڪي انسان مرڻ کان پوءِ جدا نه ٿيندا آهن. اُنهن جون ڪيل خدمتون ۽ اُنهن جو سٺو سڀاءُ اُنهن کي هميشه لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيندو آهي....... اڄ به لڳيم ٿو ته طارق اشرف اوچتو ڪٿي نظر اچي ويندو. سندس آواز اڄ به ڪنن ۾ گونجي پيو. اڃان هفتو کن اڳ مونسان ڳالهايو هيائين. سنڌي ادبي بورڊ جي مسئلي ۽ تازو ٿيل ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي ڪتاب جي مهورت واري پروگرام تي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اسان فون تي ڳالهايو هو. طارق اشرف ادبي بورڊ واري مسئلي جي ٿيل گندگي تي ڏاڍو پريشان هو. پاڻ چيائين پي ته مان ڪنهن جي به ڌر نه ٿيندس. ڇو ته ڪوته دروازو کليل هجي. جنهن مان اسان هن مسئلي جو حل ڳولهي سگهون. جڏهن مان اها شڪايت ڪئي ته اوهان اوچتو ئي اوچتو مون کي سڏي ڪتاب جي مهورت ڪرائي ۽ مان صفا ڪنفيوز ٿي ويس. اوهان گهٽ ۾ گهٽ پنج منٽ ته اڳ مون کي ٻڌايو ها. پاڻ کلي چوڻ لڳو سلطانه ڪو به فائدو نه هو تو کي اڳ ۾ ٻڌائڻ جو ڇو ته تون ته مون کي هميشه پريشان ۽ ڪنفيوز لڳندي آهين..... سلطانه ڪنفيوز ٿيڻ ڇڏي ڏيندي ته پوءِ اها سلطانه نه هوندي......
ڪتاب جي مهورت جي پروگرام ۾ منهنجي هڪ دوست به اچڻي هئي جيڪا نه اچي سگهي پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن طارق اشرف سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته مان کيس چيو ادا طارق اڄ منهنجي هڪ دوست هت آئي هوندي. اوهان سان ملڻ جي خواهش هيس چيائين پئي ته سال ٿيا آهن طارق اشرف سان ملندي. الائجي توهان سان ملي يا پهرين نه. طارق اشرف منهنجي ڳالهه نه سمجهيو. جڏهن سمجهيو ته اکين ۾ چمڪ اچي ويس ۽ هڪدم چيائين ڪٿي آهي؟ مون ته ڪانه ڏٺي. اُن ويل مان يڪدم چيو ادا هوءَ پنهنجن پنجن ٻارن سان گڏ آئي هوندي. وڏو ٽهڪ ڏيئي طارق اشرف کلي ويٺو ۽ چيائين خبر اٿم ۽ پوءِ ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي. هاڻ جو مونسان فون تي ڳالهايائين ته وري ذڪر ڪڍيائين ته سلطانه تو ته چيو هو هوءَ به آئي هئي پر مون ته ڪانه ڏٺي ۽ نه وري وڊيو فلم ۾ ئي اُن جي ڪا جهلڪ آهي. مان کيس ٻڌايو ته هوءَ اچڻي هئي پر اچي نه سگهي اُن جا ٻار آيا هئا.... نه مون اُن جو نالو ورتو ۽ نه وري طارق اشرف اُن جو نالو ورتو پر اسان اُن جو ڏاڍو ذڪر ڪيو جيڪا اُن وقت اسان جي ڀرسان موجود نه هئي، هي اُهو ڪردار آهي جنهن طارق اشرف جي جيل جي اسيري دوران تمام گهڻا خط لکيا هئا ۽ اُهي خط طارق اشرف ڪتابي صورت ۾ ڇپايا هئا. طارق جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر جڏهن مون کي پئي ته مان هن کي به فون تي ٻڌايو. هي ادبي ۽ ذهني رشتا به عجيب هوندا آهن. انهن کي عشق ته نه پر پنهنجائپ ضرور چئي سگهجي ٿي...... طارق اشرف جي گهر به مان ويس سندس جيون ساٿي روئڻ ۾ پوري هئي. سندس هر لفظ ۾ طارق هو ۽ صرف طارق گهڙي گهڙي پئي چيائين ته مون کان سواءِ سرندي به ڪانه هئس. جڏهن به ڪاڏي اُسهندو هو ته صبح شام پيو فون ڪندو هو. ماني کاڌي اٿئي يا نه دوائون وقت تي کاڌيون اٿئي يا نه هن مهل ڇا پئي ڪرين. اڪيلي ته ڪانه ٿي آهين..... ڪڏهن گهنج وجهي نه ڳالهائين.جڏهن به سڏ ڪندو هو ته شمعون راڻي چئي سڏ ڪندو هو. اولاد جي نه هئڻ جو احساس اڃان مونکي ٿيندو هو پر پاڻ چوندو هو ته جيڪا شي نصيب ۾ ئي ڪانهي اُن جو ڏک ڪرڻ اجايو آهي. پاڻ اهو به ٻڌائين ته اسان زال مڙس گهٽ پر دوست وڌيڪ هئاسين. جنهن ڏينهن آخري دفعو طارق اشرف ڪراچي لاءِ روانو ٿيو ته پاڻ ٻڌايائين ته اُها رات اسان کي چئين بجي تائين ننڊ ڪانه آئي. طارق اشرف اهو پئي چيو ته جت امان پوريل آهي ات قبرستان ۾ سم جو پاڻي گهڻو اچي ويو آهي. ڀلا جو مان مري پوان ته مون کي ڪٿي دفن ڪندؤ. مان امان جي ڀرسان سمهڻ ٿو چاهيان. اُن تي مان چيو مانس ته تون اڄ موت جون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين الله ڪندو پهرين مان ويندس ته پوءِ تون ويندين. طارق اشرف ان ويل جواب ۾ چيو اهو ته فيصلو ٿي چڪو آهي پهرين آءُ ويندس ان کان پوءِ تون مان سندس ڳالهين کان پريشان ٿي پاسو مٽائي سمهڻ لڳس ته چوڻ لڳو بي وفا تو به منهن موڙي ڇڏيو...... اڄ اهو طارق پاڻ بي وفا ٿي مون کي اڪيلو ڪري ويو آهي..... ايتريون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڏک ٻڌم. اُهو ڏينهن به طارق اشرف جي ٽيجهي جو هو....انسان جي مري وڃڻ سان، هيءَ دنيا ڇڏي وڃڻ سان ڪيتريون تبديليون اچن ٿيون. اڄ طارق اشرف جسماني طور اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس وجود جو احساس هر وقت هر هنڌ محسوس ٿيندو رهندو. اديب جي قلم ڪاري ڪُل ڪائنات اُن جو قلمي پورهيو هوندو آهي. طارق اشرف جنهن زندهه اديبن کي زندهه جاوان ڪيو هو. هاڻ ٿيڻ ائين کپي ته سهڻيءَ طرفان سندس لاءِ به اهڙوئي شاهڪار ادبي نمبر شايع ڪيو وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ سهڻيءَ کي باقاعدگيءَ سان شايع ٿيڻ گهرجي. طارق اشرف جي لکيل ڪتابن ۽ سهڻيءَ جو پورو سيٽ گڏ ڪري سنڌ الاجي ۾ محفوظ ڪيو وڃي.... سندس اڌ ۾ ڇڏيل ۽ اڻ ڇپيل مواد کي گڏ ڪري ڇپايو وڃي..... هي سڀ اهي اهم مسئلا آهن جن تي فوري توجه ڏيڻ ضروري آهي. موت ته وڏو بي رحم آهي پر اسان کي وقت کي جهلي، ڇڏي وڃڻ وارن جون نشانيون محفوظ رکڻ کپن. طارق اشرف جو ڏک رڳو ان جي گهرڀاتين جو نه آهي اسان سڀني جو آهي.

آچر 3 مئي 1992ع