پنهنجائپ ۾ مليل سزا
سنڌي قوم انهن خوش قسمت قومن مان آهي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي به آهي ته پنهنجي ٻولي به. ڌرتي به اهڙي ڌرتي جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ٻولي به اهڙي ٻولي جنهن جي تاريخ صدين تائين ڦهليل آهي. سنڌ جي ڌرتي ۽ اتان جا ماڻهو صدين کان وٺي سڄاڻ، علم وارا، محنتي رهيا آهن. موهن جي دڙي جي حقيقت کان وٺي ويندي اڄ تائين ٿوري گهري نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ مٿان ڇانيل ڪارا ڪڪر، هي افراتفري، هي علم ۽ شعور ي گهٽتائي، هي خواه مخواه جون ابتيون سبتيون ڳالهيون، گذريل ٽن چئن صدين کان ڦهليل آهن. بجاءِ ان جي جو ان ۾ ڪمي اچي، روزبروز ان ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي. بجاءِ ان جي جو سنڌي قوم پنهنجو بچاءُ ڪري، مزاحمت ڪري يا وري شيطاني قوتن سان مقابلو ڪري، افسوس جو مقام آهي ته هيءَ قوم نه صرف ٻاهرين کان موچڙا کائي رهي آهي، پر ان ۾ اندروني ٽوڙ ڦوڙ ۽ ٻڌي ايڪي جي نه هئڻ ڪري هي قوم آهستي آهستي هڪ ڌٻڻ ۾ دٻجي رهي آهي.
هي محنتي، علم، شعور واري قوم، آخر هن تباهي جي ڪناري تي ڇو ۽ ڪيئن پهتي؟ هن سوال جا انيڪ جواب آهن. ها پر هڪ مضبوط سهل ۽ سمجهڻ وارو جواب هي آهي ته سنڌي قوم دل جي کوٽي نه آهي پر نيت جي صاف ۽ معصوم آهي، ان ڪري ئي هن قوم کي هر ڌاري قوم نقصان پهچايو آهي.
پري نه وڃو، ويجهڙ جي ڳالهه ئي وٺو، اڄ کان چاليهه سال اڳ اسلام جي نالي، ڀائپي جي نالي، بليڪ ميل ڪيو ويو. جڏهن ٻين صوبن جي رهواسين پنهنجا ايئرپورٽ ۽ ريلوي اسٽيشنون بند ڪري ڇڏيون هيون، آيلن جون ڀريل ٽرينون ۽ بسون پنهنجي سرحدن تان موٽائي ڇڏيون هيون، تڏهن هتان جي ماڻهن نه صرف پنهنجي صوبي جون سرحدون پر دل ۽ اکين جون سرحدون به کولي ڇڏيون. دماغ کي برف وانگر ڄمائي اکين تي ڪارا کوپا چاڙهي ڇڏيائون. بس سائين اها ئي وائي وات ۾ “اسان جا مسلمين ڀائر ويچارا سٽجي ڪٽجي آيا آهن، ات هندستان ۾ نه انهن جون جانيون محفوظ هيون نه وري عزتون، هاڻ ويچارا اهي مسلمان ٿيلهجي ڌڪجي هت آيا آهن انهن جي سک چين لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو وڃي.”
ڪيڏيون نه ڪوتاهيون ڪيون هن قوم، ڪيترا نه غلط فيصلا ڪيا هئا اسان جي وڏن مسلماني واري جذبات وهڪري ۾، هو سڀ ڪجهه وساري ويٺا. ٻاهران آيلن سنڌ کي فتح ڪو نه ڪيو هو. ٻاهران آيل گروه هت پناه وٺڻ آيو هو، حڪومت ڪرڻ نه، پر اسان جا وڏا، جيئن مان مٿي به لکي آئي آهيان، نيت جا صاف هئا، انهن جذبات ۾ اچي، مُسلماني پٺيان غلط فيصلا ڪري. انهن نه صرف گهر ۽ زمينون انهن جي حوالي ڪيون پر پنهنجي ٻولي پنهنجي تهذيب جو به ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ٻاهران آيل هڪ گروه جنهن کي همدردي طور قبول ڪيو ويو، ان جي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي بڻايو وڃي، انهن جا شاعر ۽ اديب قومي شاعر ۽ اديب ٿين. اها ايڏي وڏي ڪوتاهي سنڌي ماڻهن ڪئي آهي جنهن جو ڪو حساب ئي ڪونهي. بنگالين وري به ٿوري اک پٽي انهن يڪدم هاءِ گهوڙا ڪئي ۽ پهنجي ٻوليءَ جو، پنهنجي تهذيب جو حق وڙهي وٺي ويهي رهيا. سنڌين جي ڪيل ڪوتاهين جو انت وڃي اهو بيٺو آهي ته هاڻ هر ڳالهه ۾ ڪفر ۽ غداري جا الزام لڳايا وڃن ٿا، هتان جا اصل رهواسي جيڪي صدين کان وٺي هت رهن پيا، هو ڪٿان آيا ڪيئن آيا پر هو سڀ هتان جهڙن ماڻهن جا ٿي ويا، انهن لاءِ ٻي ڪا واٽ يا رستو ئي ڪونهي، انهن کي هر وقت غدار ۽ ڪافر جو لقب ڏنو ٿو وڃي. هي مثال ئي وٺو: بهاري، جيڪي بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ رهن پيا جن موجوده پاڪستان، جيڪو چئن صوبن تي ٻڌل آهي، ان کي ڏٺو به ڪونهي، ات پير به ڪو نه پاتو آهي، انهن کي اها خبر نه آهي ته هتان جون گهٽيون هتان جا شهر ڪهڙا ۽ ڪٿي آهن، اهي سڀ محب وطن ۽ پاڪستان جا اصل وارث سڏيا ٿا وڃن، باقي اهي ماڻهو جن جو هن ڌرتي سان ازل جو رشتو آهي، جن لاءِ ٻي ڪا واه، رستو يا زمين آهي ئي ڪو نه انهن سڀ کي بڇڙو ۽ غدار ڪوٺيو ٿو وڃي.
پاڪستان جيڪو چئن صوبن تي ٻڌل آهي. انهن مان سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن جي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت سڀني کان مٿڀري ۽ تاريخي آهي. ڪڏهن عربي زبان کي اسلامي ۽ مذهبي زبان چئي هتان جي ماڻهن جي مٿان مڙهي ويو، ڪڏهن فارسي زبان کي عزت مان واري زبان ڪوٺي، “فارسي گهوڙي چاڙهسي” چئي هتان جي ماڻهن مٿان مڙهيو ويو. انگريزن کي عقل گهڻو هو. هو سمجهدار هئا ان ڪري انهن پنهنجي زبان رائج ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي زبان کي به ترقي ڪرائي ۽ اهميت ڏني. هو گڏيل هندستان مٿان قابض هئا، انهن ۾ ڪيتريون ئي خاميون به هيون، پر ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته انهن جت به حڪومت ڪئي اتان جي ڌرتي اتان جي رهواسين جي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب ۾ به دلچسپي ورتي.
هي اهو واحد گروه آهي جيڪو هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي پنهنجو سمجهي ئي نه ٿو ۽ ان هوشيار گروه شروع کان وٺي پنهنجا پير ايترا ته پختا ڪيا آهن جو هاڻ انهن کي لهر نه لوڏو. جيئن ته هن ڌارئي گروه جو گهڻو تعداد هت سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو آهي، ان ڪري ئي سنڌين لاءِ مسئلا پيدا ٿيا آهن.جيڪڏهن هي سڀ ماڻهو چئني صوبن ۾ ورهائجي وڃن ها ته شايد ايترا مسئلا پيدا نه ٿين ها. هي ماڻهو پاڻ کي پاڪستان جو مهندار ۽ ٺاهڻ ۽ قربانيون ڏيڻ وارا ڪوٺين ٿا. اهي سڀ احسان هو سنڌ جي ماڻهن تي ٿا جتائين پيا. ٻين صوبن لاءِ انهن کي ڪجهه چوڻ جي نه همت آهي نه طاقت. ها باقي رهيا ويچارا سنڌي تن تي هر وقت هلان آهي ته اسان توهان کي ٺاهيو، اسان توهان کي عزت ڏياري، اسان توهان جاهلن کي علم سيکاريو، اسان توهان کي کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ وغيره وغيره سڀ ڪجهه سيکاريو.
انهن لاءِ پاڪستان صرف سنڌ ۾ آهي. سنڌ ۾ به صرف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر انهن لاءِ پاڪستان آهي. اتان جا رهواسي ئي صرف انسان آهن. باقي ٻيا سڀ انهن لاءِ جانورن کان به بدتر آهن. انهن جي لهجي مان محسوس ٿيو آهي ته حقيقت ۾ سنڌ نالي هڪ صوبي جو وجود ئي ڪو نه هو. جڏهن انهن ات هندستان ۾ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا ته هت ڌرتي ڦاٽي پئي ۽ ان ڦاٽل ڌرتي مان خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ٺهيل ٺڪيل حالت ۾ گڙ ڳڙ ڪندا ٻاهر نڪري آيا. يا وري ائين به محسوس ٿي رهيو آهي ته هي جڏهن هت آيا هئا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي بغل ۾ وجهي کڻي آيا هئا.
ان گروهه کي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان سان ڪا دلچسپي نه آهي. هنن انهن صوبن انهن ماڻهن لاءِ به مسئلا کڙا ڪيا آهن جيڪي هت وڏن شهرن م رهن ٿا. ٻين صوبن جا ماڻهو حقيقت ۾ سنڌي قوم کان وڌيڪ همت ڀريا آهن هو کسي کائين ٿا ۽ وڙهي وٺن ٿا.
هي تازي ڳالهه آهي، رياض ٽاٽا جيڪو پنجابي سرمائيڪار آهي، ان آل پاڪستان پنجابي اتحاد جي عيد ملن پارٽي ۾ چيو ته “پنجابين کي پنهنجي گهر ۾ پنجابي ڳالهائڻ کپي ڇو ته پنهنجي مادري زبان ۾ ئي انسان پنهنجي دل جي صحيح ترجماني ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻه پنجابي اردو ڳالهائين ٿا ته معنيٰ هو غلط بياني کان ڪم وٺن پيا سي پنجابي قوم جا غدار آهن.”
بس سائين ٿيو وري ڇا، هاءِ گهوڙا مچي وئي ته رياض ٽاٽا غدار آهي، ان قومي زبان جي بيعزتي ڪئي آهي، ان تي ڪيس هلايو وڃي. بيانن جي مٿان بيان ڇپيا جواب جي ايڏي ڀرپور همت ڪئي رياض ٽاٽا ۽ نذير ڪهوٽا، اصل وڻ وڄائي ڇڏيا. انهن چيو ته “پنجابين کي پنهنجي گهر ۾ پنجابي ڳالهائڻ کپي ڇو ته پنهنجي مادري زبان ۾ ئي انسان پنهنجي دل جي صحيح ترجماني ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻه پنجابي اردو ڳالهائين ٿا ته معنيٰ هو غلط بياني کان ڪم وٺن پيا ۽ اها غلط بياني ڪوڙ جهڙي آهي.” ان اهو به چيو ته “جيڪي پنجابي پنهنجي گهرن ۾ اردو ڳالهائن ٿا سي پنجابي قوم جا غدار آهن.”
اُنهن هڪ ٻيو بيان به ڪڍيو، انهن چيو ته “پنجابين جي زبان پنجابي آهي اردو نه . . . پناهگيرن جو بيان ست ڪروڙ پنجابين جي توهين آهي. اردو کي ڇڏڻ يا اردو کي پنهنجو ڪرڻ پنجابين جو داخلي معاملو آهي ان ۾ ڪير ٻيو داخل اندازي نه ڪري . . .” انهن اهو به چيو ته “غداري جو مقدمو انهن ماڻهن تي هلايو وڃي جيڪي ٻائيتاليهن سالن ۾ پاڪستان جي زبانن جو استحصال ۽ قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهن.” هي جواب ملڻ کان پوءِ گذريل ٻن ڏينهن کان ماٺار آهي. ڪو به نئون بيان نه آيو آهي. سائين منهنجا چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. جيڪي پنهنجي حقن لاءِ وڙهن ٿا قدر به انهن جو آهي ته عزت به انهن جي.
اسان سنڌين جو حال وري ڪهڙو آهي. مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ. الله جي به اهڙي لعنت پيل آهي اسان سنڌين مٿان جو مرون پيا، ڪسجون پيا، تباه برباد پيا ٿيون، سڀ ڪجهه سمجهون به ٿا پر پاڻ ۾ ٻڌي نه آهي. سنڌ جي نالي پٺيان سنڌ قوم جي نالي پٺيان رت ته رئون ٿا پر گڏجي نه ٿا سگهون. سڀ ڪنهن جي الڳ واٽ، سڀ ڪو هڪ ٻئي کان پري. جڏهن بهارين جي خلاف مظاهرن جو پروگرام ٺاهيو ويو ته به الڳ الڳ. سڀ ڪنهن الڳ تاريخن جو اعلان ڪيو. فائدو ڇا ٿيو؟ نه صرف ايترو ته ڇڙوڇڙ ڪيل مظاهرن جو ڪو کڙتيل نه نڪتو پر حالت اها ٿي جو ڪا زوردار خبر ئي نه ڇپي.
هاڻ تازو پاڻي جي ٺاهه ۽ ٻين مسئلن تي به سڀني پارٽين الڳ الڳ پروگرام ٺاهي تاريخن جو اعلان ڪيو آهي. اڄ ممتاز ڀٽو ٿو ڪري، سڀاڻي جيئي سنڌ وارا ڪرائيندا، پرينءَ پليجو . . . اهو ته گڏجي سڏجي پاڻ ۾ ويهي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪجهه به نه ڪندا.
آخر اهو به ڏينهن ايندو (انشاءالله ضرور ايندو) هي ڏتڙيل ۽ پريشان قوم سڀني سنڌي ليڊرن جي مٿان ڪاهي پوندي. سڀ حساب ڪتاب وٺندي انهن کان جيڪي پنهنجي انا ۽ خود غرضي پٺيان هن قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ويٺا آهن.
19 مئي 1991ع